راشد خان، ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر

راشد خان، ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر

دبئي(ويب ڊيسڪ)افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ اسپنر بالر راشد خان ٽي20 ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو آهي. ٽه ملڪي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ متحده عرب امارات (يو اي اي) خلاف راشد خان 21 رنسن عيوض 3 وڪيٽون ورتيون ۽ عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو. ان ميچ ۾ افغانستان يواي اي کي 38 رنسن تان شڪست ڏني هئي. 26 ورهين جو راشد خان ٽي20 ڪرڪيٽ ۾ 165 وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي، هن ساڳئي ميچ دوران پهريان ٽم سائوٿي جو رڪارڊ برابر ڪيو ۽ پوءِ ان کان اڳتي نڪري ويو. نيوزي لينڊ جي 36 ورهين جي بالر ٽم سائوٿي 164 وڪيٽون 126 ميچن ۾ حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته راشد خان هي ڪارنامو صرف 98 ميچن ۾ سرانجام ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو