سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي بچايو وڃي

سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي بچايو وڃي

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ معدني زرعي قدرتي وسيلن کان علاوه تاريخي ماڳ مڪانن سان به مالا مال آھي ۔پر ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي ۔دنيا جي تاريخ پڙھڻ کان پوء خبر پوي ٿي ته دنيا جي تمام گھڻن ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ آمدني جو ذريعو ثقافت ۽ سياحت جي ماڳ مڪانن تي ھوندو آھي ان مان ايتري آمدني ٿيندي آھي جو پوري ملڪ جو معاشي مسئلو حل ٿي ويندو آھي ۽ ان ملڪ جا ماڻھو ۽ اتي جي سرڪار خوشحال ھوندي آھي ۔انھن ملڪن ۾ تاريخي ماڳ مڪانن جي حفاظت ڪئي ويندي آھي ۽ لڳاتار حڪومتي مشينري انھن کي سنڀالڻ ۽ کوجنا جي چڪر ۾ سرگردان ھوندي آھي ۔ان سان تاريخي ماڳن جي حيثيت به وڌي ويندي آھي ۽ انھن جي مڪمل حفاظت به ٿيندي آھي ۔سنڌ سموري تاريخي ماڳ مڪانن سان ڀري پئي آھي پر انھن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري سڀ تباه و برباد ٿي رھيا آھن ۔پراڻن تاريخي قلعن تي ناجائز قبضا ختم نه ٿي سگھيا آھن ۔جن ماڳن تي قبضا نه آھن ته انھن تايخي عمارتن جون ديوارون ڪري رھيون آھن ۔انھن کي ھٿ سان تباه و برباد ڪيو پيو وڃي ۔ادارا به ٺھيل آھن جن جي ذميواري آھي ته قديم عمارتن ۽ تاريخي ماڳن کي بچايو وڃي پر انھي ڏس ۾ اھو ڪم نه ڪري سگھيا آھن ۔سنڌ ۾ اھڙا تمام گھڻا تاريخي ماڳ آھن ۔جن جي ادارن کي خبر ئي ڪونھي ته اھي تاريخي ماڳ ڪٿي آھن ۽ ڪھڙي حالت ۾ آھن انھن جي مالڪي ڪونه ٿي ڪئي وڃي ۽ اھي لاوارثي جي حالت ۾ تباه وبرباد ٿي رھيا آھن ۔اسان تمام گھڻا اھڙا تاريخي ماڳ آھن جيڪي مڪمل طور تي ختم ٿي چڪا آھن صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ يا وري پراڻن تاريخي ڪتابن ۾ انھن جو ذڪر ملندو ۔باقي ان ھنڌ تي نيون عمارتون ٺھي ويون آھن انھن جا نشان بالڪل مٽجي چڪا آھن ۔اسان پنھنجي قديمي ورثي کي بچائڻ ۾ ناڪام ويا آھيون ۔جيڪي باقي رھيل آھن ته انھن کي ته بچايو وڃي انھي ڏس ۾ به ڪي پاليسيون مرتب ڪونه ٿيون ڪيون وڃن انھن کي ڪئين بچايو وڃي ۔اسان وٽ اھڙا به تاريخي ماڳ آھن جيڪي ادارن کان علاوه عام ماڻھو به ان کان اڻڄاڻ آھي ته اھي تاريخي ماڳ ڪٿي آھن ۽ ڪھڙي حالتن ۾آھن ۔گڏاپ جي علائقي ڪنڍ جھنگ جي علائقي ۾ قديم ماڳ موجود آھي جتي قلعي جا نشان ۽ پراڻيون قبرون آھن ۔ضلع ٺٽي جي سمورن تعلقن ۾ گم نام تاريخي ماڳ موجود آھن جن جي نشاندھي به ڪئي وئي آھي ۔پر انھي ڏس ۾ ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آھي ۔ضلع بدين ۾ به تاريخي ماڳ آھن ۔اھڙي ريت سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻا ماڳ ظاھر ٿيا آھن ۔چانھو جي دڙي جي کوٽائي ڪري ان کي بچايو ڪونه ويو ۔جيڪو ھاڻي ٻيھر تباھي جي طرف وڃي رھيو آھي ڪير مالڪي ڪندو ڪير انھن تاريخي ماڳن کي بچائيندو ۔جنھن سان اسان جو شاندار ماضي عيان آھي جنھن سان اسان جي پنج ھزار سالن کان وڌيڪ سڃاڻپ آھي ۔جيڪو اسان جو قيمتي خزانو آھي اھو ڏينھون ڏينھن تباه ٿي رھيو آھي ۔وڏا وڏا ٿيندڙ سيمينار جلسا جلوس ڌرڻا پروگرام ڇا انھن تاريخي ماڳن کي بچائي سگھندا ؟ ڇا اسين دنيا ۾ ھڪ خوشحال قوم ٿي اڀري سگھنداسين ۔ھر باشعور ڏاھي فرد جو فرض ٿو ٿئي ته ھو انھي ڏس ۾ قدم کڻندي انھن تاريخي ماڳن کي بچائڻ جي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪندي ان لاء جاکوڙ ڪري جئين اسان جا ھي تاريخي ماڳ مڪان بچي سگھن انھن سان اسان جي بقا جو به سوال آھي ۔ڪٿي ائين نه ٿئي جو تاريخي عمارتن سان گڏ اسان جي به تاريخ لکي وڃي ته دنيا جي گولي تي سنڌي به قوم ھئي جنھن جو شاندار ماضي ھو

پهنجو تبصرو موڪليو