سنڌ جي تاريخ. تجزيو ۽ حقيقت

سنڌ جي تاريخ. تجزيو ۽ حقيقت

ڊاڪٽر مبارڪ علي \ طفيل.مگسي
قومن ڱي فاتحن جي هٿان صرف جنگ جي ميدان ۾ شڪست ناهي ٿيندي بلڪ انهن جي شڪست فوج کان وڌيڪ سماجي.ذھني.تهذيبي ۽ معاشي طور تي ٿيندي آھي.جيڪا انهن جي شخصيت کي بدلائي ڇڏيندي آھي.ان ذھني تبديلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر ڪرڻ وارو ڪردار تاريخ نويسي جو هوندو آھي.جيڪا ان انداز سان لکي ويندي آھي ته اها فتح ٿيلن کي سندن پنهنجي نظرن ۾َگهٽ بڻائي ڇڏيندي آھي.فاتح پنهنجي تاريخ نويسي ۾ فتح ٿيلن کي پنهنجي نقط نظر سان ڏسن ٿا ۽ ان جي ڪردار کي پمهنجي جوڙيل فريم ورڪ ۾ پوئي ڇڏين ٿا.پنهنجي حملي جي سبب ۾ جيڪي دليل ڏنا ويندا آھن.انهن ۾ فاتح انصاف پسند.عادل ۽ فتح ٿيل جابر ۽ ظالم هوندو آھي.جڏھن تاريخ کي ان ريت سان جوڙيو ويندو آھي ته فتح ٿيلن جي لاء رحمت جو سبب بڻجي وڃي ٿو.ان صورتحال ۾ اهي نه صرف پنهنجي ماضي کي وساري ڇڏين ٿا بلڪ ان تي شرمسار پڻ ٿين ٿا.شڪست کائڻ کانپوء فتح ٿيلن جي طرف کان پنهنجي دفاع جي لاء ڪو آواز نٿو اٿاريو وڃي.ان ڪري فاتح جنهن تاريخ جي جوڙجڪ ڪن ٿا.اهائي تاريخ درست بڻجي وڃي ٿي.اهو به ٿيندو آھي ته هڪ عرصي کانپوء جيڪڏھن فتح ٿيل پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائي وٺن ٿا ته اهي آزاديء کانپوء پنهنجي تاريخ جي نئين سر جوڙجڪ ڪن ٿا ۽ انهن جو اهو ماضي جيڪو وڃائجي چڪو هو.ان جي نئين سر دريافت ڪن ٿا.ان جا درست منهن مهانڊا سامهون آڻين ٿا.پنهنجين روايتن ۽ تهذيبن جي پنهنجي قومي سڃاڻپ کي مضبوط ڪن ٿا.ليڪن ان جي ڀيٽ ۾ ٻي صورت به هوندي آھي ته شڪست کانپوء فتح ٿيل قوتون فاتحن جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ ان ريت پوئجي وڃن ٿيون ته پنهنجي اصليت کي وڃائي ڇڏين ٿيون.۽ ھڪ نئين سڃاڻپ کي پيدا ڪري ڇڏين ٿيون.ان صورت ۾ فاتحن جي تاريخ انهن جي پنهنجي ٿي وڃي ٿي.۽ ٻاهريان حملو ڪندڙ انهن جا هيرو ٿي وڃن ٿا.جڏھن اها صورتحال هجي ته انهن کي پنهنجي پراڻي ماضيء سان ڪا دلچسپي نٿي رهي بلڪ اهي ان کي وساري پنهنجا رشتا ان دور سان ملائي ڇڏين ٿا ته جڏھن فاتحن انهن جي ملڪ تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو.ان صورتحال ۾ معاشرو ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو.هڪ اها پارٽي ته جيڪا فاتحن جي تهذيب وثقافت کي پنهنجو نٿي ڪري ۽ پنهنجي پراڻي سڃاڻپ کي قائم رکڻ جي جدوجهد ڪري ٿي.ٻي اها جيڪا پنهنجو ماضي وساري ڪري فاتحن جي تهذيب ۾ پاڻ کي گڏي ڇڏي ٿي. ان موقعي تي مناسب معلوم.ٿيئي ٿو ته فاتحن جي تاريخ نويسي جي باري ۾ وضاحت ڪئي وڃي. ته ان جي جوڙجڪ ۾ ڪهڙا ڪهڙا عنصر شامل هوندا آھن.مثلا هر فاتح جي اها خواهش ھوندي آھي ته اهو پنهنجي حملي کي جائز قرار ڏئي ڇڏي.ان ڪري ان جو حملو ڪنهن نه ڪنهن “مجبوري ۽ ضرورت“جي تحت هوندو آھي.ته جيئن ان صورت ۾ حملي جو اخلاقي سبب ميسر ٿي وڃي.جڏھن ته حملي جا اهي دليل ڏنا ويندا آھن ته حملي آور پنهنجي معاشي وسياسي مقصدن کي لڪائيندو آھي ۽ حملي جو سبب فتح ٿيل قوم.جي نا اهلي.بدعنواني يا غداري کي ڏيئي ٿو. حملي جي دليلن کي عام طور تي جيڪو دليل ڏنو ويندو آھي اهو هي هوندو آھي ته فتح ٿيل ملڪ جو اڳواڻ.حڪمران ۽ حڪومت پنهنجي عوام جي لاء ظالم ۽ جابر هوندي آھي.جنهن جي سبب کان ملڪ ۾ بدامني.۽ لاقانونيت جو راڄ هوندو آھي.انهن حالتن ۾ عوام حملو ڪندڙن جو ساٿ ڏيئي ٿو.پنهنجن حڪمرانن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺي ٿو.جيتوڻيڪ اسان ڏسون ٿا ته فاتحن جي تاريخ ۾ عوام انهن جو آڌرڀاء ڪري ٿو.فتح ۾ انهن جي مدد ڪري ٿو.انهن سان هرقسم جو تعاون ڪن ٿا۽ انهن جي فوجين سان گڏجي وڙھن ٿا.۽ پنهنجي ملڪ کي لٽيرن کان آزاد ڪرائين ٿا.ان پسمنظر ۾ اھو دليل ڏنو ويندو آھي ته فاتحن جو ملڪ فتح ڪرڻ اتان جي ماڻھن جي ڇوٽڪاري جي لاء ضروري هو.ان مد ۾ اڪثر فتح ٿيل قوم ۽ ان جي معاشري کي زوال پذير بڻايو وڃي ٿو.۽ جنهن جي سبب لان سياسي استحڪام نه رهيو هو.۽ ملڪ وقوم جي حالت نازڪ هئي.سياسي طاقت جي ڪمزور هئڻ جي سبب کان ملڪ ۾ ھڪ وڏو خال هو.جنهن کي حملي آورن پورو ڪيو.اقٿدار حاصل ڪرڻ کانپوء هنن نه صرف ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪيو بلڪ ملڪ جي معاشي حالتن کي به سڌاريو.ڀدعنوانيون ختم ڪيون.لاقانونيت جو خاتمو ڪيو ۽ ماڻھن کي سڪون.اطمينان ۽ امن ڏنائون.
اها تاريخ نويسي جي خاص ڳاله ٿپندي آھي ته ان ۾ جتي پنهنجي بهادري .شجاعت جو ذڪر ٿيندو آھي.اتي فتح ٿي ويلن کي بزدل قرار ناهي ڏنو ويندو بلڪ انهن جي بهادري ۽ دليري جي تعريف ڪئي ويندي آھي.ان جو سبب اهو هوندو آھي ته ثابت ڪيو وڃي هنن ملڪ کي بنا ويڙۡھ ۽ مزاحمت جي فتح ناهي ڪيو.بلڪ انهن جي فتح سخت مزاحمت ۽ رتوڇاڻ کانپوء ٿي.ڇوته ان صورت ۾ هن کي بحيثيت فاتح ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو سبب ملي وڃي ٿو.پرامن طريقي سان قبضي جي صورت ۾ انهن جي قبضي جو سبب ڪمزور ٿي وڃي ٿو
**
ان پسمنظر کي ذھن ۾ رکندي جڏھن اسان چچ نامي جو تجزيو ڪيون ٿا ته اسان کي چٽي ريت نظر اچي ٿو ته اها تاريخ عربن جي نقط نظر کان لکي وئي آھي.ان ۾ سنڌ جي فتح ٿيلن کي عربن پنهنجي نظر سان ڏسي ڪري انهن جي باري ۾ راء ڏني آھي.ان ۾ عرب حملو ڪندڙن جي حملي جي سبب ۾ جيڪي دليل ڏنا ويا آھن.انهن منجهان اوليت هن دليل کي آھي ته چچ جي خاندان ۾ حڪومت غاصب طور تي آئي.چچ حالتن کان فائدو وٺندي سازش جي وسيلي تخٿ وتاج تي قبضو ڪري ورتو.ان دليل جي تحت هڪ غاصب حڪمران گهراڻو هڪ جو جائز وسرث نٿو ٿي سگهي.ان ڪري جيڪڏھن کانئس کان حڪومت کسي وڃي ته اهو اخلاقي طور تي درست آھي.راجا ڏاھر جي تصوير ڪشي ان ريت سان ڪئي وئي آھي ته هن جي ملڪ ۾ جيڪي اخلاقي طور تي ڪمزوريون ٻڌايون وڃن ٿيون اهي هي آھن ته .هن حڪومت جي لالچ ۽ پنهنجي اقتدار جي تحفظ جي لاء ڀيڻ سان شادي ڪري ڇڏي.ان ڪري هڪ اهڙي شخص جو حڪمران هئڻ ملڪ جي لاء شرم جو سبب هو.ان دليل جي طلور تي جيڪڏھن هڪ اهڙي بداخلاق شخص کي تخت وتاج کان محروم ڪيو وڃي ته اخلاقي قدرن جي تمام.وڏي فتح آھي. چچ نامي ۾ محمد بن قاسم جي حملي جو سبب عورتن ۽ ٻارڙن جي گرفتاري ٻڌايو ويو آھي.ته جن کي ڏاھر جي ماڻھن سمنڊ کان پڪڙي ورتو هو.ليڪن انهن سببن کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي ته جيڪو سندس قبضي جي شروعات اسلام کان ٿي رهي هئي.ان جو مقصد هندي سمنڊ تي عربن جو تسلط قائم ڪرڻ اهم هو ته جيئن انهن جو واپار سامونڊي ڌاڙيلن کان محفوظ ٿي وڃي. چچ نامي ۾ عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ٿيڻ وارين جنگين کي حق و باطل جي وچ ۾ مقابلو سڏيو ويو آھي.هڪ پاسي حق.سچائي.عدل و انصاف هو ته ٻئي پاسي ظلم وجبر ۽ بي انصافي. راجا ڏاھر جي لاء جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا آھن.انهن ۾ ھن کي “ڏاهر ڪافر“سڏيو ويو آھي.عربن جي نظرن ۾ اهوڪفر.گمراهي ۽ ظلم جي نشاني هو.جيتوڻيڪ ان کان اهو نتيجو هي ڪڍيو ويو ته عربن کي خدا جي حمايت حاصل هئي.جڏھن ته ڪافر ان کان محروم هئا.ان ڪري جڏھن ڪافرن اسلامي لشڪر کي روڪڻ ۽ دوکي سان ختم ڪرڻ چاهيو ته ان ۾ کين کي ڪاميابي حاصل نٿي.مثلا جڏھن سنڌ جي هڪ سردار ڪاڪا من ڪوتل اسلام جي لشڪر تي وار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هو رستي کان ڀٽڪي ويو ۽ سڄي رات هيڏانهن هوڏانهن رولاڪ فرندو رهيو.جڏھن هن عربن سان ٺاه ڪري ورتو ته اعتراف ڪندي چيائين ته جڏھن اسان“ اوچتي حملي“جو اهو معجزو به ڏٺو ته اسان کي يقين ٿي ويو.(اهو به) الاهي جو حڪم آھي.۽ ڪو به (توهان ) سان دوکي ۽ دغابازي سان مقابلو نه ڪري سگهندو“(چچ نامو اردو ترجمو163ص167). چچ نامي ۾ فتح ٿيل هنڌين هنڌ اھو اقرار ڪن ٿا ته انهن جي نجومين ۽ معتبر ماڻھن اها اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته انهن جو ملڪ عربن جي هٿان فتح ٿيندو ان ڪري ان قسم جي اڳڪٿين کانپوء ماڻھن جي لاء ان کانسواء ڪو رستو نه هو ته اهي فاتحن جي فرمانبرداري قبول ڪري وٺن.مثال سردار ڪاڪه چيو ته“اسان جي نجومين ۽ معتبر ماڻھن علم نجوم کان نتيجا ڪڍي ڪري اهو حڪم ڏنائون ته هي ملڪ اسلامي لشڪر جي قبضي ۾ اچي ويندو(چچ نامو167). چچ نامي ۾ ھر هر انهن فردن ۽ ٽولن جو ذڪر آھي ته جيڪي راجا ڏاھر کي ڇڏي ڪري محمد بن قاسم جي مدد ڪن ٿا.مثلا ديبل شھر جي ان برهمڻ جو لشڪر اسلام جي مدد ڪري ها ته قلعي جي فتح جو راز ڇو نه ٻڌايو ۽ “امير عادل سلامت رهي“اسان جي نجوم جي ڪتابن ۾ ان ريت حڪم آھي.ته ملڪ سنڌ اسلامي لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو ۽ ڪافر شڪست کائيندا“(چچ نامو39). ان ۾ برهمڻ محمد بن قاسم کي“امير عادل“چئي ڪري مخاطب ڪيو آھي.عربي لشڪر کي اسلام جو لشڪر ۽ سنڌين کي ڪافرن جو لشڪر چئي رهيو آھي. هتي اهو سوال پيدا ٿيئي ٿو ته ڇا اهي لفظ هڪ موقعي پرست ۽ چاپلوس جا آھن يا مصنف پنهنجي طرف کان ان برهمڻ کان اهو چورايو آھي. چچ نامي ۾ ھي پڻ ھر هر ورجايو ويو آھي ته اسلامي لشڪر کي خدا جي حمايت حاصل هئي.حجاج بن يوسف جي هڪ خط جو حوالو آھي. دريا پار ڪيو ۽ خدا جي حمايت ۾ ثنا ڪندا رهو ۽ ان جي رحمت کي پنهنجي پناه ڄاڻيندا هئا.هڪ ٻئي جي سامهون ٿيڻ وقت خدا جي رضا تي اعتماد رکندي پنهنجي مڪمل شجاعت ۽ همت جو مظاھرو ڪجو.ڇوت فتح ۽ حمايت(خدا)توهان سان گڏ ۽ قدرت توهان جي مددگار آھي.فرشتن جي امداد ۽ مسلمانن جي تلوار توهان جي طرف کان انهن مخالفن تي مسلط آھي.خدا تعالي ان جي خبيث ذات کي مسلمانن ۽ فرشتن جي تلوارن ۽ نيزن جي خوراڪ بڻائيندو.خداجي غضب جو(دروازو) انهن جي لاء کليل آھي.جنهن جي سبب کان مڪمل انتقام ۽ عبرتناڪ سزا جو حقدار ٿيندو(چڇ نامو125). چئبو ته عربن جي فتح خدا جي مرضي ۽ حمايت سان ٿيندي آھي.جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هي ملڪ خدا کين کي بخشي ڏنو.۽ جيڪو ملڪ خدا جي مدد سان مليل هجي.ان تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جو غنيمت جو مال حاصل ڪرڻ ۽ ان تي حڪومت ڪرڻ اخلاقي و مذھبي طور تي جائز ٿي وڃي ٿو. راجا ڏاھر جي شڪست ۽ ان جو قتل ان خدائي حمايت جو مظھر هو(چچ نامو201). راجا ڏاھر سان جنگ ڪرڻ جي لاء جڏھن محمد بن قاسم دريا پار ڪري ٻئي پاسي وڃي ٿو ته پنهنجي لشڪر کي مخاطب ٿي چئي ٿو ته. اي اسلامي لشڪر ؛ هينئر مهراڻ جو پاڻي اوهان جي پٺي تي آھي.۽ ڪافرن جو لشڪر توهان سان مقابلو ڪرڻ جي لاء ايندو.جنهن جي دل ۾ واپس وڃڻ جو خيال هجي اهو هتان کان واپس هليو وڃي.ڇوته (جنهن وقت) دشمن جو سامهون ٿيندو ۽ جنگ شروع ٿيندي.جيڪڏھن ان وقت ڪنهن منهن موڙيو ته لشڪر دل شڪست ٿي فراريت جو رستو وٺندو.انهن جي سبب کان دشمن اسان تي غالب ٿي ويندا ۽ اھا اسان جي لاء وڏي ملامت ٿيندي.ڀڄڻ وارو خدا جي موت مرندو ۽ آخرت جي عذاب جو حقدار ٿيندو(چچ نامو 219). اها تقرير ان واقعي سان ملي ٿي ته جنهن ۾ طارق بن زياد ٻيڙيون ساڙي ڪري پنهنجي فوج جي همت افزائي ڪئي هئي. چچ نامو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آھي.موجوده دور ۾ مورخن ان جو جيڪو تجزيو ڪيو آھي ۽ ان کان جيڪي نتيجا ڪڍيا آھن.انهن جي روشني ۾ ان جي باري ۾ اھا راء قائم ٿي آھي ته اهو تاريخ ۽ ديومالائي واقعن جو مجموعو آھي.ڇوته ان جو فارسي ترجمو 1216ع ۾ ٿيو.ان ڪري انهيء ۾ استعمال ٿين وارن لفظن جو تعلق عربن جي دور سان ناهي بلڪ پوء واري دور سان آھي.مثلا شحنه لفظ جو استعمال سلجوقين جي دور کان شروع ٿيو اقطاع آل بويا جي دور کان مڪمل ٿيو.ڳئون جي کل ۾ ڏوھارين کي سبرائڻ جي روايت منگولن جي هئي. چچ نامي جو هيرو محمد بن قاسم 1920ع جي ڏھاڪي ۾ هڪ ڀيرو وري بحيثيت هيرو جي ان وقت ڪر کنيو ته جڏھن هندستان ۾ فرقيواريت جو زور هو.ان پسمنظر ۾ مسلمانن جي طرف کان سنڌ“باب الاسلام“بڻجي ويو ۽ محمد بن قاسم نوجوان عظيم.جنرل.1947ع تائين.سنڌ جي تاريخجو اهوئي نقط نظر مسلمانن ۾ مقبول رهيو.ليڪن 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام ۽ سنڌي نيشنل ازم جي اڀار کانپوء اهو ميٺ ٽٽي ويو.سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ سنڌ جو سنڌ جي انهن فتح ٿي ويلن جي آواز کي زنده ڪيو ويو ته جيڪي عربن جي فتح کانپوء خاموش ھئا.هينئر محمد بن قاسم ڦورو ۽ حملي آور ٿي ويو ۽ ڏاآھر جڏھن ته هيرو.سنڌ جي تاريخ جي اها نئين جوڙجڪ ان ڪري اهم آھي ته هاڻي اها تاريخ711-12 جي بجاء وادي سنڌ جي تهذيب سان شروع ٿيڻ لڳي آھي.سنڌ جو اهو پراڻو ماضي جيڪو عبرت وشرم جو ڪارڻ بڻيل هو.هينئر اهو فخر جي قابل ٿي ويو..
***
سنڌ جي تاريخ تي هڪ ٻيو ڪتاب مير محمد معصوم بکري جي“تاريخ معصومي“آھي.مير معصوم.بکري اڪبر بادشاه جي اميرن ماڻھن منجهان هڪ هو.جنهن پنهنجي پوئين عمر ۾ اچي بکر(سکر) رهائش اختيار ڪئي.جتي ان جون ٿعمير ڪيل عمارتون ۽ سندس مقبرو پڻ آھي. ان جي تاريخ جي هڪ خاصيت اها آھي ته هن کي عربن جي فتح کان سنڌ تي مغلن جي فتح تائين .هڪ تسلسل سان گڏ لکي وئي آھي.سومرن ۽ سمن جي دور جي باري ۾ بقول ان جي مواد نه ملڻ جي سبب کان هو انهن جي مڪمل ۽ تفصيلي تاريخ نه لکي سگهيو.جيئن ته ان وقت تاريخ نويسي جو دستور هو.مورخ گذريل دور جي واقعن جي تاريخ کان لکڻيون گڏ ڪري .انهن کي پنهنجي ٻولي ۾ نئين انداز سان بيان ڪري ڇڏيندو هو.هو انهن سمورن واقعن کي جيڪي انهن منجهان هئا.انهن کي چئلينج نه ڪندو هو ۽ نه انهن جي باري ۾ تصديق ڪندو هو. ان ڪري جيڪي غلطيون ساڳئي دور جي مورخن کان ٿينديون هيون اهي پوء اچڻ وارن مورخن جي ڪتابن ۾ ھڪجهڙيون ئي لکيون وينديون هيون.جيئن ته محمد بن قاسم کي ڳئون جي کل ۾ سبرائڻ وارو واقعو جيڪو بنا ڪنهن حقيقت جي لکيو ويو آھي.ان صورت ۾ تاريخ جو اهو حصو اهم هوندو هو ته پنهنجي دور جي باري ۾ لکيو هجي.ان ۾ اھو واقعن جو اڪثر پاڻ شاھد هوندو هو يا راوي جي ٻڌل حالتن کي بيان ڪندو هو. مير معصوم جي تاريخ جو جڏھن ان نقط نظر کان تجزيو ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ عربن جي فتح سنڌ جي سلسلي ۾ اھائي راء نظر اچي ٿي.جيڪا چچ نامي جي مصنف جي آھي يعني عربن جي جنگ ڪفر ۽ اسلام جي جنگ هئي.۽ جنهن جي ڪاميابي حق جي باطل تي فتح ھئي. ڪتاب جو ٻيون اهم حصو ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومتي دور جو آھي.ارغونن سنڌ تي حملو ڪري جيڪا رتوڇاڻ ڪئي.شغرن کي ڦريو ۽ رهواسين کي ذليل ڪيو.انهن واقعن جو ذڪر ته مير معصوم ته ڪيو آھي.مگر سندس بيان واري انداز کان لڳي ٿو ته هو جنگين ۽ ان جي نتيجن ۾ ٿيڻ وارين تباهين ۽ ڦرن کي عام سمجهي ٿو.ان ڪري انهن تي تنقيد نٿو ڪري.بلڪ شاه بيگ ارغون جي لاء لکي ٿو ته اهو فطري طور تي رحمدل ۽ طبعي طور تي مهربان هو.شاه حسن ارغون جي باري ۾ ھن جو ڇوڻ آھي ته “ڪنهن به ماڻھو تي ظلم وزيادتي کي ناممڪن بڻائي ڇڏيائين“جنهن کان چٽو ٿيئي ٿو ته هن جي همدردي ارغونن سان گڏ ھئي.هنن سنڌ تي بنا سبب جيڪي حملا ڪيا.هن کي فتح ڪيائون ۽ هن جو استحصال ڪيائون .بلڪل درست ڪيائون. جيتوڻيڪ هن بکر ۾ اچڻ وارن مغل گورنرن جي بدعنوانين جي باري ۾ لکيو آھي.مگر گڏ ئي اهو به لکيو اٿائين ته اڪبر بادشاه کي جڏھن ان جي پروڙ پئي ته هن فورن ان جو فيصلو ڪيو.مغلن جي هٿان سنڌ جي فتح ۾ ھو پاڻ به شريڪ هو.ان ڪري هن ان حملي جو جيڪو سبب ٻڌايو آھي اهو هي آھي ته جاني بيگ اڪبر جي لاهور واري درٻار ۾ حاضر نه ٿيو.جنهن کي اڪبر بادشاه نافرماني خيال ڪندي سنڌ جي فتح جو ارادو ڪيو. حقيقت ۾ مغلن جو سنڌ تي حملي جو اهو صرف هڪ بهانو هو.ڇاڪاڻ ته جاني بيگ هڪ خودمختيار حڪمران هو ۽ هن جي لاء ضروري نه هو ته اهو شاھي درٻار ۾ حاضري ڏيئي.ان جي پسمنظر ۾ اڪبر جي سامراجي پاليسي هئي ته جيڪو پنهنجي آس پاس ڪنهن به خودمختيار سلطنت کي ڏسڻ نه چاهيندو هو.ٻي سنڌ جي فتح سياسي ۽ واپاري طور تي مغلن جي لاء ضروري هئي ته جيئن افغانستان تائين انهن جا رستا محفوظ رهن.ان لحاظ کان مير معصوم جي تاريخ مغل دور حڪومت ۽ ان کان پوء ٿيڻ وارين حالتن جي باري ۾ ڪا درست ڄاڻ ميسر نٿي ڪري. مغل عهديدار جي حيثيت سان مير معصوم مغلن جي طرف کان جنگ ۾ حصو وٺندو رهيو.ان ڪري سندس ڪتاب ۾ جنگين جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر آھي.مگر انتقام ۽ ماڻھن جي سماجي ومعاشرتي زندگي جي باري ۾ ڄاڻ نه هئڻ جي برابر آھي.ان ڪتاب کان اهو به پتو پوي ٿو ته اميرن جو طبقو عالمن ۽ صوفين جو احترام ڪندو هو.ڇاڪاڻ ته انهن جي ماڻھن ۾ جيڪا عزت هئي انهن جي وسيلي اهي پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪندا هئا.اڪثر عالمن فاتحن جو ساٿ ڏنو ۽ انهن کي جيڪي جاگيرون ۽ وظيفا مليا .انهن جي سهاري پرامن زندگي گذاريندا رهيا.
****
سنڌ جي تاريخ ۾ ٽيون اهم ڪتاب مير علي شير قانع جو تحفت الڪرام آھي.مير علي شير قانع کي پنهنجي وقت جو هڪ عالم وفاضل سڏيو وڃي ٿو.ته جنهن شاعرن.صوفين.عالمن ۽ معاشري جي اهم شخصيتن تي ڪتاب لکيو.سندس ڪتاب.تحفت الڪرام سنڌ جي راريخ آھي.جيڪاعربن جي فتح کان وٺي ڪري ان جي پنهنجي دور يعني ڪلهوڙا دور تائين اچي ٿي.مير علي شير قانع جو تعلق سادات سان هو.۽ ان جو خاندان سنڌ اچي ڪري آباد ٿيو.جيئن ته ان دور ۾ دستور هو.حڪومت سادات سان تعلق رکڻ وارن کي جاگيرون ۽ وظيفا ڏيندا هئي.ان ڪري انهن جو نقط نظر حڪومت سان همدردي وارو هوندو هو.انهن جي تاريخ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.هڪ ۾ حڪمرانن جي تفصيل آھي ۽ ٻيئي ۾ صوفين ۽ عالمن جي يعني سنڌي معاشرو هڪ پاسي حڪمرانن جي تسلط ۾ ھو.جيڪي سياسي طور تي انهن جا حاڪم هئا.ٻيئي پاسي صوفين ۽ عالمن انهن کي پنهنجي روحاني اثر ۾ وٺي رکيو هو.ليڪن ان تاريخ ۾ سنڌ جي معاشري جا ثقافتي ۽ سماجي پاسا غائب آھن .انهيء ريت ان ڪتاب ۾ سلطنت جي نظم و ضبط يا قانونن جي باري ۾ جيڪا تاريخي ڄاڻ و شعور پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام آھي. بحيثيت تاريخ نويسي جي مصنف پنهنجي دور يا پاڻ کان اڳ جي مورخن جي لکڻين کان به ڪجه ناهي سکيو.واقعن جي حقيقت ۽ انهن جو تجزيو ڪرڻ جي بجاء هن لکڻي کي دلچسپ بنائڻ جي خاطر فرضي ڪهاڻيون ۽ قصا وچ ۾ ڇڏيا آھن.جيڪي شايد ان وقت جي پڙھندڙن جي لاء دلچسپي جو سبب هجن مگر تاريخ جي شاگردن جي لاء اهي مونجهارن جو ڪارڻ آھن.جيڪڏھن ان تاريخ کان ماضي جي چونڊ ڪئي وڃي۽ ان جي چوڌاري جيڪي جيڪي ڪهاڻيون آھن.انهن کي ڏور ڪيو وڃي ته ان وقت ان تاريخ جي ڪا اهميت ناهي هوندي. جيتوڻيڪ هو پاڻ ڪلهوڙا دور ۾ ھو.۽ ميان غلام.شاه ڪلهوڙي جي چوڻ تي تاريخ لکڻ شروع ڪئي هيائين..ان لاء اميد اها ڪئي ويندي هئي ته مورخ پنهنجي دور جي تاريخ کي تفصيل سان ۽ واقعن جي ڇنڊڇاڻ کانپوء لکندو هو.مگر ان کان اها اميد به پوري نٿي.ان ۾ به هن وٽ ڪا خاص ڳاله نٿي ملي.مصنف تاريخ ۾ ھرهنڌ لوڪ ڪهاڻيون.۽ داستان ڏئي ڇڏيا آھن.جيتوڻيڪ اهي فضول ھن.۽ مصنف جيڪي ان جي باري ۾ پڙھيو يا ٻڌو هوندو ان کي بيان ڪري ڇڏيو اٿائين.