سنڌ جي ٻن چيفس لاء ھڪ ٽيسٽ ڪيس

سنڌ جي ٻن چيفس لاء ھڪ ٽيسٽ ڪيس

رحمت الله ٻرڙو
چيف سيڪريٽري سنڌ کي کپي ته اڪثر طور سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ لاء ورتل ڪمرشل بينڪن کان قرض رشوت جي زمري ھيٺ استعمال ٿئي ٿو.اوھان اعلي عھدي تي ويھي اھو عوامي فرض سمجھندي جاچ ڪرايو ته فقط گذريل گذريل ڏھن سالن اندر ڪيترو ڪمرشل بينڪن کان قرض ورتو ويو ۽ ان جي واپسي ڪيئن ٿي ته فقط ۽ فقط ھن اداري جي ھن مد ۾ ٿيندڙ ڪرپشن وائکي ٿي پوندي!! ان ۾ ملوث ڪردار سامھون اچي ويندا،اڪثر طور جيڪو ان مد ۾ ڳٺ جوڙ ٿئي ٿو ته ان ۾ سيڪريٽري فوڊ کاتو،ڊائريڪٽرز کان ويندي فوڊ انسپيڪٽرز،ڊي ايف سيز ۽ پروڪرومينٽ سيڪشن جا زميوار ملوث رھيا آھن.
بحيثيت چيف سيڪريٽري سنڌ اوھان کي ھن وقت اھو ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي جو چيف منسٽر سنڌ اوھان کي سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري طور رکرائڻ ۾ خاص دلچسپي رکي آھي ته جيئن ھن کي ڪم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي،چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ چيف منسٽر سنڌ جا عھدا سنڌ جا زميوار عھدا آھن. جيڪي عوامي مفادن جي تحفظ ۽ ادارتي بھتريء لاء ڪردار ادا ڪرڻ جو فرض ادا ڪندا آھن، ايئن واري سرڪاري تعلقداريء واري ويجھڙائيءَ وانگر اوھان پاڻ ۾ پنھنجي خانداني رشتن ۾ بہ ويجھا پڻ آھيو.ھاڻي ته اوھان ايتري قدر ھم آھنگيء سان عوامي بھتريء لاء ايترو ته بھتر ڪردار ادا ڪري سگھو جيڪو پڻ مثالي ۽ تاريخي ھجڻ جي برابر ھجڻ کپي.ڇوتہ ھھڙا اتفاق تاريخ م گھٽ نہ پر ان ٿيڻا ھوندا آھن جيئن اوھان جو جوڙ بڻيو آھي.چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ چيف منسٽر سنڌ ھڪ گھر جا 2 فرد ھجن ته پوء ڪم ڪرڻ ۾ ۽ عوامي فرض ادا ڪرڻ ۾ ٻئي ڪھڙي وقت جو انتظار ڪجي ھن وقت وانگر.
سو ھاڻي فقط ھي ھڪ معمولي ڪم ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڇو ته سموري صوبي مان ھڪ کاتي خوراڪ کاتي جي ھڪ سيڪشن جي رپورٽ منظر تي اچي وئي ته اھا معمولي سرگرمي ڪنھن وڏي غير معمولي ڪار گذاريء کان گھٽ ڪونه ھوندي.ان لاء ھي موقعو تمام بھترين آھي ڪم ڪرڻ جو ۽ اوھان جي چيف منسٽر سان ۽ چيف منسٽر جي اوھان چيف سيڪريٽريءَ سان ھڪ فقط ذھني ھم آھنگي ئي نہ پر تمام وڏي ويجھڙائيءَ واري رشتيدارن بہ آھي. ھھڙو موقعو جيڪڏھن ماضيء ۾ ڪنھن ٻي وزيراعلي کي ملي ھان ته ھو منھنجي خيال ۾ تمام وڏو ڪم ڪري سگھن پيا.
مسٽر چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ ۽ مسٽر چيف منسٽر سنڌ مراد علي شاھ اوھان لاء اھا ھڪ وڏي چئلينج آھي ته سند لاء گذريل ڏھن سالن جي ڪارگذاري رپورٽ سامھون اچي وئي ته خوراڪ کاتي جي ڪرپشن پنھنجي جاء تي سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ پاليسي بہ سامھون اچي ويندي ته ھر سال فقط ڪڻڪ خريداريءَ جي لاء جنھن کي اسٽيٽ ٽريڊنگ چيو وجي ٿو لاء جيڪو ڪمرشل بينڪن کان قرض وياج تي ورتو وجي ٿو ان جي واپسي ڪھڙي مد ۾ ڪٿان ٿئي ٿي؟انڪري اسان جيڪا ڳالھ مشاھداتي بنيادن تي محسوس ڪئي آھي سان اوھان آڏو رکون ٿا. مثال طور ڪڻڪ خريداريءَ لاء ھن سال بہ 9 لک ميٽرڪ ٽن جي مد م بينڪن کان ڪوئي 9 ارب روپيا قرض ورتو ويندو. اھڙو عمل ھر سال ٿيندو رھندو آھي ۽ رهندو رھيو آھي ان ۾ ڪائي رڪاوٽ ناھي آئي.ته ھاڻي سوال اھو اھم آھي ته اھو قرض ۽ ان قرض تي بينڪن جو وياج ڪھڙي مد ۾ ڪپتان ڪٽوتي ٿئي ٿي؟سو واضح ٿيڻ ضروري آھي.اسانجو ھتي اھو چوڻ جو مقصد اھو آھي ته اسٽيٽ ٽريڊنگ ذريعي ڪڻڪ خريداريءَ لاء ورتل قرض جي گارنٽي اسٽيٽ بينڪ وفاقي حڪومت جي گارنٽيء تي ڏيندي آھي ۽ اھڙيءَ طرح سان وفاق اسٽيٽ بينڪ وٽ ذميوار آھي ته صوبو قرض واپس ڪندو جي نه ته ٿيندو اھو آيو آھي سنڌ جي حوالي سان ته اھو قرض واپس نہ ڪرڻ جي بنياد تي وفاق اين ايف سي ايوارڊ مان پنھنجي جوائنٽ سيڪريٽري بجيٽ معرفت ڪٽوتي ڪري وٺندو آھي. ان بنياد تي ته ھتي سنڌ م ھر سال ڪڻڪ جي گدامن مان ڪڻڪ چوريءَ جون وارداتون اربين روپين جي ڪڻڪ ٻورين جي مد م ٿين ٿيون باقي جيڪي بچي ٿو سو بہ مد خارج ۽ ناڪاره ڪري سستي اگهه تي نيڪال ڪيو ويندو آھي.اھا ھڪ ڏھاڪي تي محيط رپورٽ تيار ڪرائي پبلڪ سامھون آندي وئي ته ڪرپشن جو معمولي ڪم جيڪو ڪنھن بہ غير معمولي ڪم کان گھٽ نہ ھوندو سو سامھون اچي ويندو ۽ ايئن ھڪ سروي رپورٽ اھڙي نموني جي ڪيترين ئي اوڻاين کي ظاھر ڪري وجھندي.اڄ اوھان تي اھا ڳالھ ڪرڻ جو مقصد اھو آھي ته موجودھ سنڌ حڪومت جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ اوھان جي ھڪ گھر واري تعلقداري، چيف منسٽر سان وفاقي حڪومت جو اتحادي ھجڻ جھڙا موقعا وري ڪڏھن ڪونه ملندا.
ان لاء سنڌ م ھي ڪم ھڪ نموني جو ٽيسٽ ڪيس طور ھوندو،جنھن کي اوھان ۽ چيف منسٽر سنڌ جي بھتر ڪارڪردگي طور ڳڻيو ويندو.
ھتي اوھان آڏو گذريل ڏينھن جي ميڊيا رپورٽ مثال طور سامھون رکجي ٿي ته فقط خيرپور ضلعي جي خوراڪ کاتي ۾ 15 ڏينھن اندر ٽيون ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر مقرر،ڪڻڪ گم ڪرڻ جي الزام ۾ ھٽايل بہ سرگرم،خريداري شروع نہ ٿي.ضلعي جي گدامن مان 42 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيڻ واري معاملي بعد سکر مان ڊپٽي ڊائريڪٽر پھچي جائزو ورتو.ڊپٽي ڊائريڪٽر بشير شيخ گدامن ۾ موجود ڪڻڪ بابت ڄاڻ ورتي،معطل ڊي ايف سي کٽل ڪڻڪ پوري ڪرڻ لاء سرگرم.ھٽايل ڊي ايف سي منور ميراڻي گھٽ اگھ تي ڪڻڪ وٺي انگ پورو ڪرڻ ۾ سرگرم.نئين ڊي ايف سي اختر بوزدار پاران چارج نہ وٺڻ سبب خوراڪ کاتي حاڪم علي مھر کي نئون ڊي ايف سي مقرر ڪري ڇڏيو.
اھڙي نموني ڪڻڪ خريداريءَ جي لاء بارداڻو ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ بہ اھڙي نموني اربين روپين جو ٿئي ٿو جنھن م بہ ڪروڙين روپين جون گھوٻيون ٿين ٿيون.اڳتي ايندڙن لاء بہ ھڪ نموني طور ھيء رپورٽ ڪم ڪرڻ م آساني پيدا ڪري سگھندي.سنڌ ۾ ڪرپشن جي راڄ جون جيڪي ڳالھيون ھلن پيون سي ظاھر ٿي پونديون ته ڪرپشن ڪٿي ڪٿي ڪير ڪير ڪري رھيو آھي.اھي رپورٽون ھر سال جيان ھن سال جون بہ آھن ته ڪڻڪ جي گدامن مان لکين ٻوريون جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ چوري ٿئي ٿي سي سامھون اچي رھيون آھن.ان ڪري ڪڻڪ خريداريءَ کان ڪڻڪ چوريءَ م ملوث ڪردارن جي بہ لسٽ تيار ڪئي وجي ته ڪير ڪير ڪڏھن کان ملوث رھيو آھي.اطلاع آھي آھن ته ھن سيزن ۾ سيڪريٽري خوراڪ سنڌ جي پوسٽنگ 10 ڪروڙن اندر ٿئي ٿي!!اھڙي نموني ھڪ وڏي عرصي کان خوراڪ کاتي اندر سيڪريٽريٽ کان ويندي اڪثر ضلعي پوسٽنگ تي ريشفلنگ ٿئي ڪونه ٿي ۽ رشوت عيوض اتي سالن کان ويٺل ڪردار ملوث آھن جيڪي ھيٺان کان ڪرپشن ڪري مٿي پھچائن ٿا.اميد تي ڪجي ته چيف سيڪريٽري سنڌ جي حيثيت ۾ اوھان لاء ۽ چيف منسٽر سنڌ لاء بھترين موقعو آھي ته ھو اھا رپورٽ سامھون آڻي ويا ته ڪرپشن ۾ ملوث ڪردار سامھون اچي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو