طفيل مگسي
تاريخ صرف بادشاهن، جنگين ۽ سلطنتن جو داستان ناهي،بلڪ نلن جو سفر به تاريخ جو هڪ خاص باب آهي۔ڪي نالا هزارين سالن تائين زندھ رهن ٿا،سرحدون بدلجي وڃن ٿيون، مگر انهن جو پڙاڏو مختلف پرڳڻن ٻڌڻ ۾ ايندو رهي ٿو۔”سنڌ“ به اهڙوئي نالو آهي۔اڄ اها پاڪستان جي هڪ ڪنفيڊريشن جي سڃاڻپ آهي،ليڪن قديم دنيا ۾ هن جو مفهوم انهيء کان وڌيڪ ڪشادو هو۔اهوئي سبب آهي ته جڏهن هماليه جي دامن ۾ واقعي نيپال جي ضلعي سنڌولي( Sindhuli) جو نالو سامهون اچي ٿو ته ذهن ۾ هڪ هڪ فطري سوال جنم وٺي ٿو،چا اهو محض اتفاق آهي يا ان جي پٺيان تاريخ جي ڪا اونهي پرت لڪل آهي؟۔
ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ جي لاء ضروري آهي ته سنڌ کي صرف موجوده سياسي نقشي تائين محدود نه ڏٺو وڃي بلڪ هن کي هڪ قديم سلطنت ۽ تهذيبي پرڳڻي جي طور تي سمجهيو وڃي۔
عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ هڪ باقاعدي سلطنت هئي،جنهن تي پهرين راء خاندان ۽ بعد ۾ برهمڻ خاندان جي حڪومت رهي۔مختلف تاريخي دورن ۾ ان سلطنت جون سرحدون تبديل ٿينديون رهيون،باوجود ان جي مختلف تاريخي ماخذ هن ڳالھ جي نشاندهي ڪن ٿا ته ان جو اثر اتر ۾ ڪشمير جي پاسي تائين ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ڪنارن تائين پکڙيل هو۔ڪي محقق،خاص طور تي قديم جغرافيه ۽ واپاري رستن جو مطالعو ڪرڻ وارا اهل علم،اها راء به پيش ڪن ٿا ته”سنڌ“ صرف هڪ سياسي رياست نه بلڪ هڪ ڪشادي تهذيبي ۽ واپاري پرڳڻو هو،جنهن جا لاڳاپا مڪران، ڏکڻ ايران،خليج فارس ۽ يمن تائين پکڙيل هئا۔جيتوڻيڪ ان موقف تي سمورن محققن جو اتفاق ناهي،ليڪن اها ڳالھ چٽي آهي ته قديم دنيا ۾ ”سنڌ“ هڪ اهڙي نالي جي حيثيت رکندو هو جنهن جو پڙاڏو موجوده سرحدن کان گهڻو اڳتي ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔
شايد اهوئي سبب آهي تهڏکڻ ايشيا جي مختلف حصن ۾ اڄ به اهڙا نالا محفوظ آهن جيڪي”سنڌ“ يا”سنڌو“ جي ياد ڏيارين ٿا۔انهن ئي منجهان هڪ نيپال جو تاريخي ضلعو سنڌولي آهي۔
پهرين نظر ۾ ”سنڌولي“ جو نالو حيران ڪري ٿو۔چا ان جو تعلق واقعي”سنڌو”سان آهي يا اها نالي ماتر مشابهت آهي؟
ان سوال جو جواب اڃا تائين ڪو ٺوس جواب موجود ناهي۔ڪي ماهر ان نالي کي سنسڪرت جي لفظ”سنڌو“ سان ڳنڍين ٿا،جنهن جي معني دريا يا عظيم پاڻي جا وهڪرا آهن۔چوته سنڌولي جو علائقو جابلو ندين،چشمن ۽ قدرتي پاڻي سان مالا مال آهي۔ان ڪري چيو وڃي ٿو ته شايد ان جي نالي جي پاڙ به انهيء پراڻي لفظ ۾ هجي۔
ٻيئي پاسي نيپالي تاريخي روايتون ان نالي جا ٻيا به ڌيان بيان ڪن ٿا،جن ۾ هڪ مقامي حڪمران ”سنڌل“ يا” سڌهٿکي“ کان ارتقا جو نظريو به شامل آهي۔ان لاء عملي اعتبار کان اهوئي چوڻ درست ٿيندو ته”سنڌو“ ۽ ”سنڌولي“ جي وچ ۾ هڪ دلچسپ تحقيقي امڪان آهي۔
ان هوندي سنڌولي جي عالمي اهميت صرف ان جي نالي تائين محدود ناهي۔
سن1767ء ۾ اهوئي اهو هنڌ هو جتي برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي پنهنجي شروعاتي ۽ اهم ترين شڪستن منجهان هڪ کي منهن ڏسڻو پيو۔ان زماني ۾ گورکا پٿوي نارائن شاه نيپال جي مختلف رياستن کي گڏ ڪري رهيو هو،جڏهن ته کٽمنڊو جي ملاح سلطنت پنهنجي مدد جي لاء ايسٽ انڊيا ڪمپني کي دعوت ڏني۔ڪمونيء ڪيپٽن جارج ڪنلوڪ جي قيادت ۾ هڪ فوج رواني ڪئي،جنهن کي يقين هو ته جديد هٿيار ۽ تربيت جي سهاري تي هو گورکا فوجين کي شڪست ڏيندي۔
ليڪن سنڌولي گڙهي جي اڙانگن جبلن جنگ جو رخ بدلائي چڏيو۔
گورکا سپاهين جابلو جنگي حڪمت عملي اپنائي،پهچ جا رستا بند ڪيا،بلند چوٽين کان حملا ڪيا ۽ مقامي جغرافيه کي پنهنجي سڀ کان وڏي طاقت بڻائي ورتو نتيجو اهو نڪتو ته برطانوي فوج کي پوئتي هٽڻو پيو۔اها صرف هڪ فوجي شڪست نه هئي بلڪ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ فيصلو ڪندڙ پل هو۔جيڪڏهن ان مهم ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪامياب ٿي وڃي ها ته ممڪن هو ته نيپال به برطانوي هندستان جو حصو بڻجي وڃي ها۔ان لاء اڄ به سنڌولي ڳڙهي نيپال ۾ آزادي،مزاحمت ۽ قومي وقار جي نشاني سمجهي وڃي ٿي۔
سنڌولي جغرافيائي اعتبار کان به غير معمولي اهميت رکي ٿو۔هي ضلعو نيپال جي ڀاگمتي صوبي ۾ واقعي آهي،جتي ڊگها پهاڙ،سرسبز واديون ۽ اندروني بيهڪ هڪ ٻيئي سان ملن ٿيون۔جاپان جي تعاون سان ٿيڻ واري بي پي ڪوئرالا هائي وي انهيء ضلعي کان گذري ٿو ۽ جديد انجينئرنگ جو هڪ شاهڪار سجهيو وڃي ٿو۔ان کانسواء سنڌولي پنهنجي معياري مالٽن ۽ ڪينو جي پيداوار کان به سڄي نيپال ۾ مشهور آهي۔
جيڪڏهن تاريخي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته”سنڌ“ جهڙا نالا فقط هڪ پرڳڻي تائين محدود نه رهيا۔قديم فارسي ۾ ”سنڌو“ جو آواز” هندو“ ۾ تبديل ٿيو۔يونانين هن کي“انڊوس“ سڏيو ۽ بعد ۾ اهوئي لفظ”انڊيا“ جو بنياد بڻيو۔انهيء لساني ارتقا ثابت ڪيو ته لفظ به تهذيبن سان گڏ سفر ڪن ٿا ۽ وقت سان گڏ نيون صورتون اختيار ڪن ٿا۔
ايران،افغانستان،هندستان ۽ نيپال ۾ اهڙا ڪافي هنڌ،دريا ۽ جابلو علائقن جا نالا ملن ٿا جيڪي”سنڌ“ يا”هندو“ سان صوتي مشابهت رکن ٿا۔انهن سمورن مثالن کي سڌوسنئون وادي نڌ سان ڳنڍي چڏڻ درست ناهي،ليڪن اهو ضرور ظاهر ٿيئي ٿو ته ”سنڌو“ قديم ايشيا جو هڪ ڪشادي تهذيبي ۽ جغرافيائي روايت جو حصو هو۔
نيپال جو سنڌولي انهيء حقيقت جو هڪ۔خوبصورت مثال آهي،اهو ضلعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته تاريخ کي صرف اڄ جي سياسي سرحدن جي اندر قيد نٿو ڪري سگهجي۔تهذيبون،ٻوليون،واپار لنگھ ۽ نالا، سڀ پنهنجي پنهنجي تاريخ رکن ٿا، ۽ اڪثر اها تاريخ موجوده رياستن کان ڪافي قديم هوندي آهي۔
ٿي سگهي ٿو ته مستقبل جي تحقيق سنڌولي ۽ وادي سنڌ جي وچي ثابت ڪري ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهو تعلق صرف لساني اتفاق ٿيئي۔ليڪن هڪ حقيقت پنهنجي جڳھ تي قائم آهي،تاريخ سدائين انهن ماڻهن جي لاء نوان دروازا کولي ٿي جيڪي سوال پچڻ جو حوصلو رکن ٿا۔سنڌولي جو نالو به اهڙوئي هڪ سوال آهي،جيڪو اسان کي وادي سنڌ کان کڻي ڪري هماليه جي چوٽين تائين وٺي وڃي ٿو، ۽ اهو احساس ڏياري ٿو ته ”سنڌ“ صرف هڪ پرڳڻي جو نالو ناهي،بلڪ هڪ اهڙي تهذيبي ياد آهي۔جنهن جو پڙاڏو اڄ به ايشيا جي مختلف ڪنڊن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو۔