تاريخ جو شاگرد انهن لوڪ داستانن کان ان دور جي معاشري جي ذھنيت جو تجزيو ڪري سگهي ٿو.جيڪو انهن داستانن ۾ موجود آھي.جيڪي داستان پڻ ڪتاب ۾ آھن.۽ شايد انهن کي محض پنهنجي دلچسپي جي خاطر ڏنو ويو آھي. ته ان ۾ سسئي پنهون.مارول(ماروي) عمر.مومل مينڌر ۽ پهريون ڇنيد شامل آھن.انهن داستانن جي خاصيت اها آھي ته اها تاريخ ته ناهي مگر ان ۾ معاشري جا رويا ۽ لاڙا ملن ٿا.مٽلا هڪ پاسي عورت جي حيثيت کي گهٽ ڪري ان کي روايتن ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو مگر انهن داستانن ۾ عورتون معاشري ۾ اخلاقي روايتن ۽ قدرن کان بغاوت ڪن ٿيون.جيڪي انهن جي اندر جي سگه کي اڀارين ٿيون.۽ انساني سڃاڻپ کي مڪمل ڪن ٿيون.ليڪن سياسي بغاوتن جيان اهي سياسي ۽ سماجي بغاوتون شڪست کي به منهن ڏين ٿيون.۽ انهن جو انجام سدائين الميي تي ٿيندو يا هوندو آھي.مگر اهو الميو ان قدر شديد ۽ ڳوڙھو هوندو هو ته شاعر ۽ داستان ٻڌائيندڙ ان کي پنهنجي ڪلام سان امر بڻائي ڇڏين ٿا.ان جي نتيجي ۾ داستان جو عورتون اهم بڻجي ڪري اڀرن ٿيون.۽ اهي هڪ اهڙو روپ اختيار ڪري وٺن ٿيون ته جيڪي اچڻ وارن نسلن کي متاثر ڪن ٿيون.عورت کي جيڪو مقام سياسي تاريخ ۾ نه مليو انهيء جي کوٽ انهن داستانن پوري ڪري ڇڏي. ليڪن جتي جتي عورتن جي قدرن کان بغاوت آھي ۽ عشق جي اظھار جو اعلان آھي.انهن کي داستان ٻڌائيندڙ ۽ شاعر پاڪ دامن ۽ عصمت کي برقرار رکندي عورت جو اهو شان باقي رکن ٿا ته جيڪو معاشرو چاهي ٿو.عشق آھي بي راه روي ناهي.سنڌ جي معاشري ۾ عورت جو جينرو مقام انهن داستانن کان ڏيک ڏيئي ٿو.اهو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ برصغير جي ٻين لوڪ ڪهاڻين ۾ پڻ آھي. تاريخ نويسي ۾ ھڪ روايت هلي اچي رهي آھي ۽ اھا هيء آھي ته جڏھن مورخ پنهنجي دور جي تاريخ لکي ٿو اهو محتياط رهي ٿو ته ڪٿي اهڙي ڳاله نه لکي ڇڏي ته جيڪا حڪمران ۽ حڪمران طبقن کي بري لڳي.خاص طور تي ان زماني ۾ جڏھن بادشاه مطلق العنان هوندا هئا.انهن جي درٻاري مورخن جو فرض ئي اهو هيو ته اهي پنهنجي سرپرست جي تعريف ڪن.۽ ان جا ڪارناما بيان ڪن.مگر اهي ان سلسلي ۾ آزاد هئا ته گذريل حڪمرانن تي تنقيد ڪن ۽ انهن جا ڪارناما بيان ڪن.ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ انهن جو پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪوبه نه هوندو هو.مير علي شير قانع به ان روايت تي عمل ڪري ماضي جي بادشاهن جي ظلمن کي بيان ڪيو آھي.خاص طور تي ارغونن جي فتح سنڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيڻ وارين مصيبتن جو ذڪر آھي ته جيڪي سنڌ جي عوام ڀوڳيون. اسلامي تاريخي روايتن ۾ بادشاهن جي سڌاري جي لاء ھڪ خاص ادب تخليق ڪيو ويو ته جنهن ۾ قابوس جو قابوس نامو.نظام الملڪ جو سياست نامو.۽ غزالي جي نصيحت الملوڪ ۽ ضياء الدين برني جي فتوي جهانداري ذڪر جي قابل آھن.ان ادب بي وسيلي ڪهاڻين ۽ روايتن جي وسيلي حڪمرانن جو سڌارو مقصد هو.هينئر اهو چوڻ مشڪل آھي ته جڏھن مورخ گذريل بادشاهن جي ظلمن جو ذڪر ڪندو هو.۽ عوام جي بيوسي ومجبوري ۽ لاچاري جي تصوير ڪشي ڪڍندو هو ته ان کان انهيء دور جا حڪمران ڪيترو سبق سکندا هئا مگر اهي واقعا هڪ لحاظ کان بادشاهن جي لاء سبق ڀريا ضرور هئا. مثلا جڏھن هو اروڙ شھر جي تباهي جو ذڪر ڪري ٿو يا بفهمڻ آباد جي ويراني بيان ڪري ٿو ته ان جو سبب اتان جي حڪمرانن کي قرار ڏيئي ٿو ته انهن جي بدفعلن ۽ بدعنوانين جي سبب کان اهي شھر برباد ٿيا.اهو دور اهڙو هئو ته جڏھن شھرن ۽ ملڪن جي بربادي فردن جي عمل کان ٿيندي هئي.ڇالاڻ ته سمورا اختيار بادشاه يا گورنر وٽ ھوندا هئا.جيڪڏھن اختيار ڀريي شخص ۾ خوبيون هونديون هيون ته شھر ۽ ملڪ جا ماڻھو خوشحال هوندا هئا.جيڪڏھن اهو ظالم يا جابر يا بخيل هوندو هو ته ان کان شھر جو عوام متاثر ٿيندو هو.ان ڪري مفڪرن ۽ دانشورن جو طريقي ڪار اهو هئو ته انهن شخصيتن کي سڌاريو وڃي.انهن جي ڪردارن کي درست ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ عوام جي لاء محبت پيدا ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ يا شھر آباد رهي.ان مقصد جي لاء اهي ڪهاڻيون ۽ داستان بهتر لڳندا هئا. تاريخ جي مطالعي کان اسان تي اها ڳاله چٽي ٿيئي ٿي ته اهي فرد جيڪي روحاني مصروفيتن ۾ مصروف هئا ۽ اهي روحانيت کان سياست ۾ آيا.۽ اقتدار تي قبضو ڪيائون .مگر ائين ڪڏھن نه ٿيو ٿه سياست کان فرد روحانيت ڏانهن ويندا هجن.ان جو سبب اهو هو ته روحاني خاندان جا ماڻھو پنهنجي مذھبي رياضت ۽ عبادت سان ماڻھن جي دلين ۾ احترام پيدا ڪري وٺندا هئا.ان لاء جڏھن اهي سياست ۾ ايندا هئا ته انهن جا مريد ساڻن سان تعاون ڪرڻ جي لاء تيار رهندا هئا.مگر جيڪي اقتدار جا مالڪ هوندا هئا.انهن جي لاء سياست وحڪمراني ڇڏي ڪري بزرگي اختيار ڪرڻ مشڪل ٿيندي هئي.ان ڪري اسان ڏسون ٿا ته ايران ۾ صفوي حڪمرانن جي شروعات پيري ومريدي کان ٿي ۽ حڪمراني تائين پهتي.ساڳئي صورتحال ڪلهوڙو خاندان جي پڻ ھئي ته جن جي بزرگن پيري ومريدي کان ترقي ڪندي پنهنجن مريدن جي مدد سان زمينن تي قبضو ڪري نيٺ اقتدار تي وڃي پهتا.جڏھن مير علي شير قانع سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي بزرگن جو ذڪر ڪري ٿو ته حيرت ٿيئي ٿي ته ايتري انگ ۾ اهي بزرگ سنڌ ۾ ڪيئن پيدا ٿي ويا؟انهن بزرگن جون حالتون ۽ انهن جي ڳوٺن ۽ شھرن جي باري ۾ پڙھڻ کانپوء اندازو ٿيئي ٿو ته انهن ۾ ھڪ ته انهن بزرگن جي اڪثريت هئي جيڪي شھرن ۾ آباد هئا ۽ جن جي سرپرستي حڪمران ۽ امير ڪند اهئا.ٻيا اهي بزرگ هئا ته جيڪي شھرن کان ڏور ڳوٺن ۾ آباد هئا.ته جيڪي دريا جي ڪناري ڪناري آباد هئا ۽ جتي زراعت ٿيندي هئي ته جنهن منجهان اهي پنهنجو حصو وٺندا هئا.يا انهن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ته جيڪي واپاري لنگهن وٽ ھوندا هئا .اسان کي اهڙا بزرگ گهٽ ئي ملندا جيڪي ڪوهستانن ۽ رڻ پٽن ۾ وڃي ڪري آباد ٿيا هجن.ڇاڪاڻ ته هتي مريدن وٽ ڏيڻ جي لاء تمام گهٽ ھوندو هو.انهن بزرگن جا مريد پوکي راهي وارا ۽ مختلف قبيلن جا ماڻھو هئا.جيڪي کين کي نذرانو ڏيندا هئا.جنهن جي بدلي اهي پنهنجين ڪرامتن ۽ روحاني طاقتن سان انهن جو تحفظ ڪندا هئا.مثلا جيڪڏھن برسات نه ٿيئي ته انهن جي لاء دعائون ڪرڻ .جيڪڏھن ڏڪار پئجي وڃي ته ان کي ڏور ڪرڻ جي لاء خدا کي منٿون ڪرڻ.جيڪڏھن دشمن حملو ڪري وجهي ته ان سان ٺاه ڪري ماڻھن کي تحفظ ڏيارڻ .جيڪڏھن حڪومت جا عهديدار ۽ عمل بدعنوان هجن ته انهن جي شڪايت حڪمرانن تائين پهچائڻ وغيره.اهي بزرگ اهڙيون سماجي خدمتون ڪندا ھئا ۽ جنهن جي سبب ماڻھن کي انهن جي ضرورت رهندي هئي.انهن بزرگن جون درگاهون به ماڻھن جي لاء زيارت گاهون هيون ته جتي اهي پنهنجين خواهشين کي پورو ڪرڻ جي لاء دعائون گهرندا هئا. جيڪڏھن تحفت الڪرام جو ان نقط نظر سان مطالعو ڪيو وڃي ته ان جي ذريعي معاشري جي سماجي زندگي جي جوڙجڪ ڪري سگهجي ٿي. انهن ٽنهي تاريخن جي مظالعي کان جيڪا ڳاله چٽي ٿي ڪري اچي ٿي جيڪڏھن تاريخ کي فاتحن جي نقط نظر کان لکيو وڃي ته مقامي آواز دٻجي وڃن ٿا.خاص طور کان چچ نامو ته جنهن جي باري ۾ هينئر اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان جو نالو“فتح نامو“وڌيڪ مقبول ٿيندو.ڇاڪاڻ ته چچ نامي ۾ وري به چچ جي نالي جي سبب کان اهو تاثر اڀري ٿو ته اهو هن ملڪ جو حڪمران هو ته جنهن جي خاندان کي حڪمراني کان شروع ڪيو ويو.چچ نامو ان ريت سنڌ جي نشاني بڻجي وڃي ٿو.جيڪڏھن ان جي ڀيٽ ۾ “فتح نامو“لکيو وڃي ته تاريخ تي مڪمل ريت عربن جو تسلط قائم ٿي وڃي ٿو.بلڪ ان سان انهن جي برتري ۽ فضيلت جو اظھار ٿيئي ٿو.مير معصوم به سنڌ جي رهواسي کان وڌيڪ مغل درٻار جو امير ۽ عهديدار جي حيثيت سان تاريخ کي ڏسي ٿو.مير علي شير قانع جو خاندان جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عرصي کان ترسيل رهيومگر ان کي پنهنجي خاندان هئڻ تي فخر آھي. ته جنهن جون پاڙون سنڌ کان ٻاھر هيون.ان لاء عربن جي فتح جي باري ۾ چچ نامي جي نقط نظر کي وڌائي ٿو.تاريخي لحاظ کان ان جي تاريخ تمام ڪمزور آھي.ڇوته هن هرهنڌ قصن ۽ ڪهاڻين جي وسيلي پڙھدڙن کي منجهائي ڇڏيو آھي.شايد ان ريت هن پنهنجي ڪتاب کي دلچسپ بنائڻ ٿي چاهيو هجي.مگر ان کان تاريخي واقعا ٿين ٿاانهن ٽنهي ڪتابن جي مطالعي کان پوء سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ جيڪو تاثر قائم ٿيئي ٿو .پهريون اهو ته جڏھن به سنڌ اهڙي حڪومت جو صوبو رهيو ۽ جنهن جو مرڪز ڏور هو ته ان جي نتيجي ۾ هتي گورنرن ۽ صوبيدارن پنهنجيون من مانيون ڪيون.ڇاڪاڻ ته مرڪزڏور هو۽ انهن تي نگراني ڪرڻ وارو ڪو به نه هوندو هو.اها صورتحال عربن ۽ مغلن جي دور ۾ تمام گهٽ ٿيندي هئي ته جن جو ذڪر ساڳئي دور جي تاريخن ۾ آھي.سنڌ ۾ مغل گورنرن جي باري ۾ مير معصوم به لکي ٿو ته هنن اختار جي بدلي جيڪو ڪجه ڪرڻو هئين ڪيائون. جيڪڏھن مرڪز تائين انهن جي بدعنوانين جي خبر پئي ته ٿدو ائين ته انهن کي ھٽائي ڪري ٻيا گورنر يا صوبيدسر موڪليا ويا.مگر انهن کين کي سندن بدعنوانين جي سزا نه ڏني. ٻيو اهم نقطو اهو آھي ته جڏھن به غيرملڪي حملي آور آيا ته انهن سان گڏ مقامي طور تي تعاون ڪرڻ وارا انهن جو ساٿ ڏيڻ وارا ۽ انهن جي مدد ڪرڻ وارا سنڌي معاشري کان آيا.جڏھن جڏھن پنهنجن مفادن جي خاطر پنهنجي ئي ملڪ جي فتح ۾ انهن جو ساٿ ڏنو.انهن ۾ امير .عالم ۽ قبيلن جا سردار شامل هوندا هئا.ساڳئي دور جي تاريخن ۾ تعاون ڪرڻ وارن جي تعريف ڪئي وئي آھي ۽ انهن تي ڪٿي غداري جو الزام نه هنيو ويو آھي.اهي ٽئي تاريخون جن جو فارسي کان اردو ۾ ترجمو ٿيو آھي.سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏينديون..
*****
-قومن جي تاريخ ۾ ويڙھن ۽ ٻاھرين حلمه آورن خاص ڪردار ادا ڪيو آھي.اندرين طور تي حڪمران خاندان هن ڳاله جي ڪوشش ڪندا هئا ته ٻين علائقن جي خودمختياري ختم ڪري ان کي مرڪزي حڪومت جي ماتحت وٺي اچن.ان سلسلي ۾ گهرو ويڙھون ٿينديون هيون.جيڪڏھن مرڪزي حڪومت فوجي لحاظ کان مضبوط هوندي هئي ته اها علائقائي سردارن ۽ حڪمرانن کي شڪست ڏئي ڪري ان کي ماتحت بڻائي وٺندي هئي.نه ته ملڪ سياسي طور تي ورهايل رهندو هو.اهي گهرو ويڙھون معاشري جي جنگي سگهن کي ضايع ڪنديون هيون.جنگين جي سبب کان نه صرف جاني ومالي نقصان ٿيندو هو بلڪ ماڻھن ۾ عدم تحفظ جو احساس به پيدا ٿيندو هو.ان سبب کان ماڻھو لڏپلاڻ ڪري محفوظ علائقن ۾ ويندا هئا.جيڪي نه وڃي سگهندا هئا.اهي لاقانونيت ۽ بدعنوانين جي هٿان برباد ٿيندا هئا.هڪ مضبوط سياسي حڪومت ماڻھن کي نه صرف امن وامان ڏيندي هئي بلڪ معاشرو سماجي ومعاشي طور تي به ترقي ڪندو هو.ڇاڪاڻ ته استحڪام جي صورت ۾ ئي حڪمران ان قابل ٿيندا هئا ته اهي عوام کان ئي ٽيڪس وصول ڪري سگهن.۽ ان جي آمدني کان اهي پنهنجي درٻار کي شاندار بڻائيندا هئا.شاعرن ۽ عالمن جي سرپرستي ڪندا هئا ۽ هنرمندن کان پنهنجيون ضرورت جون شيون تيار ڪرائيندا هئا.ان دور ۾ شھرن جي آمدني وڌندي هئي ۽ شھري ڪلچر پيدا ٿيندو هو. ٻي صورتحال ۾ جنهن کان قومون متاثر ٿينديون هيون اهي ٻاهريان حمله آور هوندا هئا.جيڪڏھن اهي فتح ياب ٿي ويندا هئا ته اهي رياست جي سموري ڍانچي کي بدلائي ڇڏيندا هئا.حڪومت جي اهم عهدن تي انهن سان گڏ اچڻ وارا غير ملڪي هوندا هئا.ان صورت ۾ مقامي ماڻھو پردي جي پٺيان هليا ويندا هئا.سواء ان پارٽي جي جيڪا انهن سان تعاون ڪندي هئي.ان نئين طرز حڪومت ۾ حڪمران طبقن ۽ عوام ۾ مفاصلا وڌي ويندا هئا.ان ڪري عوام تي تسلط قائم ڪرڻ جي لاء فوجي طاقت وقوت جي ضرورت هوندي هئي.جيڪڏھن انهن جي خلاف بغاوت ٿيندي هئي ته ان کي سختي سان چٿيو ويندو هو.جيڪڏھن هاري روينيو ڏيڻ ۾ دير ڪندا يا مزاحمت ڪندا هئا ته ان جو سختي سان نوٽيس ورتو ويندو هو. ٻاهرين حملي آورن جو ٻيو اثر مقامي ڪلچر تي هوندو هو.ٻاهريان حملي آور پاڻ سان گڏ جيڪا نئين ثقافت ۽ لاڙا آڻيندا هئا.هڪ پاسي ته اهي مقامي ڪلڇر سان بغاوت ڪري هڪ اهڙي ڪلڇر کي پيدا ڪندا هئا ته جنهن ۾ سگه هوندي هئي.مگر ٻئي پاسي مقامي ڪلچر سرپرستي کان محروم ٿي ڪري ڪمزور به ٿي ويندو هو ۽ سوڙھو ٿي ڪري اهو شھرن جي بجاء ڳوٺن ۽ ٻھراڙين ۾ پناه وٺندو هو.سنڌ جي تاريخ به انهن ٻنهي سببن کان گذري.پاڻ ۾ اختلاف به ان معاشري جي تبديلي ۾ حصو ورتو.۽ ٻاھرين حملي آورن ۽ ٻاھرين حڪمرانن ۾ ان جي ڪلچر ۽ روايتن کي بدلايو.ان ريت سان ان جي سڃاڻپ هر هر تبديل ٿيندي رهي. جڏھن ته اتر هندستان ۾ مسلمان حڪمران خاندانن جون حڪومتون قائم ٿيون ته ان کانپوء سنڌ جي تاريخ کي دهلي جي نقط نظر سان ڏٺو ٿي ويو.ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت(1520کان 1592) ٻاھرين حملي آورن جي حڪومت هئي.جن سمعا خاندان کي بيدخل ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو هو.ترخانن جي شڪست کانپوء سنڌ مغلن جي تسلط ۾ اچي وئي.اڪبر جيتوڻيڪ روشن خيال ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارو حڪمران هو.مگر ان سان گڏ ھو هڪ تمام وڏو امپريلسٽ پڻ ھو.ته جنهن عظيم.سلطنت قائم ڪرڻ جي مقصد سان ننڍڙين رياستن کي ان ۾ گڏي ڇڏيو.سنڌ تي حملو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي.(1592) ليڪن سوال اهو پيدا ٿو ٿيئي ته ان ٽڪراء ۾ ڪنهن کي درست قرار ڏنو وڃي؟ارغون ۽ ترخان به ٻاھريان حملي آور هئا ۽ مغل به ته جن سنڌ کي فوجي طاقت سان قبضي ۾ ورتو هو.ڇا ان صورت ۾ ٻئي ٻاھريان حملي آور مذمت جي قابل آھن.؟ ارڙھين صدي ۾ جڏھن مغل خاندان جي زوال سان گڏ ڪلهوڙي خاندان(1700-کان 1782) ۾ اقتدار حاصل ڪيو ته اهو سنڌ کي هڪ خودمختيار سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.نادرشاه ۽ احمد شاه ابدالي جي حملي هن کي ڪابل جو بڻائي ڇڏيو.ايستائين ته ٽالپرن جي دور ۾ (1759کان1843) ۾ سنڌ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جو قبضو ٿي ويو.هن ڀيري سنڌ کي بمبئي ريزيڊنسيء ۾ شامل ڪري هن جي خودمختياري واري حيثيت کي ختم ڪيو ويو. ان تاريخي عمل سنڌ جي تاريخ کي منجهائي ڇڏيو آھي.اها ڪڏھن عربن جي نقط نظر کان لکي وئي ته ڪڏھن ارغونن ۽ ترخانن جي ۽ ڪڏھن مغلن ۽ انگريزن جي.ان لاء سنڌ جي تاريخ جي نئين جوڙجڪ جي اشد ضرورت آھي.جيڪا تاريخ کي انهن مونجهارن کان ڪڍي ۽ ھڪ چٽو نقط نظر سامهون آڻي. جڏھن به ڪو خاندان حڪومت تي تسلط قائم ڪندو هو ته تاريخ کي پنهنجي نقط نظر سان لکرائيندو هو.جيئن ته اڳ ۾ لکيو ويو آھي.شڪست کاڌل خاندانن يا قوم پنهنجي دفاع ۾ ڪجه چوڻ جي قابل نه هوندي هئي.ان ڪري جڏھن ارغون ۽ ترخان حڪمران ٿيا ته سمون خاندان تاريخ جي اونداهين ۾ وڃائجي ويو.ان جو دفاع ڪرڻ وارو ڪو مورخ ناهي رهيو.ساڳئي صورتحال ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت جي خاتمي تي ٿي ته تاريخ کي مغلن جي نقط نظر کان ڏٺو ويو.جڏھن ڪلهوڙن جو زوال ٿيو ۽ ثالپر حڪمران ٿيا ته ٽالپر دور جي مورخن ڪلهوڙن تي الزام هنيو ته هنن ٽالپر سردارن سان غداري ڪئي.انهن جي خلاف سازش ڪئي.۽ انهن کي ان قدر ستايو ته مجبور ٿي ڪري هنن ڪلهوڙن جي خلاف جنگ ڪئي.ٽالپرن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي اها سياسي وحدت ختم ٿي وئي ته جيڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ ھئي.هاڻي سنڌ ٽن حصن ۾ ورهائجي وئي.حيدرآباد.ميرپورخاص ۽ خيرپور.ڇاڪاڻ ته ٽالپر سردار قبائلي ذھنيت رکندا هئا.ان لاء سردار هاڻي جاگيرن تي قابض ٿي ويا.ميرن هنڌين هنڌ زرعي پوکن جي جاء تي شڪارگاهون قائم ڪيون.جنهن جي سبب کان ملڪ جي آمدني به متاثر ٿي.جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته هنن ان دور جي سمورين خرابين کي ڪارڻ ڄاڻائي ڪري پنهنجي قبضي جو حق تسلدم.ڪرايو. اها حقيقت آھي ته ٽالپر سنڌ کي ورهائي ڪري ان کي نهايت ئي ڪمزور ڪري ڇڏيائون ۽ ھڪ سبب سهو به آھي ته انگريزن کي ان تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي نٿي.
******
تاريخ جو هڪ ٻيو اهم پاسو پڻ آھي.جيتوڻيڪ سنڌ تي117-12 ۾عربن قبضو ڪري ورتو.۽ عربن جو سنڌ تي تسلط هباري خاندان (857-55 کان11-1010) جي خاتمي تائين رهيو.ان عرصي ۾ سنڌ جا عرب دنيا سان تعلقات به رهيا.هڪ وڏو انگ عربن جو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو.مگر عربي اقتدار ۽ تسلط جي باوجود هن علائقي کي عربي تهذيب وثقافت ۾ ڳنڍي نه سگهيا.جيئن ته هنن پنهنجي اولهائن علائقن ۾ ڪيو هو.(مصر.تيونس.الجزائر.مراڪش وغيره) ته جتي عربي ٻولي ۽ عربي ڪلچر انهن تي ڇائنجي ويو. جڏھن اترين هندستان ۾ سلاطين ۽ مغلن جون حڪومتون قائم ٿيون ته اهي هندستان ۾ ايراني ڪلچر ۽ فارسي ٻولي کي ساڻ کڻي آيا.بعد ۾ اھوئي ايراني ڪلچر ۽ فارسي ٻولي سنڌ تي ڇائنجي وئي.۽ ھن عربي ڪلچر جي تسلط کي ختم ڪري ڇڏيو.فارسي درٻار جي ٻولي ٿي وئي.وچ ايشيا ۽ ايران کان اچڻ وارن ان ڪلچر جي واڌاري ۾ حصو ورتو.ان جو نتيجو هو ته فارسي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ٿي ۽ صوفين جي نظرين کي مقبوليت ملي. ڇاڪاڻ ته فارسي ٻولي وادب عربي ڪلچر کان بغاوت ڪئي ۽ ايراني قوميت کي اڀاريو.ان لاء انهن وٽ بغاوت ۽ انڪار جون روايتون آھن.هن بي تنگ نظري ۽ عقيدت جي انتهاپسندي جي جاء تي روشن خيالي ۽ انسان دوستي جا جذبا آھن.هن ڪلچر سنڌ جي معاشري ۾ عالمن جي اثر کي ڪمزور ڪيو ۽ انهن کي صوفين جي اثر هيڌ آڻڻ ۾ مدد ڪئي.سنڌ جي حڪمرانن به صوفين جي سرپرستي ڪئي ۽ عالمن کي پرڀريو رکيو.ليڪن هن حقيقت کان انڪار ناهي ته سنڌ عربي ۽ ايراني ثقافتن جي تسلط جي باوجود پنهنجي اصلي سڃاڻپ کي برقرار رکيو.ڇاڪاڻ ته عربي ۽ فارسي عوام جون ٻوليون نه بڻجي سگهيون.اهي درٻار ۽ مذھبي ادارن تائين محدود رهيون.ان جو سبب اهو هئو ته سنڌ جي آبادي مختلف قبيلن ۾ ورهايل ٻھراڙين ۽ رڻ پٽن ۾ وکريل هئي ته جتي انهن جو تعلق حڪمرانن ۽ اميرن جي طبقن سان گهٽ ھوندو هو.انهن منجهان جيڪي قبيلا خانه بدوش(لاڏو) هئا.اهي حڪومت جي تسلط کان بلڪل آزاد هئا.۽ چرچر ڪندي رهڻ جي سبب اهي حڪومت ۽ سندس قانونن جي پرواه نه ڪندا هئا۽ انهيء سبب کان تاريخ مظھر شاهجهان ۾ انهن کي قورو ۽ چور سڏيو ويو آھي.هنن علائقن ۾ زراعت ٿيندي هئي.اتي حڪومت مقامي سردارن ۽ زميندارن جي وسيلي انهن سان مامرا طئي ڪندي هئي.ان ڪري درٻاري ۽ اميرن جي ڪلچر جو انهن تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ هنن پنهنجي مقامي ڪلچر کي زنده رکندي پنهنجي سڃاڻپ کي به برقرار رکيو.ان لاء تاريخ جي ان عمل ۾ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جو تحفظ ٻھراڙي ۽ لاڏو قبيلن ڪيو.جڏھن ته شھرن ۾ رهڻ وارن پاڻ کي ٻاھرين ڪلچر ۾ پوئي ڇڏيو. ضرورت هن ڳاله جي آھي ته اهي ماڻھو جن کي تاريخ ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي.انهن جي ڪردار ۽ عمل کي اجاگر ڪري انهن کي تاريخ ۾ جڳه ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو