منور برھماڻي
سنڌ، جيڪا مهان ادب، تهذيب ۽ دانائيءَ جي ڌرتي رهي آهي، اڄ اُن ئي ڌرتي تي نياڻين لاءِ ڌرتي موت جو پيغام بڻجي رهي آهي. تازو ئي ميرپورخاص جي ليڊي ڪانسٽيبل مهوش جروار جو لاش سندس سرڪاري ڪواٽر مان ڦاھو کاڌل حالت ۾ مليو ، پوليس ان کي خدڪشي قرار ڏنو، پر ماضي، حالتن ۽ عوامي ردعمل مان ظاهر آهي ته هي خدڪشي نه ، بلڪي هڪ منصوبا بندي تحت قتل آهي، جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مھوش جروار جي خودڪشي ڪئي سوال ڇڏي وئي آھي ، بلڪل نائلا رند جي خدڪشي جيان ، هي واقعو اُن سان ميل کائيندڙ آهي ، جيڪو ڪجهه سال اڳ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند سان پيش آيو هو ، نائلا کي به خدڪشي جو رنگ ڏئي دفن ڪيو ويو، پر وقت سان گڏ ان جون حقيقتون ظاهر ٿيون ته اهو به هڪ بي رحماڻو قتل هو ، محبت، بدنيتي، دٻاءُ ۽ بدعنواني جو ميلاپ ،سنڌ ڌرتي نياڻين لاءِ مقتل گاهه ڇو پئي بڻجدي وڃي؟
ڪجهه مهينا اڳ قمبر جي استادياڻي صدف حاصلو جو به ناحق قتل ڪيو ويو، جيڪو پڻ پوليس جي نااهليءَ ۽ بااثر ماڻهن جي سرپرستي سبب اڃا تائين انصاف کان محروم آهي، مهوش جو واقعو ان تسلسل جو حصو آهي، جتي نياڻيون سرڪاري ادارن اندر به محفوظ ناهن، جنسي هراسان جا شڪار ٿيڻ بعد انصاف جي بجاءِ خاموشي مڙهي وڃي ٿي، جڏهن ڪو آواز اٿاري ٿو ته يا ته کيس ڌمڪيون ملن ٿيون، يا سندس حياتي کسي وڃي ٿي،
لاڙڪاڻو رتوديرو ٿاڻي جي حد نادر شاہ محلا جي نينگري 8 ورھين جي حميده جوڻيجو کي
اغوا بعد مبينا جنسي زيادتي جي ڪوشش ، ڪئي وئي ، جنهن ۾ هڪ جوابدار نويد وڌو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، نينگري حميده جوڻيجو جو چوڻ ھو ته مان پنهنجي گهر جي لاءِ سودو وٺڻ وڃان پئي ته جوابدار نويد وڌو، سجاد وڌو ۽ ھڪ نامعلوم مون کي منهن تي ڪپڙو وجهي اغوا ڪري ڪنهن ويران جڳھ ۾ زيادتي جي ڪوشش ڪن پيا ته مان رڙيون ڪيون ته گهٽي مان ويندڙن ماڻھن منھنجو آواز ٻڌي مون کي بچائي ورتو ، ھڪ جوابدار پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ۽ ٻه جوابدار فرار ٿي ويا ، وڏي افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته اھڙي ماملي جو پوليس ڪيس داخل ناهي ڪيو، نيگري اھو به چيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي نه ته باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندم، حالت وڃي اھا رھي آھي جو نياڻيون آخري حل آھو ڳولين ٿيون ، جنھن کي اسان خدڪشي جو نالو ڏئي ، ان تي داغ لڳائي ڇڏيندا آھيون ، جڏھن انھن سڀني حادثن تي نظر ڦيرائجي ته ھر خدڪشي قتل ھوندي آ ، ان پويان ڪنھن نه ڪنھن قاتل جا ھٿ رنڱيل ھوندا آھن ، ڪٿي زھني ھراسان ، جسماني ھراسان ، بليڪ ميلنگ، محبت جي نالي جسماني بک، ته ڪٿي مائٽن پاران زبردستي شادي جنھن جو مقابلو يا دفاع نه ڪري سڳھندڙ خودڪشي جو رستو اختيار ڪنديون آھن ، يعني ان کي مجبور ڪيو ويندو آھي ، جيڪو به قتل جي زمي ۾ اچي ٿو ،
مهوش جروار جي ڪيس جي پسمنظر ۾ اھڙا حقائق سامھون اچن ٿا، مهوش جروار جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ٽريننگ دوران ۽ بعد ۾ ساڻس هراسان ڪرڻ جا واقعا پيش آيا هئا ، جن بابت نه صرف داخلي شڪايتون ٿيون، پر ساڻس ڪم ڪندڙ ٻين اهلڪارن پاران به ڪجهه مشاهدن جو اظهار ٿيو آهي ،افسوس ته، هن جي موت کان پوءِ به ان مامري کي “خدڪشي” جو نالو ڏئي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ،
انھي ئي سبب ڏينھن به ڏينھن عورتن تي تشدد جا ڪيس وڌي رهيا آهن،
اسان وٽ نائلا رند، نيمرا علي، فوزيا ڪورائي، ڊاڪٽر نمرتا ، نورين مھر ، تانيا خاصخيلي ۽ هاڻي مهوش جو ڪيس ان ڳالهه جا گواهه آهن ته عورتن جي خلاف تشدد، خاص ڪري ادارن اندر، هڪ نئون روپ اختيار ڪري چڪو آهي ،
ڇا ! پوليس پاڻ ڏوهن ۾ ملوث آهي يا مجرمن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي؟
سياسي اثر رسوخ سبب اصل ڏوهاري جو گرفتار نه ٿيڻ، ميڊيا جي ڪجهه حصن تي دٻاءُ سبب خبرون محدود رپورٽ ٿيڻ سان گڏ ٻيا به ڪيترا ئي سماجي مسئلا آھن ، جنھن سبب ڏوھ گھٽجڻ بجائي زور وٺي رھيا آھن ،هڪ طرف درياهن تي ڌاڙا، ٻئي طرف ڌاڙا، چوريون، قتل عام ، ۽ وري نياڻين جا ڦاھو کاڌل لاش۔ سنڌ واسين جو صبر هاڻي پڄاڻي تي پهتو آهي، قوم انصاف لاءِ روڊن تي آهي، پر نياڻين لاءِ تحفظ جو ڪو پڪو نظام اڃا تائين موجود ناهي ، مهوش، صدف، نائلا، ۽ ٻين سان انصاف لاءِ آزاديءَ سان عدالتي انڪوائري ٿيڻ گھرجي،پوليس کي تعليم ۽ ٻين ادارن ۾ اندروني احتساب جو مضبوط نظام ٺاهڻ گهرجي، انھي سان گڏو گڏ هر ضلعي ۾ هراسان ٿيل عورتن لاءِ سپورٽ مرڪز، قانوني امداد، نفسياتي سهائتا فراهم ڪئي وڃي،
جتي صرف قانون هجڻ ڪافي ناهي، انهن تي سختي سان عمل ٿيڻ ضروري آهي،مهوش، نائلا، صدف ، مجيده جوڻينجو ۔ؤ، ڊاڪٽر نمرتا ،تانيا خصخيلي هي صرف نالا ناهن، هي سڀ ان سماج جو آئينو آهن، جتي عورت جي آواز کي خاموش ڪرڻ لاءِ سازشون ٿين ٿيون، جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين، ته سڀاڻي اسان جون نياڻيون پنهنجي ئي گهرن ۽ ادارن اندر غيرمحفوظ نه هونديون،اهڙي صورتحال سنڌ جي انهن بي شمار نياڻين لاءِ سوال بڻجي وئي آهي، جيڪي نوڪري لاءِ، تعليم لاءِ يا پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ ادارن جو رخ ڪن ٿيون ، جيڪڏهن محفوظ ادارا به غيرمحفوظ بڻجي وڃن ته پوءِ والدين پنهنجي ڌيئرن کي ٻاهر موڪلڻ کان ڊڄندا، جنهن جو اثر سڄي سماج تي پوندو، سنڌ جي نياڻين کي انصاف ڏيو ، ڇو ته هوءَ خاموش آهن، پر مرده ناهن۔










