رياض ابڙو
هڪ اسان جو ئي ملڪ آ جنهن کي هر ايندڙ ماڻهو يا ملڪ اها ڳالھ ضرور سمجهائيندو آ ته سريلنڪا کان سبق وٺو، بنگلاديش کان سبق وٺو ۽ سڀ کان پهرين سياسي بحران حل ڪيو ۽ معاشي سڌارا آڻيو، پر اسان جي حڪمرانن جو ڊِيڙو (پنڌ) رڳو افغانستان تائين وڃي ٿو کٽي، ان ڪري سوال اهو آهي ته ڇا اسان سريلنڪا مان سبق وٺي سگهون ٿا؟ مثال معاشي حالتن جي ڪري سريلنڪا پنهنجو بحري اڏو همباٽوٽا چين کي وڪڻي ڏنو ۽ هاڻي وري به چين جون اکيون اٿس ته اهو سريلنڪا ۾ لهي پئي ۽ ان جي ڏيوالپڻي جو بهترين فائدو به وٺي، ان ڪري هاڻي امير ملڪن يا ڊاميننٽ ملڪن جي لاءِ آسان آهي ته اهي سريلنڪا جي مدد ڪن ۽ ان بهاني سريلنڪا ۾ ويهي رهن ڇو ته وچ ايشيائي ملڪن تي قبضي ڪرڻ جو بهترين فن اهو ئي آ ته انهن ملڪن جي اندر مداخلتون ڪري سازشون ڪري انهن جي رجيم چينج ڪري انهن ماڻهن کي پهرين سياسي بحرانن سان همڪنار ڪيو پوءِ انهن ۾ ويهي ويٺا سِٽَ سِٽيو ۽ سازشون ڪيو ته جيئن اهي توهان کان ويٺا سبق سکن يا توهان کان ويٺا صلاحون وٺن ۽ پوءِ سياست به سکي وٺن، ۽ معيشت به بهتر ڪن ۽ توهان (عالمي پريشر) جي ڳالھ به مڃن، حلانڪي سريلنڪا مهڙ کان ئي آمريڪا ۽ چين ـ روس جي سازشن جو حصو رهندو آيو آ، ان ڪري جنهن به ملڪ کي پڳو آ انهن اوترو ئي سريلنڪا جي اندر سياسي ڏڦوڙ وجھڻ جي ڪوشش به ڪئي هاڻي ته انهن جون حالتون اهڙيون وڃي بيٺيون آهن جو وزير وتن ٿا ماڻهن کان لڪندا يا وزيرن کي دم ناهي ته هو عوام جي سامهون اچن يا اچي سگهن يا منهن ڏئي سگهن ان ڪري صدارتي محل تي قنضو ڪا مذاق نه هئي پر رياست پاڻ ئي ايتري ته ڪمزور ٿي وئي ۽ عوام سمجهيو ته اهي رڳو ٻاهرين ملڪن جا قرض کڻي ملڪ جي اشرافيا جون پگهارون ۽ عيش عشرت پورا ڪري ملڪ ڇڏي ڀڄي نڪري هليا ويندا جو عام ماڻهو ويٺو اچرج مان انهن کي نهاريندو باقي ٿيندو ڪجھ به نه.
ان ڪري سياسي بحرانن مان ئي ڦٽي نڪرندڙ معاشي بحران آ جنهن جي ڪري ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿين ٿا ڇو ته ملڪ ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو ته ملڪ ڪيئن هلندو، يا ادارا گروي رکي رکي آخر ڪيستائين ملڪ جو گاڏو گيڙبو؟ ان ڪري جو ڪير به حڪمران ڪنهن به طرح معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جو نه ٿو سوچي يا ملڪي اشرافيا رڳو ان ڳالھ ۾ خوش آهي ته ڊالر وڌي ان ڪري جو اهي ماڻهو ڊالر ۾ امپورٽس ڪندا ٿا رهن ۽ ڊالر ۾ پگهارون کڻندا ٿا رهن يا اهي ماڻهو ڊالر ۾ اڪائونٽ کولرائي فائدا وٺندا ٿا رهن ۽ انهن جي روزي روٽي ۾ ائين ئي برڪت ايندي ٿي رهي پر جيڪو ماڻهو روپئي ۾ ڪمائي روپئي ۾ کپائي ته پوءِ ان جو جيئڻ ته جنجال آ، پوءِ معيشت جا سڀ بُرا اثر رڳو آهن ان غريب عوام جي مٿان، ان ڪري جو پيٽرول مهانگو ٿئي ته ان جو سڌو سنئون اثر پوي ئي عام ماڻهن جي مٿان ٿو ڇو ته اشرافيا کي ته کي پيٽرول، بجلي، گيس، گهر ۽ ٻارن جون پڙهايون ملن ئي مفت ۾ ٿيون ته انهن کي ڪهڙي ڳالھ جو فڪر، اسان وٽ آءِ ايم ايف جو دٻاءُ ان ڪري به آهي ته اسان وٽ اشرافيا جا خرچ گھڻا ۽ ملڪي معيشت بدتر آ، ان ڪري ناڻي جو اڌ ته انهن ماڻهن جي کيسي ۾ هليو ٿو وڃي جيڪي رٽاير هوندي به ڪنهن ڪم جا ناهن هوندا پر لکين روپيا رٽايرمينٽ کڻندا رهندا آهن جيڪو ناڻي تي بار آهي ان ڪري اها ڳالھ گھڻي ڀاڱي ايل اي ايز تي لاڳو ٿي ٿئي جيڪي گهڻي تعداد ۾ به آهن ۽ آءِ ايم ايف جي نظر ۾ به آهن ان ڪري معاشي سڌارن جي پهرين ڳالھ ته ادارن کي خنگائجي، ادارن مان پينشن واري پريڪٽس ختم ڪجي جيڪا سريلنڪا جي ڏيوالي جو سبب به بڻي ان ڪري ته جڏهن معيشت ڪمزرو هوندي ته خرچ ڪاڏهون هلندا، ملڪ ۾ معيشت جي مضبوط معني عام ماڻهو جي روز جي ڪمائي بهترين هجڻ آ، ان ڪري ته جي عام ماڻهو بک مرندو ته معاشرو بدحال هوندو جي معاشرو بدحال هوندو ته ملڪ بدحال هوندو ان ڪري جي وري عام ماڻهو خوشحال آ ته معاشرو خوشحال هوندو ۽ ملڪ ان صورت خوشحال هوندو ساڳي ڳالھ وري ملڪي صنعتي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جي به آ ته جي اهي ملڪي گهرج پوري ڪندا ته ملڪ ۾ امپورٽ نه ٿينديون ۽ ملڪ پنهنجي ضرورت پاڻ پوري ڪري وٺندو، هاڻي ڳالهين جي مماثلت ڪجھ اسان سان به ملي ٿي مثال سريلنڪا جي مٿان آمريڪي دٻاءُ هيو ته هو روس ۽ يوڪرين جنگ ۾ آمريڪا جو اسٽانس وٺي بيهن ۽ چين ۽ روس جي پاليسين کي رد ڪن پر سرلينڪا توڻي جو ڀارتي سپورٽر رهيو آ، ان ڪري راجاپڪسا سرڪار اها ڳالھ مڃڻ کان انڪاري هئي ۽ ان ڪري ايجنسين جي اندروني چال ۽ عام ماڻهن جي سياست ۽ معيشت کان بيزاري انهن کان صدارتي محل تي قبضو ڪرايو ۽ ماڻهن دير ئي نه ڪئي ۽ راجا اتان جان بچائي نڪتو، ان ڪري جو عام ماڻهن جي طاقت ۽ ڪاوڙ کي رياست منهن ڏيڻ کان قاصر هئي، ساڳي ڳالھ وري عمران خان به ڪري ويو ته جڏهن هنن جي خلاف ڪا به ڳالھ ٿي يا ڪورٽ ڪو فيصلو هنن جي خلاف ڏنو ته هنن به ڍر ئي نه ڪئي ۽ هڪ ڪال تي خلق گڏ ڪري پوءِ جيڪو چاهين ڪري ويا، ان ڪري عام ماڻهن ۾ اها راءِ جڙي وئي ته اسان جو حالتون به سريلنڪا جهڙيون ئي ٿي ويون آهن جنهن ۾ انارڪي آ يا فاشٽ سياست لهي آئي آ هر ڪو سياستدان اهو ٿو سمجهي ته هو قانون ۽ آئين کان بالاتر آ ۽ آئين انهن جي ضد ۽ هوڏ جي آڏو ڪجھ به نه ٿو لهي، ان ڪري ڪورٽون، ادارا، عسڪري شخص، سياسي اڪابر ۽ اشرافيا به ائين چاهي جيئن انارڪسسٽ سياستدان ٿو چاهي ته انهن کي اقتدار هر صورت کپي پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي.
آءِ ايم ايف جي قرض ڏيڻ واري شرطن ۾ سريلنڪا جي مٿان هاڻي اهو به دٻاءُ آهي ته سريلنڪا هيلٿ ڪيئر (جيڪا برٿ ٽو ڊيٿ) معني ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جي سرڪار جي زميداري آ ته هو هر شخص کي ميڊيڪل فراهم ڪندي رهندي هاڻي سريلنڪا جو حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو هو ڪجھ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن ان ڪري هاڻي سريلنڪن سرڪار جي ان ڳالھ تان هٿ ٿي کڻي ته عوام ۾ وڌيڪ تيش ٿو اڀري جنهن جي منهن ڏيڻ جي لاءِ يا راضي ڪرڻ جي لاءِ سريلنڪا وٽ ٻيو ڪو ”ٽول“ يا حل ناهي ان ڪري ان تان هٿ کڻن ان ڪري به ضروري آهي ته اسٽيٽ جو ڏيوالو نڪري ويو آ، ان ڪري هاڻي خزاني ۾ پئيسا ناهن ته هو ڪٿان پورت ڪندا، وري ٻي ڳالھ اها به آهي ته سريلنڪا هڪ سوشلسٽ اسٽيٽ به آهي جو ان ۾ ايجوڪيشن پرائمري کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين فري آ ۽ سريلنڪن عوام مفت ۾ تعليم وٺندو آ، پر هاڻي جون حالتون ان ڳالھ جون ضامن ناهن ته اهي شيون اسٽيٽ ڪري به سگهندي ان ڪري ته معاشي ڏيوالي جتي اشرافيا جو عمل دخل آ اتي سياسي ڪشمڪش ۽ اڻبڻت به آ.
راجاپڪسا جي سرڪار ڪڏهن پُروآمريڪن ناهي رهي اها ٻي ڳالھ آ ته اهي سدائين ڀارتي سپورٽر رهيا آهن پر پوءِ به چين ۽ روس جي پاسي رهندا آيا آهن يا اڃان تائين آءِ ايم ايف جي چنبي ۾ ناهن آيا توڻي جو ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي به ويو يا گھڻي ڀاڱي چيني امدادن تي ڀاڙيندا آيا آهن ۽ اها ڳالھ ڏٺي وئي آ ته چين جنهن به ملڪ کي قرض ڏئي ٿو ان کان ادارا گروي ٿو رکرائي، ان ڪري ته چين جي دورانديشي اها به آهي ته جيڪي ملڪ قرض کڻن ٿا اهي سڀاڻي قرض چڪائيندا ڪيئن، ان ڪري معاشي بحرانن ۾ ويڙهيل ملڪ ان ڳالھ ۾ اڙيل آهن ته گھٽ قيمتن تي چائينا سڀني ملڪن جي معيشت کي ويڙهي ڇڏيو آ يا سڀئي ملڪ پنهنجون پنهنجون معيشتون ان گھٽ قيمتن يا ”لوليبرڪاسٽ“ تي هلائي نه ٿا سگهن، ان ڪري سبب اهو به آهي ته تيل ۽ بجلي جي وڌندڙ اگهن جي ڪري يا مهانگائي جي ريشي جي بي انتها واڌ جي ڪري غريب ملڪن ۾ ڪارخانا وڃن ٿا بند ٿيندا ان ڪري جو ان جاءِ تي چائينا جي پروڊڪٽ جي ديسي پروڊڪٽ کان گھٽ اگھ تي ملندي ته اهي ملڪ پنهنجي ديسي شيءِ کي به ڦٽي ڪري چائينا جون شيون وٺندا انڪري ملڪن جون پنهنجون معيشتون ته ويهنديون ٿيون وڃن پر ان سبب جي ڪري ايڪسپورٽ به گھٽجي ٿي، امپورٽ وڌي ٿي ۽ سڪي جو ملھ گھٽجي ٿو، معيشت ڪمزور ٿي ٿئي، ان ڪري ملڪ جڏهن ٽيڪسز کان نه ڪمائيندو، ملڪ جي معيشت جڏهن ويٺل هوندي يا ملڪ جا ڪارخانا جڏهن نه هلندا ته ملڪ ترقي نه ڪندو ملڪي خزانا ويندا خالي ٿيندا، ايستائين جو اسان وانگي ملڪي خزاني جي کوٽ ڀرڻ جي لاءِ وينداسين ادارا گروي رکندا يا سڀاڻي گيس ۽ بجلي جا کاٽو پُٽَ ادارا به چائينا کي ڏيندا وينداسين، ان ڪري جو چائينا اسان جو زبردست دوست به آهي ۽ ڄڻ ڪاٺ کي لڳل ڪو ڪيڙو هجي سو اسان جي ملڪ کي ائين لڳل آهن ۽ انهن پهرين سرلينڪا کي لٽيو ڦريو ۽ انهن جا ادارا ۽ زمينون گڙڪائي ويا هاڻي اسان جو وارو آ.










