طفيل مگسي
امريڪا، اسرائيل ۽ روس گڏيل قومن جي اداري”اقوم متحده“۾ يوڪرائن تي حملي جي مذمت جي خلاف گڏجي ووٽ ڏنو۔ليڪن چو؟ اهو چا هوجيڪو ڪيمپزم(يعني ٻن دشمن سامراجي طاقتن يا اتحادن منجهان هڪ ڏانهن نرمي وارو لاڙو)ڏسڻ نٿو چاهي؟ايران جي خلاف ويجهر واري جنگ جي ڪهاڻي دنيا جي حالتن جي ڪيترن ئي پاسن تي روشني وجهي ٿي۔اهڙا به پاسا جن کي ظاهري ۽ ستت سمجهڻ ممڪن ناهي ۽ اهو به جنهن کي ڪيمپزم جي نظرياتي طور تي انڌي پيروي ڏسڻ کان انڪار ڪري ٿي۔انهن ٻن پاسن منجهان هڪ روسي سامراج ۽ صيهوني رياست جي وچ ۾ تعلق سان آهي۔هڪ بتدريج انداز سان اڳتي وڌون ٿا۔پهرين ناقابل ترديد حقيقت جيڪا سامهون آئي اها هيء هئي ته جڏهن ايران تي حملو ٿيو ته روس ۽ چين ٻنهيء ڪنهن به قسم جي فوجي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري چڏيو ۽ هنن”ڳڻتي“تي مشتمل بيان جاري ڪيا۔سي به نهايت ٿڌي ۽ نارمل ٻوليء ۾ ۔ليڪن اهي صرف لفظ هئا۔نه هنن مستقبل جي لاء ڪنهن فوجي تحفظ جو وعدو ڪيو نه ان سلسلي ۾ (اسرائيل يا امريڪا ) کي ڪا وارننگ ڏني يا ڌمڪي۔سو سڌي سنئين فوجي امداد جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿيئي۔امريڪي بمبار جهازن جي مدد سان هٿيار بند صيهوني جهازن کي تهران جي فضائن ۾ ٻارهن ڏينهن تائين بمباري جي کليل اجازت ڏني وئي۔جڏهن ته ايراني دفائي نظام اڳ کان ئي تباه ڪيو ويو هو۔ان دوران ايران جي ڪنهن وڏي اتحاديء هن جي دفاع جي لاء ڪو جوڳو قدم نه کنيو۔ليڪن پيوٽن اها وضاحت ڏيڻ ضروري سمجهي ته روس ۽ ايران جي وچ ۾ جنهن دوستي جو جشن ڪجه مهينا اڳ ڌوم ڌام سان ملهايو ويو هو،ان جي صورت ۾ روس رسمي طور تي فوجي مدد ڏيڻ جو پابند ناهي بلڪ اها دوستي صرف هن ڳالھ جو اقرار ڪري ٿي ته حملي ڪرڻ واري جي مدد نه ڪئي ويندي۔بهرحال روس سياسي طور تي اهو فيصلو ڪيو ته هو ايران کي ڪا مدد ميسر نه ڪندو ۔ايستائين ته ڌمڪي يا خبردار واري حد تائين به نه۔هڪ خاص تضاد :ايراني ٿيوڪريٽڪ(مذهبي)حڪومت روس کي جديد ترين ڊرون ميسر ڪيا ته جيئن هو يوڪرائني شهرين کي تباھ ڪري سگهي۔ليڪن جڏهن پاڻ ايران کي اشد ضرورت ٿي ته هن کي فضائي دفاع جو هڪ هٿيار به نه مليو۔نه پيوٽن کان نه اتر ڪوريا کان(جيڪو روس کي مدد ميسر ڪرڻ واري مامري ۾ بلڪل به ڪنجوس ناهي)۽ نه چين کان۔اهو چين جيڪو(سستو)ايراني تيل به استعمال ڪري ٿو۔مقصد ته ڪٿان کان ڪجه نه مليو۔ايستائين ته برڪس (BRICS)جهڙي اتحاد جي اندر به سامراجي تعلقات مٿڀرا آهن۔روس ۽ چين قيادت ڪن ٿا۔باقي ملڪ انهن جي لاء صرف (Warehouse)جي حيثيت رکن ٿا۔وڌيڪ اهو ته روسي ۽ چيني سفارتڪارن جي”ڳڻتي جوڳن“ بيانن ۾ جن ۾ امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جون رٿون ڏنيون ويون۔جو مقصد پڻ عالمي برادري (بنيادي طور تي سامراجي رياستن ۽ رياست اسرائيل)کي اهو يقين ڏيارڻو هو ته ايران ايٽم بم نه ٺاهيندو۔روس جي طرف کان ايراني يورينيم کي پنهنجي لاء حاصل ڪرڻ ۽ ان تي ڪنٽرول رکڻ جي خواهش به اصل ۾ امريڪا ۽ اسرائيل کي ايران کي هٿياربند نه هئڻ جي هڪ ضمانت جي طور تي پيش ڪئي وئي۔ليڪن سوال اهو آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي دنيا جي سڀ کان وڏي ايٽمي طاقت(امريڪا) ۽ صيهوني ايٽمي رياست(اسرائيل ) جي ان هٺ ڌرمي واري ويٽو کي چو قبول ڪيو ويو؟چا(برڪس)جي قيادت ڪرڻ وارا روس ۽ چين پاڻ کي هڪ نئين عالمي نظام جا علمبردار هئڻ جو تاثر پيش نٿا ڪن۔هڪ اهڙو نظام جيڪو نيٺ انصاف ۽ مساوات کڻي ڪري ايندو؟اهوئي اهڙو نظرياتي شوشو ناهي جنهن کي سڄي دنيا جا (روس ۽ چين نواز) پروپيگنڊه ڪيمپ بار بار ورجائين ٿا؟حقيقت ها آهي ته روسي ۽ چيني سامراج به بلڪل امريڪي سامراج۔يورپي سامراجي ملڪن ۽ صيهوني رياست جيان صرف پنهنجن مفادن جي پٺيان ڊوڙين ٿا۔روس ۽ چين جي لاء ”نئون عالمي نظام“صرف ان حق جو نانء آهي ته اهي دنيا جي نئين ورهاست ۾ ٻين وڏين طاقتن سان گڏ برابري جي بنياد تي سودا ڪري سگهن۔اڄ امريڪي سامراج جي نمائندگي ڪرڻ وارو ٽرمپ هڪ اهڙي ڀائيوار جي طور تي سامهون آيو آهي۔جيڪو ماضي جي ڀيٽ ۾ (اهڙي ورهاست) وارين ڳالهين تي وڌيڪ راضي آهي۔ٽن وڏين طاقتن امريڪا،روس ۽ چين جي وچ ۾ عالمي سطح تي پنهنجي پنهنجي اثر واري علائقي جي ورهاست جي لاء ڳالهين جو تصور۔جنهن ۾ يورپي سامراجي ملڪن کي نظر انداز يا الڳ ٿلڳ ڪري چڏجي۔حقيقت ۾ ان نئين امريڪي حڪومت جي پاليسي آهي۔جيڪڏهن اسان ان ڳالھ کي نه سمجهوسين ته پوء اسان موجوده عالمي منظرنامي جي بنياد کي ڪڏهن به نه سمجهي سگهنداسين۔يورپي سامراجي طاقتون اڄ صرف ان ڪري ٻيهر هٿيارن سان ٽمٽار ناهن ٿي رهيون ته انهن کي ٽرمپ چيو آهي۔بلڪ ان کان وڌي ڪري انهن کي ڊپ آهي ته ڪٿي ٽرمپ کين کي مڪمل طور تي چڏي نه ڏيئي۔صرف ٻيهر هٿاربندي يا ري آرمامنٽ جيڪا ظاهر آهي ته پنهنجي پنهنجي محنت ڪش طبقي جي قيمت تي ڪئي ويندي۔جي وسيلي ئي اهي اها اميد رکي سگهن ٿا ته هو سودي بازي جي طاقت حاصل ڪري سگهن ۽ دنيا جي نئين ورهاست ۾ انهن کي به ڪو حصو ملي سگهي۔ اسان مٿين پمنظر جو مظهر ويجهر واري ايراني بحران ۾ ڏسي ورتو۔ٽرمپ پيوٽن کي سفارتي دٻاء وسيلي جهڪائي ورتو ته جئين ايران امريڪي بمباري جي جواب ۾ صرف نالي ماتر ردعمل تائين محدود رهي۔يعني اهڙي بمباري جيڪا امريڪا سان اڳواٽ”طئي ٿيل“هئي۔ان جي موٽ ۾ ٽرمپ پيوٽن کي يوڪرائن جي مامري ۾ وڌيڪ رعايت ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي۔جيڪا موجوده وقت ۾ پيوٽن جي بنيادي ضرورت آهي۔ليڪن ڳالھ صرف اتي ختم نٿي ۔ايران جي مامري ۾ روس جو نرم رويو ۽ خاموش رويو اصل ۾ هن جي صيهوني رياست سان تعلقات جي به نمائندگي ڪندي ڏيک ڏيئي ٿو۔اهو هڪ اهڙو ڳوڙهو تعلق آهي جيڪو ڪنهن حد تائين لڪل آهي۔ليڪن نهايت پراڻو ۽ مضبوط آهي۔اوام مدحده جي جنرل اسيمبلي ۾ 24 فيبروري 2025ء ۾ يوڪرائن تي روسي حملي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي جڏهن امريڪا۔روس ۽ اسرائيل گڏجي روسي جارحيت جي مذمت ڪرڻ جي خلاف ووٽ ڏنو ته اهو انهيء مٿي بيان ڪيل حقيقت جو هڪ هڪ ٻيو چٽو ثبوت هو۔صيهوني رياست جا ٻه”خاص تعلقات “ آهن۔پهريون۔امريڪا سان ۽ ٻيو رجس سان۔روس جي يوڪرائن جي خلاف جنگ جي دوران اسرائيل ئڪ،ل طور تي غير جانبداري اختيار ڪري رکي آهياسرائيل روس جي خلاف مغربي پابندين کان پاڻ کي الڳ رکيو آها۔بلڪل ائين جيئن روس فلسطين جي مسئل ي تي نيتن ياهو سان تعلقات خراب نه ڪرڻ تي اڏول بيٺو رهيو۔ان تعلق جو هڪ مثال (روسي نسل سيٺ) رومن ابرامووچ به آهي۔جيڪو اسرائيل جو ٻيو امير ترين شخص آهي۔کانسواء اسرائيلي هائي ٽيڪ صنعت جا ڪافي”ذهين دماغ“روسي نسل جا ماڻهو آهن۔جڏهن روس ٽٽو ته ڏھ لک روسين اسرائيل هجرت ڪئي۔هنن امريڪا وڃڻ پيئي چاهيو ۔ليڪن اسرائيل امريڪا کان ويزائن تي پاببدي هڻائي ڪري ان هجرت جو رخ تل ابيب ڏانهن موڙي چڏيو۔اڄ ڪيترن ئي اسرائيلي شهرن ۾ صرف روسي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي۔روسي نسل واري يهودي ڪميونٽي هينئر اسرائيل جي ساڄي ڌر جي هڪ مضبوط حيثيت رکي ٿي۔وڌيڪ اهو ته 1904 کان 1914جي وچ واري صيهوني بيٺڪيتي تاريخ وڏي حد تائين روسي(يهودين جي)هجرت سان ئي جڙي سگهي۔ليڪن اهو تعلق سرد جنگ جي خاتمي کانپوء به ڪڏهن ٽٽو نه۔بشارالاسد جي دور ۾ جڏهن روس شام جي فضائي حدن تي ڪنٽرول ٿي رکيو هو ته تڏهن به اسرائيلي هوائي فوج کي ايران کان لبنان تائين(حماس،حزب الله وغيره جي لاء)هٿيارن جي سپلاء کي نشاني بنائڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ روس ڪو ردعمل نه ڏنو۔ايستائين ته جڏهن هڪ روسي جهاز اسرائيلي ڪاروائي جي دوران غلطي وچان ڪيرايو ويو ته تڏهن به روس خاموش ئي رهيو!ڪيمپزم انڌو آهي۔ليڪن انقلابي مارڪسزم ناهي۔وچ اوڀر جا مظلوم عوام ڪنهن”دوست“ سامراجي ملڪ تي دارومدار نٿا ڪري سگهن۔چاڪاڻ ته ڪو به سامراج مظلوم قومن جو دوست ناهي هوندو۔نئون عالمي نظام يا ته سوشلسٽ هوندو يا هوندو ئي نه۔حالتن کي بدلائڻ جو اڪيلو رستو انقلاب آهي!










