طفيل مگسي
زرعي انقلاب کانپوء انسانيت جو سامهون هڪ اهڙي معاشري سان ٿيو۔جتي خوراڪ جي جهجائپ هئي،شڪاري معاشري جي ڀيٽ ۾ هڪ زرعي معاشري ۾ ماڻهن کي ڪافي واندڪائي جو وقت هوندو هو۔ان واندڪائي واري وقت ۾ ماڻهن پنهنجي آس پاس کي ۽ هن ڪائنات کي سمجهڻ ۽ هن تي غور ويچار ڪرڻ شروع ڪيو۔
اسان جا ابا ڏاڏا اونداهيء ۾ هئا ۽ آس پاس جي ماڻهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا۔ليڪن ان کان اڳ اهي قدرت جي سامهون ان قدر مجبور هئا ته هنن ڪيتريون ئي ديو مالائي ڪهاڻيون ۽ قصا گهڙي ورتا ۽ ڪنهن به سمجه ۾ نه ايندڙ شيء کي ديوتائن سان ڳنڍي چڏيائون۔
مظھر پرستي ۾ انسان هر انهيء شيء جي پوڄا ڪئي،جيڪا هن جي بقا ۾ رنڊڪ هئي يا هن جي سمجه کان ٻاهر هئي۔انهن ديومالائي ڪهاڻين کي ان قدر تقدس مليو ته انهن جي خلاف وڃڻ ته پري بلڪ انهن تي سوال ڪرڻ کي به ڏوھ قرار ڏنو ويو۔
اٽڪل چهين صديء (ق،م-) ۾ يونان ۽ آس پاس وارين وادين ۾ ڪائنات کي سمجهڻ جي تحريڪ شروع ٿي۔انهن ماڻهن روايتي ڪهاڻين تي سوال اٿارڻ شروع ڪري چڏيا ۽ پوء انهن کي رد ڪري چڏيائون۔
اڻهن جو يقين هو ته هر شيء ناقابل ورهاست ذرڙن کان ٺهي آهي ۽ انسان ۽ ٻيا جانور شروعاتي صورتن کان ترقي ڪري هيستائين پهتا آهن ۽ اهو ته مصيبتون ۽ بيماريون ديوي ديوتائن جي طرف کان ناهن۔سڀ کان وڌي ڪري هنن ماڻهن سج کي محض هڪ ڳاڙهو پٿر قرار ڏئي چڏيو،جيڪو يونانين جو ديوتا هو۔انهن ماڻهن جو مڃڻ هئو ته ڪائنات کي ڄاڻي سگهجي ٿو۔چوته ان جي هڪ ترتيب آهي ۽ قدرت ۾ موجود باقاعدگي ان جي رازن کان پردن کڻڻ جي اجازت ڏيئي ٿي۔قدرت کي پاڻ به پنهنجن قانونن تي عمل ڪرڻو پوي ٿو۔
ان وقت يونان تي ڪنهن هڪ طاقت جو قبضو نه هئڻ جي ڪري اتي سڀني جون شهري حڪومتون قائم هيون۔جيڪي هڪ ٻيئي کان ڪافي الڳ ٿلڳ هيون،ٻاهرين دنيا يعني ايشيا،افريقا ۽ يورپ کان ماڻهو ۽ واپاري بندرگاهن تي ايندا هئا۔جتي انهن جي پاڻ ۾ ڳالهين جي ڏي وٺ ٿيندي هئي۔ان ريت مخالف تصور هڪ ٻيئي جي خلاف هوندا هئا۔اوهان ان وقت چا ڪندو جڏهن اوهان جي سامهون ڪافي ديوتا هجن ۽ سڀ هڪ ئي علائقي جا دعويدار هجن،مثلا ڪابل جو مردوڪ ۽ يونان جو زيوس ٻئي آسماني جا ديوتا هئڻ جو دعوي ڪندا هئا۔شايد اوهان سوچيندو ته هڪ ۾ خوبيون ٻين کان وڌيڪ آهنان لاء هڪ پوڄارين جو پيدا ڪيل هوندو۔ليڪن جيڪڏهن هڪ پوڄارين جو پيدا ڪيل آهي ته ٻيو چو نه۔جيتوڻيڪ ان چڪتاڻ کان هڪ ٻيو سوال پيدا ٿيو ته شايد ڪائنات ي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جو ديوي ديوتائن ۽ خدائن کانسواء ٻيوطريقو ڀه ته هوندو۔ڪائنات جا ڪجه اصول ۽ قانون به ٿي سگهن ٿا۔هر شيء کي سمجهڻ جي لاء ديوتا ۽ خدا جي لاڳاپي کانسواء ڪائنات کي سمجهي سگهجي ٿو ۽ اهوئي اهڙو وقت هيو جڏهن سائنس جو جنم ٿيو۔
مذهب جي بجاء ڪائنات سائنس کي سمجهڻ جي لاء هڪ طريقيڪار واضع ڪيو۔جنهن کي سائنٽفڪ ميٿڊ سڏيو وڃي ٿو۔سائنس سوال اٿارڻ جي همت ڪئي ۽ علم جي هڪ اهڙي عمارت جو بنياد رکيو۔جيڪو تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي۔ان جي ڀيٽ ۾ مذهبي علم جو بنياد عقيدي تي قائم آهي۔ان ڪري اهو هوندو آهي،جيڪي علم ۽ ڳالهيون سينڪڙين هزارين سال اڳ مقدس ڪتابن ۾ لکيا ويا هئا يا لاٿا ويا۔اهي حقيقي هوندا آهن ۽ انهن جي تي انهن مذهبن جي پوئلڳن جو ايمان رکڻ لازمي آهي۔جڏهن ڪو شخص ڪنهن ڳالھ تي ايمان جي حد تائين يقين ڪري چڏي ٿو ته ان جو مطلب هوندو آهي ته ان کي بيشڪ دل وجان سان سچ تسليم ڪري ٿو۔پوء انهيء علم تي نه ته سوال اٿاري سگهجي ٿو ۽ نه ان جي صحت تي تحقيق ٿي سگهي ٿي۔ان ريت اهو ماٺار جو شڪار هوندو آهي ۽ تحقيق جو رستو بند ٿي وڃي ٿو۔
چاڪاڻ ته انهن ٻنهيء علمن جو بنيادي طريقي ڪار الڳ آهي۔ان ڪري اهي ٻئي هڪ ٻيئي کان الڳ ۽ مختلف ڊسپلنز آهن يعني سائنس جو پنهنجو ڊسپلن آهي ۽ مذهب جو پنهنجو ۽ اهي هڪ ٻيئي جو نه انڪار آهن ۽ نه هٺ۔۔۔
ليڪن سمورن مذهبن جي ڪن پيروڪارن جو هڪ عمومي رويو اهو آهي ته اهي هر سائنسي ايجاد کي پنهنجي پنهنجي مذهب کان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔پر مذهب ۽ عقيدا هڪجهڙائي ته ناهن۔چاڪاڻ ته هن وقت اٽڪل چار هزار مذهب موجود آهن ۽ هر مذهب جي اهائي دعوي آهي ته هو فطري آهي۔حالانڪ سمورا مذهب پنهنجن بنيادي نظرين ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرايل هوندا آهن۔ڪجه مسلمان بگ بينڪ ۽ ٿيوري آف ريليٽيوٽي کي قرآن کان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،ته انهيء ساڳئي سوچ جا مالڪ هندو به پراڻن ويدن کان سائنسي نظريا دريافت ڪري رهيا آهن۔ تائو مت ۽ ٻڏمت جي لکڻين ۾ فزڪس جي اصولن کان”حيران ڪندڙ هڪجهڙائيون“ ملي رهيون آهن۔پر اهي سڀ هينئر چو سامهون اچي رهيون آهن۔جڏهن ته سائنس انهن جي کوجنا ڪري چڪي آهي؟مذهبن ۽ انهن جون مقدس لکڻيون هزارين سالن کان موجود هيون۔ليڪن۔انهن ، سائنسي ٿيوريون هاڻي چو نروار ٿيون۔جڏهن سائنس انهن جي دريافت ڪري چڪي آهي؟اهو نهايت ئي اهم سوال آهي۔ليڪن اسان جيڪڏهن سائنس ۽ مذهب کي ان ريت ملائيندا رهيا سين ته هيٺيون ڏکيائيون ۽ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا۔
سائنس کي پنهنجيون ٿيوريون ۽ نظريا ايڊٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نٿي ٿيئي۔جيڪڏهن نوان تجربا ۽ مشاهدا ڪنهن نئين نظريي جي حق ۾ هوندا آهن ته سائنس پنهنجي ڪالهوڪي سوچ کي باطل باطلقرار ڏئي ڪري نئين سچائي کي اپنائي وٺي ٿي۔هاڻي جيڪڏهن هاڻي اسان ڪنهن سائنسي نظريي کي ٺيڪ ”مذهبي“ قرار ڏينداسين ۽ سڀاڻي جيڪڏهن سائنس ان کان ڦري وڃي۔۔۔۔ته پوء چا ڪنداسين؟
مذهبي ڪتاب چاڪاڻ ته سائنسي ڪتاب ناهن بلڪ انهن ۾ انسان جي عمومي فڪر ۽ عام مشاهدن کي ڳجهو ۽ نشاني واري انداز ۾ ٻڌايو ويندو آهي ۔جنهن جو مقصد اخلاقي سبق ڏيڻ هو۔ڪو سائنسي ڪلاس وٺڻ ناهي۔جيتوڻيڪ ان جون هڪ ٻيئي سان ٽڪرايل تفسيرون ۽ تشريحون به ٿي سگهن ٿيون۔مثلا ڊاڪٽر طاهر القادريء پنهنجي تفسير ۾ قرآن کان زمين کي گول ثابت ڪري چڏيو۔جڏهن ته احمد رضا بريلوي زمين کي ٽڪنڊي ثابت ڪري چڏيو آهي۔ان تي هن فوذالمبين جي نالي سان ڪتاب به لکيو آهي۔ ان ريت اهو مامرو صرف قرآن سان ناهي بلڪ بائيبل۔ويدو اپشندو ۽ ٻين مقدس لکڻين سان به آهي۔ان ۾ ڏوھ مقدس لکڻين جو ناهي بلڪ انهن جو آهي،جيڪي انهن جون تشريحون ڪن ٿا۔
جيڪڏهن مذهب کي سائنس کان سچي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اها ان ڪري به وڏي بيوقوفاڻي هٿ چراند ٿيندي۔چاڪاڻ ته پوء سائنس کان مذهب کي به باطل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان به وڌيڪ ٿيندا۔۔۔چوته سائنس جو بنياد عقل تي آهي۔جڏهن ته مذهب پنهنجي آخري عقيدي ۾ انڌو يقين هوندو آهي۔ان ريت سائنس ۽ مذهب کي ملائڻ سان دوستي نه بلڪ ٽڪراء ٿيندو۔ مذهب جو وجود ۽ ان جي عزت سندس مڃڻ وارن جي ايمان سان لاڳاپيل هوندي آهي ۽ اهي ئي ان جي سچائي جو سڀ کان وڏو ثبوت هوندا آهن۔ان ڪري مذهب کي هن جي حدن کان ٻاهر ڪڍنداسين ته اهو ٽڪراء ٿي ويندو۔
ڏاهپ وارو رستو اهو آهي ته اسان سائنس ۽ مذهب کي هڪ چوڻ چڏي ڏيون۔چاڪاڻ ته انهن جو هڪ ٻيئي سان ڪو ڳانڍاپو ناهي۔جيستائين ٻئي انسان جي مجوري آهن،انهن کي پنهنجو پنهنجو خيال مقرر ڪرڻ گهرجي۔مذهب جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو،روحاني سڪون ميسر ڪري ٿو ۽ ڪي اخلاقي سبق ڏيئي ٿو۔ان ڪري کانئس اهوئي ڪجه حاصل ڪرڻ کپي۔جڏهن ته سائنس عقل ۽ مادي جو ميدان آهي۔اتي مذهب جي پيوند ڪاري سواء بيقوفاڻي عمل جي ٻيو ڪجه به نه آهي۔پراڻي زماني ۾ انسان جي مجبوري هئي ته هو مادي ڪائنات جي سوالن جو جواب به مذهب کان گهرندو هو۔اڄ ان جي لاء هڪ مفيد ۽ ڀروسي جي قابل علم سائنس جي شڪل ۾ موجود آهن۔جيتوڻيڪ مذهب کي مادي ڪائنات جي ڏکيائين کي سلجهائڻ ۾ استعمال ڪرڻ ڏاھپ ڀريو ئي نه ڀلڪ غير مذهبي فعل پڻ آهي۔










