گل سيوھاڻي
سنڌ سرڪار جي جيڪا گذريل 17 سالن کان ڪارگذاري رھي آھي اھا انتھائي مايوس ڪن ۽ دل ڏکوئيندڙ رھي آھي،سرڪار جي ڪل حڪومتي مدي ۾ جيڪا ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آھي ان جو ماضيء ۾ مثال نٿو لڀي،پٽيوالي کان چوڪيدار جي ڀرتيءَ کان وٺي ڪلارڪ کان اسٽينٽ جي ڀرتي تائين اسٽينٽ کان گذيٽڊ جي پوسٽ واري ڪميشن تائين واري پوسٽ ۾ جيڪا ميرٽ جي خوب لتاڙ ڪئي وڃي پئي ان ميرٽ جي لتاڙ سبب حقدار کي پنھنجو حق نٿو ملي،جيڪو مسڪين جو ٻار رات ڏينھن محنت ڪري ڪميشن جي امتحان ۾ ويھي ٿو نتيجي ۾ اھو ناڪام ٿي وڃي ٿو مگر ان جي جاء تي جيڪو وڏيري ڀوتار پير مير شاھ ۽ شاھوڪار جو ٻار ھجي ٿو انلاء ميرٽ ھڪ ته لکين روپيا رشوت ۽ ٻي سياستدانن جي اھا چٺي پرچي آھي جيڪا وزير مشير وڏو وزير ۽ ٻيو حڪومتي ڪرتو ڌرتو ھٿ ۾ کنيون ڪميشن جي اڳواڻن سان ملڻ ۾ مصروف ھجي ٿو ۽ ان جوئي اميدوار ڪميشن پاس ڪري مان گزيٽڊ ۽ گزيٽڊ واري پوسٽ حاصل ڪري ٿو ستم ظريفي ته اھيا به ڏسڻ ۾ آئي آھي ته ھڪ ئي خاندان جا ھڪ کان وڌيڪ اميدوار ڪميشن جي امتحان ۾ ويھن ٿا ۽ اھي سمورا اميدوار ڪميشن پاس ڪري نان گزيٽڊ ۽ گزيٽڊ جي پوسٽ حاصل ڪن ٿا جنھن ۾ اڪثر بين الصوبائي اميدوار به شامل ھجن ٿا جيڪي پڻ سنڌ جو ڊوميسائل رکڻ وارن اميدوارن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ھتان گزيٽڊ جي پوسٽ حاصل ڪن ٿا اھڙن بين الصوبائي غير سنڌي اميدوارن کي به سنڌ سرڪار جي ڪرتن ڌرتن جو آشيرواد حاصل ھجي ٿو جيڪي پنھنجي ووٽرن جو حق ماري رشوت عيوض اھڙن بين الصوبائي ماڻھن کي سنڌ اندر گزيٽڊ پوسٽون ڏين ٿا،اھيوئي سبب آھي جيڪو غريب جو ٻار آھي ۽ ھوشيار ٻار ھجي ٿو جيڪو رات ڏينھن محنت ڪرڻ جي باوجود ذھني آزمائش واري ڊوڙ کان ٻاھر ٿيندي نا اميد ۽ مايوس ٿي خد ڪشيون ڪري ٿو يا وري ڪاٺ واري ننڍڙي موچين واري پيتي ڪلھي ۾ وجھي جتيون ڳنڍي بوٽ پالش ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور ھجي ٿو،سنڌ اندر گذريل 17 سالن کان ڪنھن ھڪ به مسڪين جي ٻار کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪري ڪون ملي آھي اھڙن مسڪينن ماڻھن جي ٻارن کي بانور ڪرائڻ لاء اوھان ڏٺو ھوندو ته سوشل ميڊيا،پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ھڪڙي پروپئگنڊا مھم ھلائي ويندي آھي جنھن ۾ اميدوارن جي تصويرن نسلن ذاتين سان اشتھار ۽ خبرون هلايون وينديون آھن ته فلاڻي ھاريء جي ٻار فلاڻي موچيء جي ٻار ۽ فلاڻي پٽيوالي چوڪيدار جي ٻار ڪميشن پاس ڪري گزيٽڊ واري نوڪري ماڻي آھي مگر حقيقت ان جي برعڪس ھوندي آھي ويچارو مسڪين جو ٻار ميرٽ تي لھندڙ روزگار ته ڇا مگر ھو پٽيوالي چوڪيداري ۽ ڪلارڪيء کان به محروم ھوندو آھي،سنڌ سرڪار ھڪڙو ميڪنيزم جوڙي ڇڏيو آھي جنھن جو باني مفاھمت جي بادشاھ کي سمجھيو ويندو آھي اھو اھيو آھي ته کائو کارايو ۽ جھل نه ڏيو شايد ان پاليسيءَ تحت آئي بي اي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪم ڪري رھيون آھن ھنن ڪميشن ۾ چيئرمين کان ميمبر تائين جو ھڪ ھڪ ماڻھون بہ ميرٽ جي لتاڙ ڪري ڀرتي ڪيو ويو آھي جنھن ۾ پنھنجو ذاتي ماڻھون پوء ڀلي اھو ريٽائرڊ ڪامورو ھجي يا حاضر سروس شخص ھجي اھو شامل ڪيو ويو آھي اھو ان بنياد تي ان ڪميشن ۾ شانل ھجي ٿو ته ھو سنڌ سرڪار جو يس مين ٿي رھندو سنڌ سرڪار جو جيڪو ڪرتو ڌرتو ھوندو اھو ان کي چوندو ته گڏھ کي گابو ڄائو آھي چئو ته اھو بلڪل چوڻ جو پابند ھوندو مطلب ڪنھن کي ڪميشن ۾ پاس ڪرڻون آھي ڪنھن پاس ناھي ڪرڻون ڪنھن کي ڪيترا نمبر ڏئي سڻڀي پوسٽ تي رکڻون آھي ڪنھن کي ڪيترا نمبر ڏئي اڻڀي پوسٽ تي رکڻون آھي اھيو سنڌ سرڪار پاران ملندڙ چٺيء موجب کيس عمل ڪرڻون پوندو اھڙي طرح جنھن سنڌ پبلڪ سروس جو مورال ۽ نالو ھوندو ھيو اھا ڪميشن محض ھاڻي ھڪ اتر سنڌ جي ھڪ جرڳي جھڙي ڪميشن بڻجي وئي آھي جيڪا ڏاڍو سو گابو واري پاليسي اختيار ڪندي ميرٽ جي انڌا ڌنڌ لتاڙ ڪري رھي آھي،ھن وقت ڪافي آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ بيروزگار نوجوان اميد تي قائم ويٺل آھن ته کين سنڌ سرڪار نتيجن مطابق پاس اميدوارن کي ميرٽ تي نوڪريون فراھم ڪندي جيڪي اميدوار گذريل ٽن سالن کان آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪيو انتظار پيا ڪن،جڏھن ته سنڌ سرڪار جي کائو ۽ کارايو واري پاليسي ڏسجي ٿي جنھن ۾ جيڪي پارٽيء جا روڊ پتي معمولي ڪارڪن ورڪر ۽ عھديدار ھوندا ھيا اھي به ارب پتي بڻجي ويا اھڙي طرح چونڊيل نمائندن کي ڏسندو جيڪي معمولي ڪائونسلر ھيا يا وائس چيئرمين چيئرمين ھيا اھي به نوٽن سان رانديون پيا ڪن وڏين وڏين گاڏين تي سفر پيا ڪن سندن ڇڙواڳ اولاد به عياش جي زندگي بصر پيو ڪري مگر جن جي ووٽن تي چونڊجي ھو ڪائونسلر وائس چيئرمين ۽ چيئرمين ايم پي اي ايم اين اي چونڊجي ويا آھن انھن ووٽرن کي نه پٽيوالي چوڪيداريء جي نوڪري ٿي ڏني وڃي نه وري انھن لاء ڪا سستائي ڪئي ٿي وڃي جو ھو ٻہ ويلا پيٽ ڀري ماني کائي سگھن اوھان ميرٽ جي لتاڙ صرف نوڪرين ۾ ڏٺي آھي مگر ميرٽ جي لتاڙ جيڪا ڪائونسلرن وائس چيئرمين ايم پي ايز،ايم اين ايز،سينيٽرز ۽ صلاحڪاري ۽ وزارت ۾ ٿئي ٿي اھا ڪون ڏٺي آھي ھتي به پارٽيء جي ڪرتن ڌرتن کي اوتروئي حصو ڏنو ويندو آھي جيترو ھنن جو پارٽي ۾ مان مرتبو ھوندو آھي جن ماڻھن جو پارٽيء ۾ نه ڊول نه چمٽو ھيو مطلب جن ماڻھن جو پارٽيء سان پري پري جو واسطو به نه ھيو انھن ماڻھن کي پارٽيء جو يوسي،ٽائون،تعلقي ۽ ضلعي جو اڳواڻ بڻايو ويو جيڪي ماڻھون پنھنجي گھر ڀاتين جا ووٽ به حاصل ناھن ڪري سگھندا انھن ماڻھن کي پارٽيء جون ٽڪيٽون ڏئي ڪائونسلر کان وائس چيئرمين چيئرمين ايم پي اي،ايم اين اي،سينيٽر چونڊرايو ويو ڇو جو مفاھمت جي بادشاھ سان اھڙن ماڻھن جي ڪمنٽمينٽ ٿيل ھوندي آھي ته ھو چونڊجڻ کان پوء ملندڙ بجيٽ جو اڌ حصو پارٽي فنڊنگ ۾ جمع ڪرائيندا جيڪو اڻ سڌي طرمفاھمت جي بادشاھ ۽ ان جي خانداني فردن جي حصي ۾ ويرھايو ويندو آھي اھڙي طرح سڻڀين سڻڀين وزارتن ۾ به وڏي پئماني تي ميرٽ جي لتاڙ ڏٺي وئي آھي اوھان ڏٺو ھوندو ته اڪثر اھڙن ماڻھن کي سڻڀيون سڻڀيون وزارتون ڏنيون ويون آھن جيڪي پارٽي اڳواڻن جا بوٽ پالش ڪرڻ ۾ مھارت ۽ پرس کڻڻ ۾ وڏي فرمانبرداري ڏيکاريندا آھن پوء ڀلي ان سڻڀين وزارتن حاصل ڪندڙن وٽ نه تعليم ھجي نه عقل و فھم ھجي نه اھليت ۽ قابليت ھجي انھن وٽ ميرٽ اھيا آھي ته ھو سٺا بوٽ پالش ڪن ٿا ۽ پرس کڻي اڳيان پويان خوب فرمانبرداري ڪن ٿا انکان علاوه ھو قومي بجيٽ مان ايمانداريءَ سان اڌ کان وڏو حصو پارٽي فنڊنگ ۾ جمع ڪرائن ٿا وزارتن ۾ ميرٽ جي لتاڙ جو سبب جيڪو سامھون ڏسڻ ۾ آيو آھي اھو اھيو ته ادارا مڪمل تباھ و برباد ٿيندا پيا وڃن لاقانونيت جي انتھا ٿي چڪي آھي ھتي جيڪو ڏاڍو سوئي گابو آھي جيڪا صورتحال سنڌ اندر روزاني رپورٽ ٿي رھي آھي ڪاش وزارتون ۽ صلاحڪاريون به ميرٽ تي ڏنيون وڃن ھان ته ٿي سگھي ٿو ته پوء مورو جھڙن واقعن کي ڏسڻون نه پوي ھان برک سياستدان اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ کي ڪوڙن ڪيسن کي منھن نه ڏيئڻون پوي ھان معمولي ورڪر جيڪو ڪنھن زماني ۾ مفاھمت جي بادشاھ جي اکين جو تارو ھيو اھو اسماعيل ڏاھري ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن جو سختيون ڪون سھي ھان سنڌ اندر پوليس ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪون ڪري ھان اھڙي طرح ميرٽ جي لتاڙ جو ٻيو وڏو مثال سنڌ جا درس گاھ آھن جتي تعليمي عملدار ٻارن کي چون ٿا ته سنڌ سرڪار غريب ٿي وئي آھي انلاء پراڻان ڪتاب ڦٽي ڪرڻ بدران اسڪولن جي ماسترن وٽ جمع ڪرايو ته جئين اھي ٻين شاگردن کي نون ڪتابن جي جاء تي ڏنا وڃن اھڙي طرح اسپتالن جو بہ اھيو حال آھي جيڪي ھنن مختلف اين جي اوز کي ٺيڪي ۾ ڏئي ڇڏيون آھن اتي ھاڻي نه اسٽاف مڪمل آھي نه وري اتي مٿي پيٽ جي سور جي گوري دستياب آھي ايمبولينسز جي جاء تي مريض ۽ لاش گڏھ گاڏن تي کنيان پيا وڃن اھيا آھي سنڌ ۾ وزارتن جي ميرٽ تي ڀرتي ۽ انھن وزيرن مشيرن جي ڪارڪردگي اھڙي طرح سنڌ جو ھر ادارو ميرٽ جي لتاڙ ڪري پنھنجي ابدي موت مري رھيو آھي جيستائين موجوده سنڌ سرڪار جون ميرٽ تي لتاڙ واريون ڪاروايون جاري و ساري رھنديون تيستائين حقدار جي حق ڪڏھن به نه ملندا ھاڻي اوھان ئي ٻڌايو ته ھن ساري ميرٽ جي لتاڙ ۾ جيڪو حقدار آھي اھو ڪيڏانھن وڃي متاثره عوام وٽ واحد ادارو ھيو ملڪ جون عدالتون جيڪي پڻ من پسند ترميمن جي ڪري ھنن ڪرتن ڌرتن پنھنجي ماتحت ڪري ڇڏيون آھن قانوني ماھرن موجب ھن وقت جون عدالتون محض ھڪ جرڳو بڻجي چڪيون آھن جتي من پسند منصفن کي مقرر ڪري من پسند فيصلا ورتا پيا وڃن ٻڌايو ته پوء ھن سنڌ ھن رياست جو عوام باقي ڪنھن در دانھن کڻي وڃي بس سنڌ ۽ رياست جو عوام موجودہ نظام مان تنگ ٿي ڌڻيءَ در دعاڳو آھي ته ڪئين به ڪري ڪھڙي طرح به ھن ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ حڪومتن مان سندن جند آذاد ٿئي آمين.










