مائيڪ پيليسڪ \ طفيل مگسي
بيشڪ لڳاتار ۽ مسلسل اسان تي اهو راز چٽو ڪيو وڃي ٿو ته سرمائيداراڻو نظام.ٽيڪنالوجي ۽ ايجادن کي نه صرف اڳتي وڌائي ٿو بلڪ سائنسي ترقي کي به ڏينهن رات هڪ ڪري وڌائيندو پيو وڃي.نه فقط اهو بلڪ اسان کي بار بار هي پڻ ٻڌايو يا سمجايو پيو وڃي ته مقابلي بازي جي دل کي ڇهندڙ صورتحال ۽ نفعن جي گهرج ٻئي گڏجي ڪري سائنس کي نئين دريافتن ڏانهن وٺي وڃڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا.۽ اھا وڏين وڏين ڪمپنين کي هڪ جديد قوت عطا ڪري ٿي ته اهي نيون دوائون ۽ علاج جا طريقا ايجاد ڪن.اسان کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته آزاد منڊي جي معشيت انساني ۽ سماجي ترقي ۾ سڀ کان وڏي تحريڪ آھي.ليڪن ان سموري پروپيگنڊه جي ڀيٽ ۾ حقيقي معنائن ۾ هو خيال بلڪل مختلف بلڪ ابتڙ آھي.
نفعو خوري ۽ نجي ملڪيت ئي اهي سفاڪ ترين رڪاوٽون آھن.جنهن جو سامهون شايد ئي سائنس کي ڪڏھن تاريخ ۾ ڪرڻو پيو هجي.حالت اها ٿي چڪي آھي ته سرمائيداراڻو نظام انساني ترقي جي هر شعبي ۽ ھر حصي واري رستي جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي ڪري سامهون اچي چڪو آھي.جيڪو سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي اڳتي وٺي وڃڻ ته ڏور جي ڳاله آھي.بلڪ ان نظام انهيء کي نهايت ئي پٺتي وٺي وڃڻ جو پڪو په ڪري ڇڏيو يا رکيو آھي.۽ اھو به ڪنهن خوف يا ڊپ کان بنا.
نجي ملڪيت ڪهڙي ريت نئين ايجادن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي.ان جو تازو( die fossils ) جي مامري ۾ سامهون آيو آھي. اڄ کان 47 ملين سال اڳ جي هڪ ڊائنوسار جو ڍانچومليو آھي.جنهن کي (Drawinins Mozilla ) جو نالو ڏنو ويو آھي ۽ جيڪو ويجهڙائي ۾َ ئي دريافت ٿيو آھي اسان منجهان هرڪو خوش ٿيئي ٿو ته جڏھن به ارتقا جي حوالي سان ڪا نئين دريافت اسان جي سامهون اچي ٿي.جنهن کان اسان کي ننڍن ۽ وڏن جانورن جي وچ ۾ جا اسرار ۽ رمزون ڄاڻڻ جو موقعو هٿ اچي ٿو.“ Drawininmosillae“جي باري ۾ سڀ کان حيران ڪندڙ ۽ خوشي جي ڳاله اها آھي ته اهو نهايت ئي بهتر پوزيشن ۾ موجود مليو آھي.هن جون اکيون ٻاھر ڏانهن پکڙيل آھن .جڏھن ته گوڏا ننڍڙا اٿس ۽ هن جا اڳوٺا به مڙڻڻ وارا آھن.
اهو ڍانچو نهايت محفوظ حالت ۾ مليو آھي.۽ ان جو 95 سيڪڙو حصو ثابت ۽ سلامت مليو آھي.هن جي ٻاھرين پرت ڏسڻ جي قابل آھي.ايستائين ته سائنسدان هن جي معدي جو تجربو ڪرڻ ۾ به ڪامياب رهيا آھن.جنهن کان خبر پوي ٿي ته هن ميووا.ٻج ۽ پن کاڌا هئا.تاريخ سان دلچسپي رکڻ وارا اهل دل ۽ اهل نظر ان نئين دريافت کي ڏسڻ جي لاء جي لاء نيويارڪ جي ميوزم آف نيچرل هسٽري ۾ ھڪ ٻيئي جي پٺيان ڇڪجي اچي رهيا آھن ته جيئن ان تاريخي ڍانچي ۽ تاريخي دريافت کي پنهنجين اکين سان ڏسي سگهن.سوال اهو پيدا ٿيئي ٿو ته ان (patent) جو سرمائيداراڻي نظام سان ڪهڙو تعلق ۽ لاڳاپو آھي؟ اها تاريخي دريافت 1983ع ۾ ٿي هئي.مگر ان جي نجي“مالڪ“ان کي پنهنجي قبضي ۾ وئي محدود ۽ لڪل رکيو هو.هن کي ان جي تاريخي اهميت جو قطعي اهميت ۽ اندازو نه هو.۽ اھا ڳاله ان ڪري به حيران ڪندڙ ناهي ته اهو ڪو آثار قديما جو ماهر نه هو.جيتوڻيڪ ان اڻڄاڻائي .بي خبري ۽ غفلت جي نتيجي ۾ اها قيمتي شيء پنجويهن سالن تائين مثي يا ڌوڙ ۾ پيئي رهي.
دنيا ۾ ان قسم جي ڍانچن .جنهن کي fossils سڏيو وڃي ٿو.هڪ تمام وڏي منڊي موجود آھي.جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي هر انسان جو اهو گڏيل قيمتي ۽ تاريخي ملڪيت انسانن جي سوچ ۾ ناهي رهيو.باقي جنس جيان اهي ڍانچا به بازار جي جنس بڻايا ويا آھن.نجي طور تي دريافت ٿيڻ وارا ڍانچا عجائب گهرن کي “مسواڙ“ تي ڏنل آھن ته جيئن اتي ان جي موجودگي ان جو مطالعو ڪرڻ وارن يا انهن جو نمائشي نظارو ڪرڻ وارن کي به فائديمند ٿيڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهي.ان قسم جي نجي ملڪيت جا ڍانچا سڄي دنيا جي عجائب گهرن ۾ “سير وتفريح“ ڪندي ڳري ڪمائي جو سبب بڻيل آھن.۽ اھو ڪاروبار نهايت ئي باقاعدگي سان جاري آھي.۽ اھي“ عظيم شيون “ يعني ڍانچا پنهنجن مالڪن جي لاء ڳرن نفعن جي خير وبرڪت سان گڏ پنهنجيون موج مستيون جاري رکيون پيا آھن.۽ جيڪو ٿي پيئي سگهيو هو ۽ جنهن کان نه صرف سائنس بلڪ انساني نسل پڻ فائدو وٺي ٿي سگهيو هو.اهو نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي سرمائيداراڻي نظام جي هوندي ٿي سگهي ٿو.
۽ اهي اهڙيون اڻ کٽ انمول شيون آھن.جيڪي نجي ڪمپنين ۽ نجي مالڪن جي ذخيره خانن.گودامن ۾ محض ان لاء محفوظ آھن ته انهن کان وڌ کان وڌ نفعو ڪمائي سگهجي.اها لالچ ۡ۽ تما ان زندگي سان لاڳاپيل کي هڪ مئل جنس بڻايو پئي آھي.ڪو نٿو ڄاڻي.نه ڄاڻي سگهي ٿو ته ڪيتريون ئي اهڙيون تاريخي شيون انساني علم ۽ شعور جي پهچ ۽ سوچ کان مۡحروم ٿي ڪري ڪروڙين جون نجي ملڪيتون مرده خانن جون زينت بڻيل هونديون آھن.
ميڊيڪل ريسرچ“
ناڻي جي پيدا ڪيل لالچ ۽ تما جو هڪ اهم شعبو دواسازي آھي.جيڪا ڪنهن به طور تي اهڙن سڀني مريضن کي دوائن ڏيڻ جي نيت ۽ ارادي کان محروم آھي.جيڪي ان کي خريدڻ جي طاقت نٿا رکن.خاص طور تي افريقا ۾ هن ڳاله جي چٽي پڌرائي ڪري ٿي ته سرمائيداراڻو نظام ان سفاڪ ترين بيماري جي شڪار ضرورتمندن جي پورائي ۽ عمل کان هڪدم.لاچار آھي.ليڪن ڏسڻ وسمجهڻ جي ڳاله اها آھي ته ان جي لاء دوائن جي تياري جي سلسلي ۾ نفعن جي لالچ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿي.وڏيون دواساز اجاره داريون پنهنجي صنعت ۾ ريسرچ ۽ ڊيلوپمينٽ جي باري ۾ هڪ جهڙي بيڪار رڪارڊ جون لائق آھن.ايڊز جا مرض پنهنجي علاج تي هزارين لکين ڊالر خرچ ڪري سگهن ٿا.جن کي استعمال ڪري اهي پنهنجي زندگي جو سلسلو برقرار رکي سگهن ٿا.2003ع ۾ جڏھن Dude in نالي دوا آندي وئي ته ان جي قيمت تي ماڻھن جون دانهون نڪري ويون.دوا ايڊز جي مريضن کي سڄي سال جي علاج جي لاء 20.000 ڊالرز ۾ پئي ٿي.ان دوا کي ٺاھڻ واري عالمي اجاره دارRoche جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪٽو فرانز هومز دوا جي وڏي قيمت جو سبب پيش ڪندي چيو ته “اسان جيڪا به نئين دوا تيار ڪيون ٿا ته ان خدمت جو مناسب معاوضو به پنهنجو حق سمجهون ٿا.۽ اھا نئين دوا هڪ تمام.وڏو ڪارنامو آھي.مان ته اهو سمجهڻ کان لاچار آھيان ته اهو ڪهڙو سماج آھي جيڪو نئين ايجادن جي خوشي سان ڀليڪار به نٿو ڪري“
مگر جناب فرانز جو موقف بي دلي وارو هو.دواساز ڪمپنين جو دوائن ٺاھڻ وارو جذبو ڪنهن طور به ڪڏھن به علاج ناهي رهيو بلڪ روڪ ڪمائي وارو هلندو پيو اچي.هڪ دواساز ڪمپني جي لاء ايڊز جو شڪار ڪو به انسان ڪنهن طور تي هڪ “مريض“ناهي هوندو بلڪ هڪ“گراڪ“هوندو آھي.دواسازي جي عالمي صنعت جو اهو سدائين کان مالياتي مفاد رهيو آھي ته انهن جو گراڪ هر ڀيري هن جي دوا کان فائدو وٺندو رهي..
جيتوڻيڪ نفعي ۽ ڪمائي جي ان نفسياتي ڪمپنين جي سبب کان اهڙي ريسرچ تي ڌيان آھي.نه ارادونه ڪوشش ته جنهن کان بيماري يا مريضن جو شافي وڪافي علاج ٿي وڃي.ڪافي دواساز تحقيقي ادارا اهڙيون نيون دوائون تخليق ۽ ايجاد ڪرڻ تي زور ڏئي رهيون آھن ته جن جا مريض انهن کي سڄي عمر يعني قبر تائين پهچڻ کان ٿورو اڳ استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن.ڪجه عرصي کان ايڊز جي علاج جي لاء هڪ ويڪسين تيار ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.جيڪا هڪ موثر (مائيڪرو با سائيڊ) هجي.ان مقصد جي لاء گهڻو ڪري فنڊز حڪومت يا پوء بنا نفعي بخش گروپن جي طرف کان ميسر ڪيا وڃن ٿا.دواساز صنعت ان خطرناڪ ۽ سفاڪ بيماري جي خاتمي جي لاء ڪا فنڊنگ ناهي ڪندي.ڇاڪاڻ ته هو ائين ڪري به ڇو؟ڌرتي جي گولي تي ڪا به ڪمپني ڪنهن اهڙي ڪم تي ناڻو نه سيڙائيندي .جنهن سان سندس ڪاروبار کي ڪو فائدو نه ٿيئي.۽ جي ائين ڪيائون ته پوء اهي ڪاروبار ڪرڻ کان رهجي وينديون.
ساڳئي قسم جا microbicode اسان کي دوائن جي تحقيق جي ٻين شعبن ۾ به نظر اچن ٿا.ڪينسر جهڙي موذي مرض جي علاج جي لاء 2007ع جي شروعات ۾ هڪ تحقيق جي قابل cell سامهون آئي.مثلا يونيورسٽي آف البرٽا جي محققن دريافت ڪيو ته هڪ اڪيلو ۽ واحد ماليڪيول DCA ڪينسر جي celles ۾ (جيڪو سلسلز جو پاور هائوس هوندو آھي.) کي ٻيهر سرگرم ڪري سگهي ٿو.۽ ائين اهو ان بيماري جو سبب بنجڻ وارن سيلز کي ائين ئي مرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿو.ليبارٽري تجربن کان اهائي ڳاله ثابت ٿي ته DCA ڪينسر جي ڪيترن ئي قسمن جي خلاف بهترين طور تي ڪارگر آھي.جنهن کان هن ڳالھ جا چٽا ۽ يقيني امڪان سامهون اچي وڃن ٿا ته ڪينسر جو حقيقي علاج دريافت ٿيڻ هينئر ڪو مسئلو ناهي رهيو.ڏھاڪن کان انهيء بيڪار قسم جي نظام ۾ خرابي پيدا ٿي وڃڻ جي شڪار مريضن جي علاج جي لاء استعمال ۾ آندو پيو وڃي.جيتوڻيڪ انساني جسم تي ان جا چٽا مثبت اثر اڳ ۾ به چٽا هئا.جنهن جي مدد سان ان شعبي ۾ ترقي جي عمل کي سمجهڻ ۽سوچ ڪرڻ ۾ سولائي ميسر ٿي وئي.
مگر DCA کي ڪلينيڪل سطح تي سمجهڻَ.پرکڻ .۽ استعمال ۾ آڻڻ جي لاء جيڪار رڪاوٽ سامهون آئي اها فنڊز جي فراهمي هئي.ان عدم دلچسپي ۽ عدم فراهمي جو ساڌو سبب اهو آھي ته ڇا ائين ٿي به نٿو سگهي.؟ان مالياتي خرچن جي ڪري عالمي دواساز ڪمپنيون ان دوا کي ٺاھڻ جي لاء ناڻو فراهم ڪرڻ جو ڪو خطرو کڻڻ جي لاء تيار ناهن.ڇوت اها دوا ڪنهن به طور تي انهيء اڪيلي نفعي جو وسيلو نٿي بڻجي سگهي.جيتوڻڪ انهن کي ان سان ڪا دلچسپي ناهي ته اها دوا ٺهي يا نه ڪينسر جو علاج ۽ خاتمو ٿيئي يا نه ٿيئي.ان حوالي سان تحقيق ڪرڻ وارن جي معذرت ڪئي وئي ته جيڪي اهي پنهنجي ڪم کي جاري رکڻ ۾ ايترائي شوقين آھن ته ان جي لاء گهربل رقم جو به پاڻ ئي بندوبست ڪن.جيتوڻيڪ ان باري ۾ جيڪي ڪجه ٿي رهيو آھي.اهو نهايت ئي معمولي نموني جو آھي.مگر ان جي باوجود ان جا نتيجا سامهون اچي رهيا آھن.مگر ان جي باوجود ان جا نتيجا سامهو اچي رهيا آھن.اهي نهايت ئي حوصلي وارا ۽ تحسين جي قابل آھن.مگر گذريل ٻن سالن کان جڏھن کان اها نئين تحقيق سامهون آئي آھي.ان تي وڌيڪ مطالعو ۽ تحقيق جو سلسلو جاري آھي.ان تي ڪم ڪرڻ واريون شخصيتون حڪومت ۽ غير نفعي بخش ادارن کان فنڊز جي لاء بار بار خيرات گهرڻ جي لاء مجبور آھن.۽ اھي خيرات گهري به رهيا آھن.مگر تاحال انسان دوستي جي نالي تي قائم ڪنهن به غير نفعي بخش اداريء ان جي لاء هڪ ٽڪو به فراهم نه ڪيو.
ان قسم جي جي ڪنهن به دريافت ٿيڻ واري موثر علاج( دوا) جي لاء ناڻي جي عدم فراهمي جو اهو الميو صرف اتي تي محدود ناهي.ان جي مقابلي جي لاء فطري متبادل علاج جي نالي تي هڪ تمام وڏي ڳري صنعت قائم ٿي چڪي آھي.لکندڙ سان گڏ ڪيترن ئي ماڻھن کي متبادل علاج جي وڪالت واري جي نقط نظر تي ڪافي تحفظات آھن.رچرڊز ڊاڪٽر ان ڪيفيت کي ڪجه هيئن بيان ڪيو آھي.“جيڪڏھن علاج جي ڪا به ٽيڪنڪ ٻه ڀيرا استعمال سان مريضن کي فائدو ڏيئي ٿي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اها شافي آھي.جيتوڻيڪ اها متبادل قرار نه پائيندي بلڪ اها“اصل دوا قرارپائيندي“ليڪن ان قسم جي عمومي بيان ۽ خاصيت سان سرمائيداري نظام جي طرف کان سائنس سان ڪيل سلوڪ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.۽ نه ئي ان کي جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو.
متبادل دوائن جي تصديق جي لاء ڪرڻ واري تجربي جي لاء گهربل فنڊز جي فراهمي کان انڪار جا ٻه تباه ڪندز اثر سامهون اچي رهيا آھن.هڪ ته اسان سڀ گڏيل طور تي اونداهي ۾ آھيون ته ڪڏھن ڪنهن موثر علاج جا non.patenable موجود آھن.ٻيو اهو ته گهٽي گهٽي گهمڻ وارا ناگن جو تيل وڪرو ڪرڻ وارا اهي جديد سيلز مين متبادل علاج جي طريقي کي مهان ۽ شافي قرار ڏيندي وڪرو ڪري رهيا آھن.
ٽيڪنالوجي ۽ صنعت“
پيداوريجي صنعت جي باري اهوتصور ڏٺو وڃي ٿو ته سرمائيدار۽ جدت پسند جتي هوندو اها به هوندي.اسان کي ٻڌايو ويندو رهيو آھي ته ڪمپنين جي وچ ۾ مقابلو ۽ بهتر پيداواري پيداواريت قيمتن ۾ گهٽتائي .نئين ٽيڪنالوجي ۽ نئين ايجادن جو سبب بڻيون آھن.ليڪن جيڪڏھن صورتحال جو غور سان جائزو ورتو وڃي۽ مامرن جو مٿان کان هيٺ تائين تجزيو ڪيو وڃي ته پتو پوي ٿو ته اها ڪيفيت دريافت ۽ ايجاد جي واڌاري جي بجاء ان جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي.سفر ته هوند جاري آھي.مگر اڳتي ڏانهن نه بلڪ پٺيان ڏانهن آھي. سرمائيدار ۽ واپاري اسرار ۽ رمزون نئين ايجادن جي امڪانن کي ممڪن بنائڻ جي بجاء انهن کي ناممڪن بڻائينديون سامهون اچي رهيون آھن.تيل جي صنعت ۾ کي خريدڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ جي آھي.۽ ائين محض ان لاء ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ان پيداوار کي منڊين ۾ (عام ٿيڻ کان) روڪيو وڃي.
بيشڪ ڪوشش ۽ مقابلو نئين ايجادن جي سامهون اچڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.مگر جيئن ته اسان مٿي لکي چڪا آھيون ته اها انهن نئين ايجادن کي روڪڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.۽ بڻجي رهي آھي.اهڙا ڪافي مثال اڄ اسان سڀني جي سامهون موجود آھن.ڪمپنيون اهٽي هر ريسرچ ۽ ايجاد جي لاء ناڻو ميسر نٿيون ڪري سگهن.جنهن کان انهن جو اڳ کان جاري ڪاروبار ڪنهن نقصان ۾ پئجي وڃي.ها جيڪڏھن ڪٿي اهڙي ريسرچ يا ايجاد سامهون اچي به رهي هجي ته اهي ان ريسرچ کي روڪڻ جي لاء بي انتها ۽ منهن گهري رقم ڏيڻ ۾ ھڪ پل جو به انتظار نٿيون ڪن.
2006ع ۾ سامهون اچڻ واري دستاويزي فلم “اليڪٽرڪ ڪار کي ڪنهن قتل ڪيو“ ۾ تفصيل سان گڏ انهن ڪوششن کي ننگو ۽ وائکو ڪيو آھي.جيڪي آثو مينيو فيڪچرز وڏي عالمي تيل جي ڪمپنين ۽ امريڪي حڪومت جي طرف کان ڪيون ويون آھن.ته ان نئين ايجاد نئين اليڪٽرڪ ڪار کي رستي تي نه اچڻ ڏنو ويو.جنهن کي هڪ متبادل سواري جي ذريعي جي طور تي سامهون آندو ٿي ويو.فلم ٺاھڻ واري اها دعوي ڪئي آھي ته ان نئين ڪار کي محض ان جي لاء “عام “ٿيڻ يا منظرعام تي اچڻ کان روڪيو ويو ته اها نئينڪار پنهنجي ۾ نهايت ساڌي هئي .جنهن جي مرمت ۽ سارسنڀال به نهايت ساڌي هئي.ان ڪار جي عام هئڻ جي نتيجي ۾ پرزه جات جي اڳ کان موجود صنعت جو خاتمو ٿي وڃي ها. ڇوت دنيا ان نئين اليڪٽرانڪ ڪار ڪار کي هٿين هٿ وٺي ها ۽ ائين تيل جي ڪمائي ختم ته ه نهايت گهٽ ٿي ڪري رهبي وڌي ها. اهوئي نه بلڪ تيل جي ڪمپنين جي ختم ته نه نهايت گهٽ ٿي ڪري رهجي وڃي ها .اها دعوي ڪئي وڃي ٿي ته هائيڊروجن فيول جي( سببن) کي.جن هڪ متبادل ٻارڻ جي ذريعي جي طور تي استعمال ۾ آڻڻ جا تمام ئي گهٽ امڪان آھن.
متبادل ۽ معياري ٻارڻ جي ذريعي مقابلي ۾ سامهون آندو پيو وڃي.فلم.ٺاھڻ واري امريڪي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چئي ٿو ته اها اليڪٽرڪ گاڏين کي روڪڻ جي تياري لاء ھر تحقدق ۽ ڪوشش کي روڪيندي اچي پئي.ان جي مقابلي ۾ هائيڊروجن ٻارڻ جي اليڪٽرڪ شين جي باري ۾ حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.
مگر ان جي باري ۾ ندامت ۽ مذمت جي قابل ڪاوشون تيل پيدا ڪرڻ واريون عالمي اجاره داريون ۽ آثو مينيوفيڪڇرز ڪري رهيون آھن.فلم ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پاڻ اهي ئي گاڏيون ساز ڪمپنيون اليڪٽرڪ ڪار جي حوالي سان پنهنجي ئي لڳايل تحقيقي رقم ۽ محنت کي ثبوتار ڪرڻ کان به باز نه آيون.اليڪٽرڪ ڪارن جي لاء بيٽردون تيار ڪيون ويون هيون.جنهن جا سمورا حق تيل جي اجاره دارين خريدي ورتا ته جيئن انهن کي اليڪٽرڪ ڪارن جي استعمال ٿيڻ کان هڪدم روڪيو وڃي.اهڙيون ئي بيٽريون آھن.جيڪي ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪيون پيون وڃن.انهن جي جديد ۽ ترقي يافتا شڪل اليڪٽرڪ گاڏين ۾ ڪم اچي ٿي.۽ اچي سگهي ٿي.انهن بيٽرين جي ڪنهن به استعمال جي خلاف تيل جي عالمي اجاره داري شيوران کي اهو قانوني حق آھي ته اها ان کي ويٽو ڪري ۽.ائين ٿيڻ ئي نه ڏيئي.ايستائين ته انهن بيٽرين کي ڪنهن به تحقيق ڪنهن ٻيئي ڪم جي لاء به استعمال ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي.هينر ڪجه نيون هائيڊرو شيون انهن بيٽرين کي استعمال ڪري ته رهيون آھن مگر وڌيڪ وقت جي لاء انهن کي تيل تي دارومدار ڪرڻو پئجي رهيو آھي.
يعني patent جو قانون به جيتوڻيڪ نئين ايجادن کي روڪڻ جو هڪ موثر ذريعو بڻيل آھي.ان کان علاوه مقابلي جي بنيادن تي سرمائيداراڻي نظام جي فطرت جي هوندي گڏيل تحقيق هئڻ به نا مڪمل عمل هوندي آھي.دواسازي جي صنعت هجي يا پوء ڪار سازد جي صنعت هجي يا ڪا ٻي.،سرمائيداراڻو نظام بهترين انجينيئربن ۽ سائنسدانن کي پاڻ ۾ ٽڪرايل ڪمپنين ۾ ورهائي ڪري وڪڻي ڇڏي ٿو.تحقيق ۽ ترقي جي ڪم سان لاڳاپيل يا ڳنڍيل هئڻ واري هرهڪ ماهر سان زبردستي ڳجهن دستاويزن تي صحيحون ڪرايون وڃن ٿيون .جيڪي ملازمت جي معاهدي جو لازمي حصو هونديون آھن.اهڙن ماڻھن کي نه صرف گڏ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي وڃي ٿي بلڪ انهن جون هڪ ٻيئي جون تحريرون ڏيکارڻ تي به پابندي مڙھي وڃي ٿي ته ڪٿي پاڻ ۾ اهي خيالن جي ڏي وٺ نه ڪري وجهن.
غور سان نظرثاني ڪرڻ کي ڪنهن به سائنسي طريقيڪار ۽ ھڪ نهايت ئي اهم حصو سمجهيو وڃي ٿو.ڪو وقت وڏي تحقيقات محققن جي ڪنهن انفرادي گروپ جي طرف کان سامهون آنديون وڃن ٿيون.تحقيق جو هڪ راز هڪ گروپ سامهون آڻي ٿوته ٻيو گروپ ان جو ڪو ٻيو حصو سامهون آڻي ٿو.ان کانپوء به ساسئنسدانن جي هي ٻي ٽيم انهن سڀني کي گڏجي کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
مفاد ۽ فائدي تي مشتمل ڪو نظام ڀلا ڪهڙي ريت سان گڏيل ڪاوشن جي همت ۽ حوصلا افزائي جو ڏوھ ڪري سگهي ٿو.؟ اهڙو تصور ڪرڻ به محال آھي.جڏهن به ڪٿي به انهن کي ڪو سنجيده بحران پيش ٿي وڃي ٿو ته اهي حڪومتون آزاد منڊي جي نظرين ۽ انهن جي علمدارن مکڻ ۾ وار چٽو ڪڍي ڪري ڦٽو ڪنديون آھن .۽ واپس پبلڪ سيڪٽر ڏانهن شفٽ ڪيون وينديون آھن ڪافي ڀيرا ٻي عالمي جنگ جي حوالي سان اهي دليل ڏنا پيا وڌن يا ڏنا ويندا آھن ته ان کي کٽڻ واريء اھا جنگ نيشلائيزيشن ۽ منصوبابندي جي سبب کان کٽي هئي.برطانيا ۾ سرمائيداراڻي نظام کي زبردستي کڻي ڪري ڪجه وقت تائين جي لاء گودام ۾ رکيو ويو هو ته جيئن جنگ جنگ جي لاء ڪوششن کي موثر طور تي منظم ڪري سگهجي.؛ امريڪا ۾ ان قسم جي وڏي پيماني تي نيشنلائيزيشن ته نٿي.ليڪن جڏھن ڳاله تحقيق ۽ ترقي جي سامهون آئي ته پرائيويٽ سيڪٽر کي ڪنهن طور تي به اعتماد جي قابل نه سمجهيو ويو.ان ڳاله کان خوفزده ٿي ڪري ته نازي ايٽم.بم ٺاھڻ وڃي رهيا آھن.امريڪي حڪومت عوامي سطح تي واويلا شروع ڪري ڇڏي ته هو وڏي پيماني تي تباهي پکيڙڻڻ وارا هٿيار تيار ڪرڻ جي لاء وٺڻ جو ارادو ڪيون پيو آھي.منهاٽن پروجيڪٽ جي ڪاميابي انهيء سلسلي جو ئي نتيجو هئي.جيڪو پرائيويٽ صنعتي شعبي جي وس کان ٻاھر هو.هڪ موقعي تي ته ان منصوبي تي هڪ ڪروڙ ٽيھ ھزار فرد ڪم ڪري رهيا هئا.دنيا سڄي جا بهترين ۽ اعلي فرد هڪ چت هيٺان هڪ مقصد جي لاء گڏ ڪيا ويا هئا.چند ئي سالن جي دوران هنن ايٽمي ڌماڪي جي باري ۾ ڪافي اهم رازن کي ڄاڻي ۽ سمجهي ورتو.ايترو ڪجه ته ڪڏھن 1979ع جي وقت کان اڳ ايٽمي فشار کانپوء ڪڏھن به نٿي ڄاتو ويو هو.ان ڳالھ کان هٽي ڪري يا ڪو به ايٽم بم جي باري ۾ ڪهڙي راء رکن ٿا.اها حقيقت پنهنجي جڳه موجود آھي ته اها ويهين صدي جي عظيم ترين دريافتن منجهان هڪ هئي.
سائنس.ٽيڪنالوجي ۽ منصوبابندي“
سرامائيداراڻي نظام جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي رستي ۾ رڪاوٽ بنجڻ جي ڪارڻ کان اهم ۽ ثبوت سرمائيداراڻي نظام.کان نه بلڪ ان جي مخالف ۽ متبادل کان ملي ٿو.انهن ڏينهن جڏھن سوويت يونين اسٽالن جي اثر کان ڏور هو۽ اھو هڪ الڳ ۽ مختلف بحث آھي.جنهن جو ذڪر اسان ٻئي هنڌ اڳ ۾ ڪري آيا آھيون.جنهن کي ڏسي سگهجي ٿو.روس انقلاب کان رد انقلاب تائين( مصنف ٽيڊ گرانٽ) يا وري غداري جي زد ۾ آيل انقلاب(مصنف ليون ٽراٽسڪي وغيره) تڏھن به اسان ڏسي سگهون ٿا ته هڪ منصوبابند معشيت پنهنجي اندر شاندار صلاحيت ۽ ڪيترن ئي ڪشادگين کي پنهنجي جهولي ۾ سهيڙيون پئي هوندي آھي.1917ع ۾ بالويشڪن هڪ اهڙي ملڪ جو اقتدار سنڀاليو جيڪو نهايت ئي پٺتي پيل هو. جاگيرداري جو ٽين دنيا جو هڪ اهڙو ملڪ هو.جيڪو پهرين عالمي جنگ جي دوران چور چور ٿي چڪو هو.ليڪن صرف چند ڏھاڪن جي گهٽ عرصي ۾ اهو ساڳيو ئي تباه ٿيل ۽ پٺتي پيل ملڪ هڪ عالمي طاقت جي طور تي اڀري ڪري سامهون اچي چڪو هو.خلا ۾ پهريون سيارو موڪلڻ وارو ملڪ پڻ ساڳيو ئي روس هو.سڀ کان اڳ ۾ خلا ۾ وڃڻ وارو به روسي ئي هو.جنهن خلا ۾ سڀ کان پهريون مستقل مرڪز به قائم ڪيو.سوويت سائنسدانن علم جي حدن ۾ بي انتها ڪشادگيون پيدا ڪيون ۽ حاصلات جي قابل واريون ٻيون دنيائون پڻ دريافت ڪيائون.خاص طور تي رياضي.فلڪيات.نيوڪليئر .فزڪس.خلائي تحقيق ۽ ڪيمسٽري جي شعبن ۾ مثالي ۽ اڻوسرندڙ ڪاميابي حاصل ڪئي.سوويت دور جي ڪيترن ئي سائنسدانن کي مختلف شعبن ۾ نوبل پرائيز سان نوازيو ويو.اهي سموريون ڪاميابيون خاص طور تي ان ڪري تحسين جي قابل آھن ته اهي هڪ اهڙي ملڪ ۽ اھڙي رياست ۾ ٿي رهيون هيون.جتان کان سرمائيداراڻي نظام جو بلڪل ئي خاتمو ٿي ويو هو.
ان موقعي ۽ ان سطح جي ترقي ڪنهن ريت ٿي پئي سگهي همي؟ سوويت يونين اهو سڀ ڪجه ڪيئن ڪري ورتو.جڏھن ته انقلاب جي وقت هن جي 90 سيڪڙو آبادي اڻپڙھيل هئي.انهيء سوويت يونين ۾ چند ڏھاڪن جي اندر ئي اندر تعليم.جي وڌندڙ شرح جي تحت سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊاڪٽر.سائنسدان ۽ انجينئر موجود هئا.ان حيران ڪندڙ سوال جو هڪ ئي جواب هڪ ئي وضاحت آھي. ۽ اها آھي منصوبي واري معشيت بهترين ناڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي اصليت کان اڻڄاڻائي.ان عمل ۾ سڀ کان پهريون ۽ بنيادي سبب اهو هو ته سائنس کي اوليت ۽ فوقيت ڏني وڃي.سرمائيدراڻد نظام جي اندر نجي ڪمپنين جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي ترقي ڏيڻ جي حاصلات ۽ قابليت جي هڪ ئي چرپر ڪرڻ واري طاقت هوندي آھي. ۽ اھو اڻپڙھلين واري شرح جي حاصلات ؛ ڪمپنيون ٽيڪنالوجي ۽ ترقي جي منصوبابندي جي لاء ڪوشش ڪن ته انهن کي ترقي۽ اوسر ڏيڻ ھوندو آھي.بلڪ اهو سڀ ڪجه ان نيت ۽ ارادي سان ڪن ٿيون ته ابهن کي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻو هوندو آھي. لين اهي اهڙيون شيون ٺاھين ٿا جنهن کي منڊي ۾ آڻڻ ضروري سمجهيو وڃي.روس ۾ سوويت يونين فوري طور تي ان اهم نقطي کي سمجهي ورتو هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي اهميت ڪهڙي معني رکي ٿي سوويت ان کي ملڪ جي گڏيل ترقي سان لاڳاپي ۽ ڳنڍي ڇڏيو.ان ڪشادگي واري نظر انهن کي هن ڳالھ تي مجبور ڪري ورتو ته اهي علم جي سمورن شعبن ۾ سمورا وسيلا صرف ڪرڻ ۾ ڪا ھٻڪ محسوس نه ڪن.انهن جي ڪشادگي واري ڪاميابي جو هڪ ٻيو نهايت ئي اهم حصو تعليم جي شعبي ۾ لامحدود ڪشادگي پيدا ڪرڻ ھئي.هر قسم جي نجي اسڪولن جو خاتمو ڪري ۽ ھر سطح جي تعليم هر ڪنهن جي لاء مفت ۾ ميسر ڪرڻ سان ائين ٿيو ته هرهڪ انسان کي پنهنجين سوچين کان واقف ٿيڻو پيو۽ پوء انهن کان ڪم وٺڻ جون ننيون دنيائون سامهون اينديون ويون.ان جي ڀيٽ ۾ اڄ به اسان ڏسي سگهون ٿا ته ڪيترائي جديد مغربي ملڪ هينئر تائين پنهنجن ملڪن منجھ جاهليت کي مڪمل طور تي ختم ناهن ڪري سگهيا.ايستائين ته اهي اهل ۽ رھواسين کي يونيورسٽي جي ئي تعليم کان فائدو وٺڻ ڏين ها.مگر ائين ناهي ۽ ڪٿي به ناهي.سرمائيداراڻي نظام جي تحت علم جي هر طلبگار ۽ خواھشمند جي سامهون ناڻي جا پهاڙ رڪاوٽ بڻجي ڪري بيهندا آھن.جن جي سبب کان انساني سماج جي وڏي انگ کي انهن جي صلاحيتن جي استعمال ۽ فائدي کان مڪمل محروم رکيو وڃي ٿو.هن وقت دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي ٻه ڊالر روزاني کان به گهٽ آمدني تي زندگي گهارڻ تي مجبور آھي.اسان سولائي سان اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته انهن جي صلاحتين جي نهايت ئي وڏي خزاني کي وڃايو پيو وڃي.۽ اھو به ناڻي جي محرومي جي سبب کان.
سوويت روس فوري طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل ان رڪاوٽ کي ڏور ڪرڻ جي لاء عملي سوچ اختيار ڪئي.ڇوت سرمائيداراڻي نظام جي اندر جدت ۽ ترقي کي محدود رکڻ جو سبب بڻجن ٿيون.واپاري اسرار .رمزون ۽ نجي ملڪيت جو هڪدم خاتمو ڪيو ويو.ان قدم.کي گڏيل تحقيق ۽ جستجو ۽ ترقي جي نون امڪانن کي ممڪن بنائڻ شروع ڪيو.ادارا هڪ ٻئي سان گڏ خيالن ۽ تجربن جي مٽاسٽا ۾ آزاد ٿي ويا.
مذھبي تعصبن جن هن هڪ ڊگهي عرصي کان تعليم کي عام ٿيڻ کان روڪي رکيو هو.اهي سڀ ان عمل جي نتيجي ۾ ماضي جو قصو بڻجندا هليا ويا.اڄ اسان منجهان هرهڪ اسٽيم سيل( stem.cell ) جي باري ۾ اڳوڻي صدر بش جي طرف کان مڙھيل پابندين کان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت مذھبي تعصب سائنسي ايجادن تي منفي اثر مرتب ڪن ٿا.
اسٽالنزم جي تحت سڀ درست به نه هو.آفيسر شاھي معشيت جي ترقي جي راه ۾ رڪاوٽ بڻجندي وئي.اها طفيلي پرت بعد ۾ علم جي ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳي.جتي هڪ طرف سرمائدداراڻي نظام جون رڪاوٽون ٽوڙيون ويون اتي ڪيترن ئي حوالن کان بلڪيل نيون رڪاوٽون جوڙيون ويون.جنهن ۾ سائنسي علمن جي اوليتن کي به آفيسرشاهي جي حمن جي تحت پابند ڪيو ويو۽ سڀ انهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي تحت ٿيڻ لڳو.ڪيترن ئي غير معمولي مامرن ۾ ته نهايت اهم ترين علمن تي منڍ کان ئي پابندي هڻي ڪري انهن کي غير قانوني قرار ڏنو ويو.نهادت ئي قابل سائنسدانن کي گرفتار ڪري سڀ کان ڀيناڪ ڏوھ “ڪروموسومل جينيٽڪس“تي پابندي وجهڻ ھو.جينيٽڪس (جينيات) جي مطالعي تي پابندي وڌي وئي.جينيات جي ماهرن جن ۾ ايگول.ليوي ۽ نيڊرسن کد موت جي حوالي ڪيو ويو.جڏھن ته روس جي پنهنجي وقت جي عظيم ترين ماهر جينيات نڪولائي واويلوف کي جيل ۾ وڌو ويو.جتي هو1943 ع ۾ فوت ٿي ويو.علم تي اها نفرت ڀري پابندي 1960ع جي ڏھاڪي جي وچ تائين قائم رهي.اهي ڏوھ بلڪل ۽ ڪنهن طور تي سوشلزم جا ڏوھ نه هئا بلڪ اهي سڀ اسٽالنزم جا ڪارا عمل هئا.جيڪڏھن روس ۾ حقيقي جهموري منصوبا بند معشيت هجي ها ته ان قسم جون بداعماليون ڪڏھن به نه عين ها.۽ نه ان جي موجودگي ۾ ان جا امڪان ٿي سگهن ها.اڃ ھر اهو فرد جنهن کي سائنس سان۽ سوشلزم سان دلچسپي آھي.تي اهو لازمي آھي ته اهو تاريخ کان سبق حاصل ڪري .سائنس کي اڄ نجي مفادن ۽ نجي صنعت جي هٿان ماضي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي.ان کي مستقبل جي امڪانن کي رد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.تعليم ۽ تحقيق جي لاء جستجو ۽ جدوجهد ڪرڻ واري هر تازي ذھن کي وسيلن جي محرومي جي ذريعي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ويو آھي. اهو ته مذھبي پابندين ۽ تعصبن سائنس کي پڃري ۾ بند ڪرڻ ۽ رکڻ تي هٺ ڪيون پيا آھن.۽ اھي سڀ گڏجي ڪري علم جي ڪيترن ئي شعبن کي منڍ کان ئي بند ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڪا آھن.منڊي جي لوهي زنجير اڻ ڳڻي معني ۽ فائدي واري تحقيق کي مضبوط ٿيڻ کان روڪي رهيون آھن. جن جا نتيجا انساني نسل کي هڪ بلڪل نئين دنيا کان روشناس ڪرائي سگهن ٿا.نجي ڪمپنيون نئين تحقيق ۾ ترقي جي هر نئين امڪان کي پنهنجن هيڊڪواٽرن جي تالا لڳل ڪمرن ۾ قيد ڪنديون رهيون آھن.وڏا وڏا نجي ذخيرو ڪندڙن کي نهايت ئي فائديمند شين کي پنهنجي ذاتي فائدن جي لاء لڪائي رکيو ويو آھي. اهڙا علاج جن کان ڪيترن ئي خطرناڪ وسفاڪ بيمارين کان انساني نسل کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.کي تحقيقي ۽ تصديق جي مرحلن کان ڄاڻي واڻي روڪيو وڃي ٿو۽ ائين دوا تي بيمارين کي اوليت ڏني پئي وڃي.اهو به منافعن جي لاء .جيڪو فقط ئي فقط ئي آھي.ان کان علاوه ٻيو ڪجه به ناهي.ثابت ٿي ڇڪو آھي ته سرمائيداراڻو نظام اوسر ۽ ترقي جي لاء رڪاوٽ آھي.نه ته ان جو سبب.اڄ سموري انساني نسل کي هڪ اهڙي مالياتي نظام جي ھٿان محض ڪجه نجي مالڪن جي مفادن واري غلامي ڏانهن ڌڪيو ويو آھي.نام نهاد ۽ ترقي پذير “ ازاد منڊي “جي معشيت.انساني ترقي جي هر امڪان جي رستي جي رڪاوٽ بڻجي چڪي آھي.
ڪمپيوٽرن.انٽرنيٽ سميت نئين ٽيڪنالوجي جي مدد سان انسانيت سائنسي ترقي ۽ نئين ٽيڪنالوجي جي مدد سان انسانيت سائنسي ترقي ۽ سماجي خوشحالي جي هڪ بلڪل ئي نئين دنيا ۾ قدم رکي سگهي ٿي.اسان پنهنجي آس پاس کان گهڻو ڪجه سکي رهيا آھيون ان جي وجود جو هر رنگ و ڍنگ ۽ ھر پاسو نون نون امڪانن کي اسان جي سامهون ظاھر ۽ چٽو ڪري رهيو آھي .ڪالھ جيڪو ناممڪن ٿيندو هو.اهو ممڪن ٿي چڪو آھي.ماضي ۾ ڪڏھن جيڪو محض ھڪ وهم هوندو هو.اڄ ساڌڙو صاف ٿي ڪري هينئر چٽو ٿي چڪو آھي.ڪالھ جيڪو لڪل هو.اڄ ساڌڙو ۽ صاف ٿي ڪري سامهون اچي چڪو آھي.سائنسي علم ۾ ترقي ۽ رواج جي اچڻ وارن ڏھاڙن ۾ سموري ڪائنات کي اسان جي آڱرين تي نچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي.مگر ان جي رستي ۾ هڪ رڪاوٽ آھي جنهن کي اکيڙڻڻ سڀ کان وڏو .سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم انساني فرض آھي ۽ اها رڪاوٽ آھي سرمائيداراڻو نظام ؛؛؛










