سنڌ تي ماڪڙ کان پوءِ ڪتن جو حملو…!! حسن ناز سومرو

سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ ويڌن ڪي نوان ڪونه آهن سو هر دور ۾ سنڌ جي سيني تي وار ٿيندا رهيا آهن پوءِ ڪڏهن اهي ڌارين جي روپ ۾ ته ڪڏهن پنهنجن جي ڪارستانين جي نتيجي ۾، سو پهريان سنڌ کي مڪڙن نقصان رسايو ته جنهن کان بعد ۾ ماڪڙ ۽ هاڻي وري ڪتن ڪهري ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون آهن پر افسوس جي ڳالھ اها آهي جو سنڌ سرڪار نه ته مڪڙن کي لغام ڏيئي سگھي ۽ نه وري ماڪڙ تي ضابطو آڻي سگھي ۽ هاڻي وري ڇتي ڪتن پنهنجون ڪاروايون تيز ڪندي ٻن درجنن کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهيندي اڳتي وڌي رهيا آهن هوڏانهن سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ وري ڇتي ڪتي ڏاڙهڻ کان پوءِ ان کان بچاءُ جي ڪا به انجيڪشن (ويڪسين) موجود نه آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪتي جا ڏاڙهيل ماڻهو تڙپي تڙپي دم ڏئي رهيا آهن.

سنڌ ۾ رولو ڪتن جي واڌ ويجھ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي پر انهن ڪتن کي مارڻ جو ڪوبه جوڳو انتظام ٿيل نه آهي جنهن جي نتيجي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڇتا ڪتا سرعام گھمي ڦري رهيا آهن.

اڄ کان ٻه ڏهاڪا سال اڳ ۾ سنڌ سرڪار پاران ماڪڙ کي مارڻ جو باقائدي سان اسپري ڪرائي ماڪڙ مان جند آجي ڪرائي ويندي هئي، ان کان علاوه هر سال مڇرن مارڻ جو اسپري ڪرائي مڇرن مان به جند ڇڏائي ويندي هئي ان کان علاوه هر سال رولو ڪتن کي مارڻ لاءِ ڪتا مار مهم شروع ڪئي ويندي هئي جنهن جي نتيجي ۾ عوام ڇتن ڪتن جي آزار کان به محفوظ رهندي هئي پر موجوده حڪومت نه ته ماڪڙ کي مارائي سگھي آهي ۽ نه وري مڇرن جو اسپري ڪرائي سگھي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪتا مار مهم هلائي سگھي آهي جنهن جو نتيجو اڄ سموري سنڌ جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن.

سنڌ ۾ رولو ڪتن جو ايترو ته آزار وڌي ويو آهي جو اهي ڪتا جڏهن پنهنجي موت به مرندا هن ته پوءِ اهي يا ته واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ وڃي مرندا آهن يا وري ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ مرندا آهن جتي مهينن جا مهينا ڪتن جا لاش پيا سڙندا آهن پر ميونسپل عملي وارا اهي سڙيل ڪتن جا لاش کڻائڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ان علائقي جا ماڻهو مختلف موذي مرضن ۾ وڪوڙجي ويندا آهن.

هن وقت پوري سنڌ ۾ ڪشمور کان وٺي ڪراچي تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا رونما ٿي رهيا آهن پر سنڌ سرڪار هن نازڪ مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي ذاتي مسئلن ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي، سنڌ جي جنهن به شهر ۾ ڪو ڇتو ڪتو ڪنهن ماڻهو کي ڏاڙهي وٺي ٿو ته اهو ماڻهو سڌو سرڪاري اسپتال جو رخ ڪندو آهي پر افسوس جي ڳالھ اها آهي سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ کان پوءِ ان جي علاج جي ويڪسين موجود نه آهي جنهن جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهو يا هميشه جي لاءِ چريو ٿي وڃي ٿو يا وري ڪتي جي زهريلي جراثيمز جي ڪري تڙپي تڙپي مري وڃي ٿو سو سنڌ اندر هن وقت انتهائي ڳڻتي واري صورتحال آهي.

سياري جي ٿڌ جي ڪري اڪثر ڪتا داغي توازن وڃائي ويهن ٿا ۽ پوءِ اهي وفادار ڪتا پنهنجي مالڪ جي سڃاڻ ڪري نه سگهندا آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر سامهون ايندڙ شخص کي اهي ڪتا پنهنجو دشمن سمجھي چڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪتي جي چڪ  هڻڻ دوران ڪتي جا اهي دماغي توازن وڃائيندڙ جراثيم ان متاثر ماڻهو جي رت ۾ شامل ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ اهي جراثيم ڊاريڪٽ ان متاثر شخص جي دماغ تي اثر انداز ٿي ان جي حالت به غير ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي نتيجي اهو شخص يا ته هميشه لاءِ چريو ٿي ويندو آهي يا وري وقفي وقفي سان ڇتي ڪتي وارا دورا پوڻ شروع ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري اهو متاثر شخص به ان ڇتي ڪتي وانگر ماڻهن کي چڪ هڻڻ شروع ڪندو آهي سو هن وقت پوري سنڌ ۾ ڇتن ڪتن آزار مچائي ڇڏيو آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن تي سنڌ جي ڪنهن نه شهر مان ڪنهن معصوم ٻار، عورت توڙي مرد جي ڏاڙهڻ جا واقعا رونما ٿي رهيا آهن پر سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ کان پوء جي حالت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ويڪسين يا ڪا انجيڪشن موجود نه آهي جنهن جي ڪري پوري سنڌ ۾ بي چيني پکڙيل آهي سو ان باري ۾ اسين هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته پوري سنڌ ۾ ڪتا مارِ مهم شروع ڪري رولو ڪتن جو خاتمو آندو وڃي ۽ سنڌ جي سموري اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي متاثر ماڻهن لاءِ ويڪسين مهيا ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جي عوام خوف واري صورتحال مان آجي ٿي سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو