سنڌ جي اعتراضن باوجود جلالپور ڪينال تيار ٿي ويو

سنڌ جي اعتراضن باوجود جلالپور ڪينال تيار ٿي ويو

ليکڪ: نصير ميمڻ
تازو آزمائشي بنيادن تي وهايل جلالپور ڪينال پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست بابت هڪ نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن منصوبي تي اعتراضن بابت سنڌ حڪومت جو خلاصو يعني سمري 2024ع کان ئي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) وٽ التوا هيٺ پيل آهي. سنڌ هن منصوبي جي شروعات کان ئي اعتراض اٿاريندي رهي آهي، پر انهن اعتراضن کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي.
جهلم درياهه تي رسول بئراج جي ساڄي ڪناري مان نڪرندڙ 117 ڪلوميٽر ڊگهي هن مکيه ڪينال جي جوڙجڪ موجب ان جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 1,350 ڪيوسڪ آهي. ان جو مقصد پنجاب جي پوٺوهار پليٽو واري علائقي، خاص طور تي پنڊ دادن خان ۽ خوشاب ضلعن ۾، خريف جي موسم دوران لڳ ڀڳ هڪ لک 70 هزار ايڪڙ قابلِ پوک زمين کي پاڻي فراهم ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) هن منصوبي جي ڊزائن ۽ تعمير لاءِ پنجاب حڪومت کي مالي سهائتا فراهم ڪئي هئي.
پنجاب جو چوڻ آهي ته نئين ڪينال لاءِ پاڻي پنهنجي حصي مان اندروني ترتيب ذريعي فراهم ڪيو ويندو. پر سنڌ سوال اٿاريو آهي ته هر سال گهربل لڳ ڀڳ پنج لک ايڪڙ فوٽ اضافي پاڻي آخر ڪٿان ايندو؟ 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت پنجاب کي مليل سمورو پاڻي اڳ ئي مختلف ڪينالن ۾ ورهايو ويو آهي. اندروني ترتيب ڏيڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪنهن ٻئي ڪينال واري علائقي جي پاڻي جي حصي ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. منصوبي بابت دستياب سرڪاري دستاويزن ۾ اهو ذڪر ئي موجود ناهي ته ڪهڙو بئراج يا ڪهڙو ڪينال پنهنجو پاڻي ڇڏي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن ڪنهن علائقي لاءِ مخصوص پاڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو ته ان علائقي جا آبادگار پنهنجي جائز آبپاشي واري حصي کان محروم ٿي ويندا.
انڊس رور سيسٽم اٿارٽي يعني ارسا جڏهن سيپٽمبر 2014ع ۾ هن منصوبي لاءِ اين او سي جاري ڪيو هو ته ان کي ان شرط سان مشروط ڪيو ويو هو ته ڪينال لاءِ پنجاب پنهنجو ئي پاڻي استعمال ڪندو. ان وقت ارسا جي اجلاس ۾ سنڌ جو ميمبر واحد مخالف آواز هو، پر 4-1 جي اڪثريت سان سندس اعتراض رد ڪيو ويو. بهرحال، ارسا اهو سوال نه اٿاريو ته پنجاب پنهنجي ڪينالن جي پاڻي جي ورهاست کي ڪيئن اهڙي نموني تبديل ڪندو، جنهن سان موجوده آبپاشي وارن علائقن کي نقصان نه پهچي.
هن منصوبي ۾ پاڻي جي فراهمي جو معيار به عام معيار کان ڪافي وڌيڪ رکيو ويو آهي. ڪينال لاءِ تقريباً 6.75 ڪيوسڪ في هزار ايڪڙ پاڻي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جي ڪينال نظام لاءِ مقرر 2.75 ڪيوسڪ في هزار ايڪڙ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي.(جنهن جو مک سبب ايراضي هيٺ ايندڙ گهڻي زمين وارياسي آهي).
22 نومبر 2021ع تي سنڌ اسيمبلي پنهنجي اجلاس ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين ميمبرن پاران پيش ڪيل ٺهراءُ متفقه طور منظور ڪيو هو، جنهن ۾ جلالپور ڪينال ۽ گريٽر ٿل ڪينال (ٻيو مرحلو) جي چوبارا برانچ ڪينال جي تعمير تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي. ٺهراءُ ۾ وفاقي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي وئي ته هن سنڌ جي قانوني اعتراضن جي باوجود هن تڪراري منصوبي کي اڳتي وڌايو. اسيمبلي هن منصوبي کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۽ ارسا ايڪٽ 1992ع جي خلاف قرار ڏنو.
ان کان اڳ، سنڌ حڪومت پنهنجي رٿابندي ۽ ترقي کاتي (P&D) ذريعي 2018ع جي شروعات ۾ ٿيل ايڪنيڪ (ECNEC) جي اجلاس ۾ به اعتراض داخل ڪرايا هئا. ان کان پوءِ 11 نومبر 2021ع تي سنڌ حڪومت رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي جلالپور ڪينال بابت پنهنجا خدشا به ظاهر ڪيا هئا.
هي ڪينال اپريل کان آڪٽوبر تائين غير دائمي بنيادن تي آبپاشي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. خريف جي شروعاتي مهينن، يعني اپريل ۽ مئي دوران، سنڌ طاس نظام ۾ پاڻي جي سخت کوٽ هوندي آهي. سي سي آءِ ڏانهن موڪليل پنهنجي سمري ۾ سنڌ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڻي جي کوٽ بابت تفصيلي انگ اکر پيش ڪيا آهن. ڪيترن ئي سالن دوران شروعاتي خريف ۾ سنڌ کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. موجوده سال به ڪوٽڙي بئراج تي شروعاتي خريف دوران پاڻي جي کوٽ 65 سيڪڙو تائين پهتي. اهڙي صورتحال ۾ جلالپور ڪينال ذريعي وڌيڪ 1,350 ڪيوسڪ پاڻي ڪڍڻ سان سنڌ جي فصلن لاءِ سخت نقصانڪار حالتون پيدا ٿينديون، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ خريف جا فصل پنجاب کان اڳ پوکيا ويندا آهن.
سنڌ کي اهو خدشو پڻ آهي ته پنجاب وٽ نظام ۾ ڪو اضافي پاڻي موجود نه هجڻ سبب آخرڪار هو چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌو درياهه مان وڌيڪ پاڻي کڻي جهلم واري علائقي جي اضافي ضرورت پوري ڪندو.
ان جو سڀ کان وڏو نقصان آخرڪار سنڌو ڊيلٽا کي ڀوڳڻو پوندو، جتي اڳ ئي سال جي وڏي حصي دوران تازو پاڻي تقريباً نٿو پهچي ۽ اهو علائقو مسلسل ماحولياتي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن مٺي پاڻي جي آمد ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي ته سمنڊ جو کارو پاڻي وڌيڪ اندر داخل ٿيندو، ڊيلٽا جو نازڪ ماحولياتي نظام وڌيڪ تباهه ٿيندو ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي روزگار تي به سنگين اثر پوندا.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) آئين جي آرٽيڪل 154 تحت اهو آئيني فورم آهي، جنهن کي صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست بابت تڪرارن کي حل ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي سمري سي سي آءِ وٽ التوا هيٺ هجڻ باوجود ڪينال جي تعمير مڪمل ڪئي وئي. ليکڪ موجب، اهڙو قدم وفاقي نظام جي بنيادي روح جي ابتڙ آهي. اهڙا واقعا ارسا ۽ سي سي آءِ جهڙن ادارن جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ بي اعتمادي کي وڌيڪ وڌائين ٿا. (هي مضمون اڄوڪي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيس ڪريون ٿا. ادارو) nmemon2004@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو