سماج سڌارڪ نظرعلي شر جي موڪلاڻي

سماج سڌارڪ نظرعلي شر جي موڪلاڻي

خاصخيلي لطيف راولاڻي ۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جو قديم علائقو ملير تاريخي سماجي سياسي لحاظ کان اھم رھيو آھي جتي ملير جي باغيچن ساوڪ جو ذڪر اچي ٿو ته اتي ملير جي سماج سڌارڪن جي به ڊگھي لسٽ آھي جيڪي پنھنجي وس آھر سماج ۾ پنھنجو ڪردار ٺاھي چڪا آھن انھن مان ھڪ عوامي ڪردار نظرعلي شر جو آھي جيڪو روزگار سانگي ڳوٺ ڪمال خان شر درٻيلو مان ڪراچي آيو ۽ ٽيليفون کاتي ۾ ملازمت شروع ڪيائين جنھن جي شروعات به ڪراچي جي مشھور قديم وسندي لياري ٽيليفون ايڪسچيج کان ٿي اڳتي ھلي ٽيليفون کاتي ۾ بحران پيدا ٿيو ڊائون سازنگ شروع ٿي ته پاڻ به 2012ع ۾ نوڪري ڇڏي ڪري لياري کان ملير جو رخ ڪيائين ملير جي به قديم علائقي رحيم خان جوکيو ڳوٺ ۾ پبلڪ ڪال آفس قائم ڪري روزگار شروع ڪيائين ۔دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي اچڻ ڪري پاڪستان ۾ به تبديلي آئي ۽ھتي موبائل سروس تيزي سان وڌڻ شروع ڪيو ته پبلڪ ڪال سروس جو به ٽائيم پورو ٿيو ته پاڻ ان ئي آفيس ۾ علائقي جي مناسبت ۽ ديھ جي نالي سان مھراڻ اسٽيٽ ايجنسي قائم ڪري پوري سنڌ مان سنڌي ماڻھن کي سستي اگھ تي پلاٽ ۽ گھر وٺرائڻ شروع ڪيائين ۔ڏسندي ئي ڏسندي ماڊل ڪالوني جي پوش علائقي ۾ سنڌي آفيسر ۽ ڪامورا پنھنجا اجھا ٺاھي رھڻ لڳا انھن ۾ ڊاڪٽر انجينئر پوليس آفيسر وڪيل ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھو شامل ھئا ۔سندس آفيس مھراڻ اسٽيٽ سنڌي ماڻھن جو مرڪز ٺھي وئي جتي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي به اچ وڃ شروع ٿي وئي جنھن جي اڳواڻي نظرعلي شر ڪندو ھو ۔ڪاروبار سان گڏو گڏ سماجي عام ڀلائي جا ڪم به ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ٿوري ئي وقت ۾ ھي پوري ملير جي علائقي جو مشھور سماج سڌارڪ ٿي ويوماڊل ڪالوني جي عباسي مارڪيٽ ۾ رھائش پذير سانگھڙ واسي شاھنواز شر به سندس ٻانھن ٻيلي ٿي ڪري مھراڻ اسٽيٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو جيڪو رشتو آخري وقت تائين قائم ھو ۔
نظر شر جي اخلاق ڪردار ڪم ڪار کي ڏسندي ملير ڪينٽ فوجي ڇانوڻي جا فوجي رينجرز عملدار به سندس دوست بڻجي ويا بيماري جي دوران سندس دوستن ڀرپور نموني ساٿ ڏنو ۔جن ۾ ڪافي نالا آھن جيڪي ھر وقت تيماداري ڪندا ھئا ۔سندس ننڍو ڀاء جسقم اڳواڻ خادم شر اسپتال جو ساٿي ھو جيڪو جسد خاڪي کي کڻي ڳوٺ روانو ٿيو ۔مائٽن کان علاوه ھر دوست پنھنجي ذميواري سھڻي نموني سان نڀائي سندس ساه جي تند به شب معراج جي ڀلاري رات ٿي ۔۔ڪرونا جي ڪريل صورتحال ۾ روزگار بند ٿيڻ سبب پاڻ ٽئڪسي ڊرائيور ٿي ڪري معاشي مسئلي کي حل ڪيائين ۔جستجو محنت جدوجھد سندس زندگي جو حصو بڻجي چڪي ھئي ۔خبر ناھي ڪٿان ڪو موضي مرض وڪوڙي ويو جنھن جو ڪافي علاج ڪرايائين پر انھي مرض جان نه ڇڏي نيٿ موت جي بستري تائين کڻي پھچايو ۔
اڄ نظر شر اسان جي سامھون ڪونھي پر ان جون يادون ان جا ڪيل انساني ڀلائي جا ڪم رحيم خان جوکيو ڳوٺ جي ھر گھٽي ھر موڙ تي نظر اچن ٿا ۔مھراڻ اسٽيٽ تي ويراني ڇانيل آھي شايد اھو خال ڀرجي نه سگھي انسان ھن دنيا مان موڪلائي ويندو آھي پر ان جا ڪيل ڪم سڄي عمر ان جي يادگيري ڏياريندا آھن شاه سائين فرمائي ٿو ۔
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
مڙھيو مون مارين
جي جئي کي جيارين
سي لاھوتي لڏي ويا ۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو