سنڌ جي لال شهباز قلندر جي ڌمال شروع

سنڌ جي لال شهباز قلندر جي ڌمال شروع

ليکڪ اياز هاشم ڀٽو

سنڌ کي هڪ طرف باب الاسلام هئڻ جو شرف حاصل آهي ته ٻئي طرف هي ڌرتي بزرگن ۽ اوليائن جي حوالي سان پڻ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. جن پنهنجي اعليٰ اخلاق، اسلامي نظريئي ۽ فڪر جي ذريعي هن خطي جي ماڻهن جي دلين کي روحاني فيض سان روشن ڪيو. اهڙن الله تعاليٰ جي نيڪ برگزيده ٻانهن ۾ حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ به شامل آهن. حضرت لعل شهباز رحمة الله عليہ علم ۽ عرفان جا اهي روشن تارا آهن جن دنيا کي نه فقط فيضياب ڪيو بلڪ هن پاڪ خطي کي پڻ علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو. هن بزرگ ٿوري ئي عرصي ۾ ظاهري علم جي تحصيل ڪري ڪمال حاصل ڪيو ۽ ڀٽڪيل انسانن کي راھِ راست تي آڻي سندن دلين کي دين جي روشني سان منور ڪيو.

ڪجهه تاريخدانن موجب حضرت قلندر لعل شهباز جڏهن سيوهڻ جو رخ ڪيو تڏهن سيوهڻ ۾ راجا جيسر جي حاڪيمت هئي. جنهن کي عام طور تي ”ڄرٻٽ راجا“ چيو ويندو هو. قلندر سائين پنهنجي خدمت گذار، خليفن ۽ مردين سان گڏ اتي سڪونت اختيار ڪئي پر سيوهڻ ڏانهن ايندي لڪي جي جبلن کان گذرندي حضرت شاهه صدر الدين رحمة الله عليہ  سان ملاقات ڪيائين ۽ اتي چلو ڪڍيو بعد ۾ سيوهڻ شريف پهچي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کان بيحد متاثر ٿي سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪري هميشه لاءِ سنڌ جو ٿي  ويو. حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  جو خانداني نالو سيد محمد عثمان آهي. سندن تاريخ ولادت ۾ وڏو اختلاف آهي. ڪن روايتن ۾ سندن پيدائش 538 هه آئي آهي ته ڪن روايتن موجب 573 هه آئي آهي. سندن والد محترم جو نالو سيد ڪبير احمد شاهه آهي ۽ سلسله نسب حضرت امام جعفر صادق رضي الله عنه  جن سان 16 هين پيڙهي ۾ وڃي ملي ٿو. سندن جو تبريز جي هڪ ڳوٺ مروند سان تعلق هو. جتي سندن تعليم ۽ تربيت ٿي ۽ حضرت بابا ابراهيم رحمة الله عليہ  جا مريد ٿي کانئن فيضياب ٿيا. هڪ سال جي سخت رياضت ڪرڻ بعد قادري سلسلي جي  خرقه خلافت حاصل ڪئي ۽ شهباز جو لقب ماڻيو.

لقب شهباز بابت ڪن محققن جو رايو آهي ته سندن اکيون مبارڪ شهباز جيان  چمڪندڙ هيون. تنهن ڪري سندن مرشد کيس شهباز جي نالي سان سڏيندو هو. جڏهن ته لعل جو لفظ سندن ذات سان ان جي ڪري وابسته ٿيو جو پاڻ اڪثر ڪري ڳاڙهي رنگ جو لباس پائيندا هئا. قلندر جو لقب امام حسن رضي الله عنه کين ولادت وقت سندن والد کي عالم رؤيا ۾ ڏنو هو ان ڪري قلندر چيو وڃي ٿو، ڪجھ محققن مطابق کين سندس مرشد قلندري سلسلو طئي ڪرايو هو ليڪن ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيري بوعلي شاهه قلندر کيس قلندر ڪري سڏيو هو ان ڪري سندس نالو قلندر سان مشهور ٿيي ويو.

حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  لاهور ۽ هند جو رخ به اختيار ڪيو هو. جتي حضرت شيخ بهاءُ الدين ذڪريا رحمة الله عليہ، حضرت شيخ فريد الدين مسعود شڪر گنج رحمة الله عليہ ، حضرت سيد جلال الدين سُرخ بخاري رحمة الله عليہ ۽ حضرت بوعلي شاهه قلندر رحمة الله عليہ جن جي صحبت ۾ رهيا. پاڻ جڏهن سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته اتي فحاشه عورتن جا اڏا هلندا هئا پر سندن آمد تي سندن ڪرامت طور انهن عورتن فحاشي ڇڏي عزت واري زندگي گذارڻ شروع ڪئي ته ان وقت هڪ ڳالهه مشهور ٿي وئي ته ڪو الله لوڪ بزرگ پنهنجي خدمت گذارن سان گڏ هتي پهتو آهي ۽ هر وقت عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول آهي. جنهن ڪري سيوهڻ جي حاڪم ڄرٻٽ راجا فورن پنهنجي مشيرن، وزيرن ۽ نجومين کي طلب ڪيو ۽ ڪافي دير تائين پاڻ ۾ مشورو ڪيو جنهن بعد هنن سيوهڻ جي حاڪم کي ٻڌايو ته جيڪو مسلمان اوهان جي سلطنت ۾ داخل ٿي چڪو آهي اهو اوهان جي اقتدار سان گڏ اوهان جي زندگي کي به ختم ڪري ڇڏيندو ۽ شايد هي اهو ئي فقير آهي جنهن جو هڪ مريد اوهان جي قيد ۾ آهي. گرفتار مريد بابت تفصيل هن طرح آهي ته هڪ فقير سيوهڻ جي سرزمين کي پنهنجي مال سان صاف ڪندي بلند آواز ۾ چوندو هو ته منهنجو مرشد ايندو مان ان جي استقبال جي تياري ڪيان ٿو ۽ اوهان به منهنجي مرشد جو استقبال ڪجو. جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي آهي. اهڙي ڳالهه ٻڌڻ تي سيوهڻ جو حاڪم ڏاڍو ناراض ٿيو. ڪجهه تنگ نظر وزيرن جي مشوري تي ان فقير کي گرفتار ڪري قيدخاني ۾ بند ڪرائي ڇڏيو ۽ روزانو ان تي تشدد ڪيو ويندو هو. بهرحال هڪ اهڙو ڏينهن اچي ويو جو هڪ عجيب واقعو پيش آيو. حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  عشاء جي نماز پڙهي پنهنجي  خليفن جي موجودگي ۾ مخاطب ٿيو ته:

”اي بودله هاڻي تون اسان وٽ هلي اچ ۽ اسان جون اکيون توکي ڏسڻ لاءِ بي چين آهن“

خليفا حيران ٿي ويا ته سندن مرشد ڪنهن کي سڏي رهيو آهي ۽ بودلو ڪير آهي؟ ڪٿي آهي. خليفن اهڙو سوال پڻ پڇيو. سندن سوال تي حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  فرمايو ته بودلو اسان جي حڪم تي سيوهڻ ۾ آيو هو پر هتان جي ظالم حاڪم ان کي قيد ڪري ڇڏيو آهي. اڄ رات جيل جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويندا. بودلو بس اچڻ وارو آهي. هيڏانهن حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  جن جي مبارڪ زبان مان لفظ نڪتا، هوڏانهن بودلي جي زخمي جسم جا زنجير ٽٽي پيا. بودلي حيرت مان ڏٺو ته جيل جو دروازو کلي ويو ۽ هو سمجهي ويو ته هي قدرتي مدد آهي. هن بي اختيار نعرو هنيو ”منهنجو مرشد اچي ويو“ هُو تيزي سان اٿيو ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳو. پوءِ هن کي مرشد جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته بودله هن رستي کان هليو اچ. مان تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهيان. ٿورو هلڻ کانپوءِ هن کي خيما نظر آيا ۽ هو غير ارادي طور هڪ خيمي ۾ هليو ويو. خدمتگار غير واقف شخص کي مرشد جي خيمي ۾ ويندي ڏسي حيران ٿي ويا. جنهن ڪري حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  پنهنجي خادمن کي ٻڌايو ته هي توهان جو ڀاءُ بودلو آهي. هن کي سيوهڻ جي حاڪم ستايو هو. مگر ان شاالله تعاليٰ حاڪم جلد پنهنجي عبرتناڪ انجام تي پهچندو.

حضرت قلندر لعل شهباز رحمة الله عليہ  هميشه مجرد زندگي (اڪيلو رهڻ) پسند ڪندا هئا. ان ڪري پاڻ شادي نه ڪيائون هميشه سير سفر ۾ رهندي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهندي پنهنجي پاڪ عملن سان الله تعاليٰ جي ذات کي راضي ڪري ورتو. جو اڄ سندن مزار مٿان سونا گنبذ آهن.

قلند ر سائين لڳ ڀڳ 112 ورهين جي ڄمار ۾ 21 شعبان 695هه مطابق 1299ع تي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا. سندن درگاهه تان اڄ به روحاني طرح فيض جاري و ساري آهي. جتي 18  شعبان کان 20 شعبان تائين سندن ٽي ڏينهن عرس مبارڪ  وڏي عقيدت ۽ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. ماڻهون پنهنجي من جون جائز مرادو ۽ اميدون ماڻيندا آهن. جنهن ۾ لکن جي انگَ ۾ عقيدتمند ايندا آهن. عرس مبارڪ  ۾ عاشقانِ لعل شهباز ايصال ثواب ۽ خير خيراتن جو خاص اهميت ڪندا آهن. تڏهن ته لطيف سائين فرمايو ته:

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو

ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان

ڪوڙين ڪن سلام آڳهه اچيو ان جي.

هي مضمون ليکڪ جي پنهنجي راءِ ۽ ڄان مطابق آهي، اداري جو موقف تصور نه ڪيو وڃي، ڪو به جواب ڏين چاهي ته هي پليٽ فارم حاضر آهيئ ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو