علي انور عسڪري
سنڌ جي تاريخ هميشه وسيلن جي ڦر، سياسي ناانصافين، ۽ قومي حقن جي لتاڙ خلاف جدوجهد سان ڀريل رهي آهي. پر، مورو ۾ ٿيل هاڻوڪو سانحو، هڪ نئين باب جو آغاز آهي، جيڪو صرف احتجاج نه، پر قومن جي آزاديءَ، خودمختياري ۽ پاڻمرادي جي جنگ جو تسلسل آهي. هي واقعو نه فقط رياستي نااهليءَ جو نتيجو آهي، پر پاڪستان جي وفاقي ڍانچي ۾ موجود ٻٽي معيارن جو منجهارڪ ثبوت پڻ آهي. مورو، جتي هارين، شاگردن، وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن طرفان پاڻيءَ جي ناانصافي، سنڌو درياهه مان نڪرندڙ غيرقانوني ڪينالن، ۽ ڪوآپريٽو فارمنگ جي نالي تي زمينن جي وڪري خلاف پرامن احتجاج شروع ڪيو ته پوليس ان پر امن احتجاج کي باقاعده جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو. اهو احتجاج، جيڪو قوم جي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ پرامن تحريڪ جي شڪل ۾ شروع ٿيو هو، ايترو ته بي رحم تشدد جو شڪار ٿيو، جو پوليس پاران قومي ڪارڪنن تي گوليون وسايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زاهد لغاري شهيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي زخمي اسپتالن ڀيڙا ٿيا درحقيقت هي نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي جذبي سان سرشار ٿي، رڳو پاڻي، زمين ۽ وجود جي تحفظ لاءِ ٻاهر نڪتا هئا. مورو جي قومي شاهراهه، دادو-مورو باءِ پاس تي احتجاج ڪندڙ مظلومن تي پوليس جي سڌي فائرنگ، ڪارڪن کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو. جڏهن قانون تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار ادارو پنهنجي ئي شهرين سان دشمنن وارو سلوڪ اختيار ڪري، تڏهن سوال اٿن ٿا، ۽ جوابن جي کوٽ تحريڪن کي جنم ڏئي ٿي.
مورو جي رستن تي بارود جي بوءِ، قومپرست ڪارڪنن ۽ پوليس جي چڪرن، لٺبازي، فائرنگ، ۽ روڊن تي پکڙيل رت جي راند سبب سنڌ جي ڌرتيءَ جي تڪليف هر ذي شعور انسان کي رڙ ڪرائي رهي آهي. ان دوران سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار هائوس کي شر پسندن باهه ڏئي معاملي کي پرامن جدوجهد خلاف سازش جو بنياد وڌو انهن شرپسندن جي ڪوشش آهي ته گهرو وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ جو الزام قومي ڪارڪنن تي لڳي ته جيئن سنڌ جي حقن تي والار واري جدوجهد کي ڌڪ رسي ۽ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سگهجي جڳ ڏٺو ته ٻٻرلو ڌرڻو دوران ڪوبه نقصان نه ٿيو احتجاج ڪندڙ هٿين خالي پنھنجا مطالبا تسليم ڪرائڻ لا۽ ڌرڻو ۾ ويٺل رهيا پر پرامن جدوجهد کي سازش تحت رتو ڇان م تبديل ڪييو ويو اهو عمل عوام جي ڦٽن تي پها رکڻ بدران ويتر لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي ۽ ماڻهن ۾ بغاوت کي جنم ڏئي رهي آهي سنڌو درياهه، جيڪو سنڌ جو ساهه آهي، ان مان نڪرندڙ غيرقانوني ڪينالن ۽ پنجاب جي سرزمين تي جاري اڏاوتون، سنڌ واسين لاءِ موت جي گهنٽي بڻجي چڪيون آهن. ان تي ردعمل طور احتجاج فطري عمل آهي، ۽ جڏهن حڪمران ان آواز کي ٻڌڻ بجاءِ ان کي دٻائڻ لاءِ گولين، لٺين، ۽ گرفتارين جو استعمال ڪندا ته عوام جي ڪاوڙ ۾ گهٽتائي بدران ويتر واڌ ايندي.
ڪوآپريٽو فارمنگ جي نالي تي زمينن جي غيرقانوني ورڇ، مقامي آبادگارن کي بي دخل ڪرڻ ۽ اجنبي ادارن جي حوالي ڪرڻ واري پاليسيءَ خلاف ڌرتي ڌڻي پرامن احتجاج ڪن ۽ ان کي حاڪم طاقت سان دٻائڻ جا دڳ اختيار ڪن ته ان عمل سان احتجاج ويتر سگهارو ٿيندو
مورو جي احتجاج ڪجهه سوال اٿاريا آهن، مورو جي انهن زخمين، شهيد ٿيندڙن ۽ گرفتارين جو حساب وٺڻ وارو ڪو ادارو موجود آهي؟ پوليس جي فائرنگ جي حڪم ڏيڻ وارو ڪير هو؟ سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ وڙهندڙ نوجوانن جو رت ايترو بي معنيٰ ٿي ويو آهي؟ ۽ سڀ کان اهم سوال: جڏهن حڪومت کي عوام جي تڪليف جي سُڻائي نه رهي هجي، تڏهن ڇا باقي رستو احتجاج کانسواءِ بچي ٿو؟ سنڌ جي تاريخ قربانين سان ڀري پئي آهي، پر اهو تاريخي الميو آهي ته اقتدار وارا پنهنجن ماڻهن جي آواز بدران مرڪزن جي حڪمن تي عمل ڪندا رهيا آهن. مورو جي صورتحال ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي. نه فقط اهو احتجاج هڪ نئين سياسي تحريڪ جو جنم ڏئي سگهي ٿو، پر اقتدار جي حويليءَ تي سوالن جو طوفان به کڙو ڪري سگهي ٿو.
هي وقت آهي ته حڪومت پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري. احتجاج ڪندڙن خلاف پوليس ڪاررواين، سياسي گرفتارين ۽ رياستي دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن. . پاڻي، زمين ۽ زندگيءَ جي حق لاءِ آواز بلند ڪندڙن کي دشمن نه، پر ڌرتي جا فرزند سمجهي انهن سان ڳالهيون ۽ مشاورت ڪئي وڃي. جيڪڏهن اڄ ان باهه کي وسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، ته اها باهه سرحدن، ڪينالن، ڪوآپريٽو فارمنگ جي بورڊن ۽ تختن کي به ساڙي ڇڏيندي. سنڌ جي امن لاءِ، انصاف ئي واحد واٽ آهي










