قادر بخش زئور
سنڌو درياھ جي پاڻي تي سدائين قبضي جو سازشون ڪيون ويون آھن ڪالھ به درياھ کي بند ٻڌڻ لاء طاقتور قوتون سندرو ٻڌي بيٺون ھنيو ھن وقت به ساڳئي ھوڏ تي قائم آھن ماضي وانگر سنڌين کي وڏي جدوجھد ڪرڻي ڀوندي درياھ کي بچائڻ لاء لکين ماڻھو گڏ ٿي سنڌ پنجاب جي دنگ تي وري ڪو دنگل ڪرڻو پوندو تڏھن سنڌو درياھ کي بچائي سگھجي ٿو سنڌو درياھ وھندو ته ھي سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ٻه وقت جي ماني کائي سگھندا گذر سفر ڪري سگھندا سنڌو درياء تي وڌيڪ ڊيم ڪئينال ٺھيا ته سنڌي قوم جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويندو بک بدحالي غربت ڏاڪي ٻه ڏاڪي وڌندي ويندي ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا ماضي ۾ جڏھن سنڌو درياھ جڏھن پنھجي موج ۽ مستي ۾ وھندو ھو تڏھن سنڌ ۾ ھر گھر ۾ خوشحالي ھئي ھر گھر ۾ چوپائي مال جا ڌڻ ھوندا ھئا فجر ويل مائروڙا اٿي مال ڪاھي زمينن تي ويندا ھئا ھئا 1997 کان وٺي سنڌو درياھ جي پاڻي تي پنجاب قبضو ڪري ورتو آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن مال کان وٿاڻ خالي ٿي ويا آھن ڏڪار بک بدحالي غربت جنم ورتو آھي سنڌو درياھ سنڌ جي خوشحالي جي ضمانت آھي واھڻ وستي نگري شھر ڳوٺ سڀ خوش ھئا جڏھن دريا پنھجي مستي ۾ مست ٿي مختلف بئرائچن مان سنڌ جي زمينن تي اھو پاڻي پھچندو ھو وقت سر آباديو ٿينديون ھيون سنڌ حڪومت جي ڪمزور پاليسن سبب روزانه اسان جو درياھ اسان کان کسجي پيو ھن وقت به سنڌو درياھ تي قبضي لاء ارسا کي ختم ڪرڻ جا منضوبا جاري ڪيا ويا آھن اڪيلي سر وفاق فيصلو ڪري درياء کي بند ٻڌي ڪالاباغ ڊيم ٺاھي انھي مان ٻيا ڪئينال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ان کان اڳ به سنڌو درياھ تي پنجاب ڪيترائي ڪئينال ڪڍي چڪو آھي ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي ٿو ۽ 27 سالن کان وٺي سنڌ ڀوڳي ٿي پئي پاڻي جي کوٽ ناياب زمينون بنجر بڻجي ويون آھن ماڻھو لڏپلاڻ تي مجڀور بڻيل آھن ۽ ساحلي پٽي سجاول ٺٽو بدين ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ھجڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباھ لڳي پئي آھي جر کارا ٿي ويا آھن سمنڊ لکين ايڪڙ زمين گھي ويو آھي مٺو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي سنڌو درياھ تي بند ٻڌڻ بدران ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي تي جيئن سمنڊ وڌيڪ زمينن تي چاڙھ نه ڪري ۽ انساني آبادي جيڪا لڏپلاڻ تي مجبور بڻيل آھي اھا پنھجي ٻجن سان پنھجي ڪکائن گھرن ۾ آباد رھي۔تنھڪري ڪري وقت جي صرورت آھي ته ننڊ مان سجاڳ ٿي سنڌو درياھ بچائجي










