سشانت سنگهه جي خودڪشي جي ذميوار گرل فرينڊ آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ٻه مهينا اڳ خود ڪشي ڪندڙ ڀارتي ادا ڪار سشانت سنگهه راجپوت جي والد چيو آهي ته هن وٽ ايترو مواد آهي جنهن جي بنياد تي هو چئي سگهي ٿو ته سندس پٽ اداڪارا ريا چڪر بورتي جي ڪري خودڪشي ڪئي. 14 جون تي خود ڪشي ڪندڙ اداڪار وارو معاملو هر ڏينهن نئون رخ اختيار ڪري ٿو. معاملو ايترو ته پيچيده آهي جو جاچ سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن حوالي ڪيو ويو آهي. عدالت ۾ جمع ڪرايل بيان حلفي ۾ سشانت جي والد ڪي ڪي سنگهه چيو آهي ته اداڪارا پاران معاملو پٽنه مان ممبئي منتقل ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي ڇو ته جاچ سي بي آءِ ڪري رهي آهي. هن چيو ته سشانت کي ملندڙ ڌمڪين تي ممبئي پوليس ڪو ايڪشن نه ورتو. ڀارتي سپريم ڪورٽ 11 آڪٽوبر کان سندس درخواست جي ٻڌڻي ڪندي. سشانت جي والد جو چوڻ آهي ته ريا چڪر بورتي سشانت جي اڪائونٽ مان 15 ڪروڙ روپيا غيرقانوني طور منتقل ڪيا هئا. ممبئي پوليس اهي الزام رد ڪند چيو آهي اداڪارا ريا چڪر بورتي سان گڏ ٻن ڪمپنين ۾ سشانت جي ڀائيواري هئي. پوليس 40 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو