ريڊيو پاڪستان جو عروج ۽ زوال

ريڊيو پاڪستان جو عروج ۽ زوال

تبسم کوسو
غالباّ 94 جو ڏهاڪو آهي ۽ اسان سڀ نوجوان ريڊيو ٻڌڻ جا شوقين هوندا هئا سين ۽ باهو کوسو ۾ ريڊيو لسنرز ڪلب پڻ جوڙيو هيو سين جنهن جو مُهندار ثناءُاللّه ٽانوري هوندو هو , ساٿ ۾ ريڊيو ۽ ڪتابن جو جنوني علي وفا بروهي, برڪت کوسو, لطيف کوسو, رمضان ٽانوري, غلام محمد کوسو, رفيق کوسو هوندا هئا, اسين نه صرف ريڊيو ٻڌندا هئاسين پر ريڊيو خيرپور جي مختلف پروگرامن ۾ خط پڻ لکندا هئا سين ۽ فرمائشون ڪندا هيا سين, تڏنهن پاڻ کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿيندي هئي جڏنهن ڪنهن پروگرام جو ميزبان ۽ صداڪار اسان جو نالو وٺندو هو, ۽ اسان جي ڪيل ڪو فرمائش هلائيندو هو ته اسان جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي هئي , هاء ! ڇا ته ڏينهن هئا جو ريڊيو جهر جهنگ, واهڻ وستي, ۽ ٻاڙي ٻاڙي ٻڌو ويندو هو, ڌنار, ڳنوار, پوڙها پڪا, جوان ريڊيو جا شوقين هئا ۽ ريڊيو جا شوقين رات جو بي بي سي جون سيربين به غور سان ٻڌن, وٽن مختلف برانڊ جا ريڊيو هئا, ڪي وڏا ته ڪي کيسي ۾ رکڻ جهڙا, پر وريل وقت ڪٿي ٿو واپس وري !! ڪجھ مهنيا اڳ خير پور جي گهڻگهرن ۽ سيبتن شاعرن آزاد انصاري , روشن شيخ , ۽ سنڌ جي ٽيلنٽ , بي پناه خوبين جي مالڪ آصف رضا نظاماڻي سان گڏجي ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا وڃڻ ٿيوهو, اتي بلوچي پروگرام جو پروڊيوسر ڪليم اللّه بلوچ صاحب اسان جو دل آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اسان کي ريڊيو اسٽيشن ڪوئيٽا جي مختلف شعبن ۽ اسٽوڊيوز جو سير ڪرايو, ڪليم بلوچ صاحب ٻن ڪلاڪن تائين اسان کي قرب ڏنو, اتي ويٺي منهنجو خيال ريڊيو خير پور طرف ويو ڳچ سال اڳ اهڙو ئي سير محترم مختيار ملڪ صاحب پياري دوست خادم ڪلهوڙي ۽ آزاد انصاريء جي ٿورن سان خير پور ريڊيو اسٽيشن جو به ڪرايو هو, ۽ پيارو دوست خادم ڪلهوڙو “هڪ شاعر سان ملاقات” جي عنوان سان منهنجو انٽرويو به ورتو هو, تڏنهن واه جو عروج هو ريڊئي جو, پر هيئنر ريڊيو پاڪستان خير پور ويهجي چڪو آهي , نه ڪو پروگرام ۽ نه ڪا فرمائش !! ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪليم اللۡه بلوچ صاحب به انتهائي مايوسي واري حالت ۾ ٻڌايو ته هن لان ۾ فنڪارن ۽ موسيقارن جي لائين لڳل هوندي هئي ۽ هرڪو پنهنجي واري جو انتظار ڪندو هو پر هيئنر اهي ويچارا فنڪار ۽ موسيقار بک مرن پيا, ميڊيم وي بند ٿيڻ سبب ريڊيو جو وڏو نقصان ٿيو آهي, ريڊيو جي جاء ايم پي ٿري ايم پي فور ۽ جديد موبائلن ورتي آهي, ٻڌندڙن کي اڄ به ريڊيو جو انتظار آهي پر شايد اهو زمانو وري واپس نه وري ۽ جنهن وقت پاڻ خط وسيلي فرمائشون ڪندا هيا سون, ۽ پروگرامن جو بي چينيء سان انتظار هوندو هو,
ڪاش! حڪومت وقت ان طرف پنهنجو خصوصي توجه ڏي ۽ ريڊيو کي بحال ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو