سريلنڪا ۾ لاڳو ڪرفيو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هٽايو ويو

سريلنڪا ۾ لاڳو ڪرفيو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هٽايو ويو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا جي گادي واري هنڌ ڪولمبو ۾ لاڳو ڪرفيو صبح 7 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هٽايو ويو.پرڏيهي خابرو اداري موجب سريلنڪن راڄڌاني ڪولمبو جي روڊن تي پوليس ۽ فوج جو وڏو انگ موجود آهي، شهري کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن.سري لنڪا جي صدر گوتابايا راجاپڪسا هن هفتي نئين وزيراعظم ۽ ڪابينا جي قيام جو اعلان ڪيو.ميڊيا رپورٽن موجب سريلنڪن صدر استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پرامن مظاهرين تي ڌاڙيلن جي حملن جي مذمت ڪئي.سريلنڪن صدر جو چوڻ آهي ته هو قانون ۾ ترميم ذريعي پارليامينٽ کي مضبوط ڪندا.سريلنڪا جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر چيو آهي ته جيڪڏهن ٻن هفتن اندر معاشي بحران حل نه ٿيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، جيڪڏهن فوري طور نئين حڪومت مقرر نه ڪئي وئي ته معيشت تباهه ٿي ويندي.سري لنڪن پوليس جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ۾ سومر جي تشدد ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ 136 گهر تباهه ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو