سنڌ سرڪار کي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي

سنڌ سرڪار کي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي

خيال کتري
سنڌ سرڪار طرفان سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان بي انتها بيواجبين جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تناسب، ملازمن ۾ بي چيني وڌائيندي پئي وڃي. جنهن جي رد عمل ۾ سموري سنڌ جي سڀني سرڪاري کاتن جي ملازمن جا جتي ڪٿي هر روز احتجاج ۽ بک هڙتالون ٿي رهيون آهن. پر سنڌ سرڪار جي ڪن تي جون ئي نٿي سُري. ان جو ڪارڻ ته الائي ڪهڙو آهي؟ جو هيڏن وڏن احتجاجن، هڙتالن، جلوسن، ڌرڻن جو ڪو مثبت اثر ڪنهن به ذريعي سان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ايستائين جو 23 سيپٽمبر 2025ع کان مڪمل سرڪاري ڪاروهنوار جي تالا بندي ڪئي ويئي آهي. جنهن کي اڄ ڏھ ڏينهن گذري چڪا آهن. پر سنڌ سرڪار پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي پئي اچي. ته “مين نه مانون”.سنڌ جي احتجاجن جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته سواءِ ٻٻر لوءِ واري ڌرڻي جي ڪٿي به اهڙو احتجاج نظر نٿو اچي، جيڪو هڪ منظم نموني ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي چڪي هئي. ان کان بعد هي سرڪاري ملازمن جي احتجاجي تحريڪ آهي، جيڪا سنڌ ايمپلائيز الائنس جي نالي سان منظم طور اڀري نروار ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي سڀني سرڪاري کاتن جي ملازمن جي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد جي جھلڪ نظر اچي رهي آهي. جيڪا وقت جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار پنهنجي مفادن کي ماڻڻ لاءِ يا پنهنجي بين الاقوامي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ پينشن ۾ هڪ وڏو ڪٽ هڻي ملازمن جي ٻچن جو نه رڳو سُک کسيو آهي. پر انهن جون پنهنجيون گڏ ڪيل رقمون پڻ هڙپ ڪيون وڃن پيون. جن ۾ ڊي آر اي الائونس جيڪو ٽن صوبن کي سواءِ سنڌ صوبي جي  ڏنو ويو آهي، گروپ انشورنس جي رقم جيڪا پڻ ٻين صوبن جي ملازمن کي رٽائر ٿيڻ تي ڏني وڃي ٿي، بينيولنٽ فند، پگھارن جو مختلف کاتن جي ملازمن ۾ تفاوت، الائونسن ۾ فرق وغيره.اهڙين حالتن ۾ سنڌ صوبي جو سرڪاري ملازم پاڻ کي غير محفوظ سمجھندي، ميدان احتجاج ۾ لهي پيو آهي. اڃان تائين تعلقن، ضلعن ۽ ڊويزنن جي سطح تائين وڏيءَ اڪثريت سان ڪامياب رڪارڊ ٽوڙ احتجاج ٿي چڪا آهن. انهن کي ڏسي چئي سگھجي ٿو، ته احتجاج پنهنجو رنگ ڏيکاريندا. پر سنڌ سرڪار صفا نابري واري ويٺي آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو صدر پڻ اهڙي پريس ڪانفرنس ڪري چڪو آهي، ته سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن مان ڪابه ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. انهن کي اهڙي ئي نموني پينشن ادا ڪئي ويندي، جهڙي نموني هن کان اڳ سرڪار ملازم کڻندا هئا. جنهن کي به چار ڏينهن گذري چڪا آهن. پر اڃان تائين ڪوبه پينشن ۾ ڪٽ ڪرڻ واري نڪتل نوٽيفڪيشن جي رد ۾ ڪوبه ترديدي نوٽيفڪيشن نه ڪڍيو ويو آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي، ته سنڌ سرڪار تي پيپلز پارٽيءَ جي سربراھ کان به وڌيڪ ڳرو ڪو بار پيل آهي. جنهن جي ڪري محترم بلاول جي پريس ڪانفرنس جو به ڪو اثر پڌرو ٿي نه سگھيو آهي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي مستيءَ ۾ مگن لڳي پيئي آهي.سنڌ صوبي جي سڀني کاتن جي ڪاروهنوار بند ٿي وڃڻ جو به ڪو سرڪار کي ارمان ڪونھي. عوام ڀلي لوڙهي ته پيو لوڙهي. نه ان کي تعليمي ادارن جي بند هئڻ جو ڪو اثر ٿي رهيو آهي، نه اسپتالن جي ڪم روڪڻ جو ڪو خيال ٿي رهيو آهي. ته بيمار ماڻھن جو ڇا ٿيندو! بس سرڪار کي پنهنجي انا پياري آهي. ڪير مري ڇو ٿو؟ ڪير جئي ڇو ٿو! ان سان ان جو ڪو سروڪارئي ڪونھي.سنڌ ايمپلائيز الائينس مجبور ٿي ڇهين آڪٽوبر 2025ع تي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي هر کاتي مان لکين ملازم شريڪ ٿيندا. جيڪو مذڪوره ڄاڻايل مسئلن جا نوٽيفڪيشن نه نڪرڻ تائين جاري رهندو. واضح هجي ته هيءَ رڳو ڳالھ نه پر هڪ حقيقت آهي. جنهن جا ثبوت مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ روزاني جي بنيادن تي احتجاج ڏيئي رهيا آهن. انهن احتجاجن ۾ مذڪوره ميگا پروٽيسٽ لاءِ ذهني نشونما جاري آهي. جيڪا پنهنجو رنگ ڏيکاريندي، ڪراچيءَ جهڙي بين الاقوامي شهر ۾ لڳي، سموري دنيا ۾ سنڌ سرڪار جي پسوري ظاهر ڪندو. ان سان نه رڳو سنڌ سرڪار جو نالو خراب ٿيندو. پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو گراف پڻ ڪرندو. جيڪا عوامي پارٽي آهي. سا مستقبل ۾ خواص جي پارٽيءَ ۾ بدلجي سگھي ٿي. اهڙو گمان ڪرڻ بجا آهي. ۽ اهو به ممڪن آهي ته هن وقت جيڪا پارٽي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ طور ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. سان مستقبل ۾ ننڍي ۾ ننڍي پارٽيءَ جي صورت اختيار ڪري سگھي ٿي. هيءَ ڳالھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي سوچڻ ضرور گھرجي.سنڌ جا ملازم پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت مان اميد ڪن ٿا ته هو هن سنگين معاملن تي نظرثاني ڪن ۽ سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان ٿيندڙ موتمار ويڌن کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پنهنجي ملازمن جي جياپي کي محفوظ بنائين ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي وجود کي پڻ جوکي ۾ پوڻ کان بچائين. 

پهنجو تبصرو موڪليو