عبدالفتاح عباسي
صحابہ ڪرام رضوان الله تعاليٰ اجمعين جي جماعت اها مبارڪ ۽ خوش قسمت جماعت آهي جنهن کي براہ راست سنئون سڌو آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي فيضيابيءَ جو اعليٰ شرف حاصل ٿيو، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي صحبت جي برڪت، حسن تربيت ۽ سندن جي مستجاب دعائن جي نتيجي ۾ هي متبرڪ هستيون انسانيت ڪامله جا اهڙا اعليٰ نمونا بڻجي ويا جو پوري دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي مبارڪ ۽ مقدس جماعت جو مثال پيش ڪرڻ کان محال آهي. امت اسلاميه جو عقيدو آهي ته هن امت جا بهترين ۽ افضل ترين ماڻهو اهي ئي مبارڪ هستيون صحابه ڪرام آهن. حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه بن عفان جي ولادت عام فيل جي ڇهين سال ٿي، سندن کي اسلام جي دعوت خليفه اول حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جن ڏني، سائين جن حبشه ۽ مديني شريف ڏانهن هجرت ڪئي، سندن جي نڪاح ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جون ٻه نياڻيون آيون، پهريان حضرت رقيه رضي الله تعاليٰ عنها سان ۽ انهي جي وصال بعد صاحبزادي حضرت ام ڪلثوم رضي الله تعاليٰ عنها جن سان نڪاح ٿيو. علما ِء ڪرام چون ٿا ته حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جن کان سوا ِء دنيا ۾ ڪو به اهڙو شخص ناهي جنهن کي اهڙو وڏو اعزاز مليو هجي، جو ڪنهن نبي سڳوري جون ٻه نياڻيون سندن نڪاح ۾ آيون هجن. انهي ڪري سندن کي ذوالنورين چيو ويندو آهي، پاڻ عشرہ مبشرہ مان آهن جن اسانجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن زندگي حياتيءَ ۾ سندن کي جنت جي بشارت ڏيئي ڇڏي ۽ پاڻ انهن صحابه ڪرام مان آهن جن کي الله تعالي قرآن پاڪ جمع ڪرڻ جي سعادت بخشي ۽ عزت عطا فرمائي، حضرت مولا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جن کان حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعالي عنه جي فضيلت جي لاءِ پڇيو ويو ته فرمايائون “هيءُ اهو شخص آهي جنهن کي عرشِ موليٰ تي “ ذوالنورين” پڪاريو وڃي ٿو، حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه تمام گهڻا حسين و جميل هئا، جنهن وقت حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه دربار رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئا ته حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي لباس مبارڪ کي خوب درست فرمائيندي چوندا هئا ته مان انهيءَ کان ڇو نه حياءُ ڪريان جنهن کان ملائڪ فرشتا به حياءَ فرمائن ٿا. انهيءَ ڳالهه مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هيءُ جليل القدر صحابي رسول هيا ۽ سندن جو بارگاهه رسالت ۾ وڏو مرتبو هيو. بيعت رضوان جي وقت حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه موجود نه هئا. حضور عليه الصلوات والسلام جن انهن کي مڪي پاڪ موڪليو هيو، بيعت جي وقت هي فرمايائون ته عثمان الله ۽ رسول جي ڪم ۾ آهن ۽ پنهنجي ئي هڪ ٻئي هٿ مبارڪ کي حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جو هٿ سڏيو. بيعت جو اهو شان حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جن سان محبت ۽ قرب خاص جو اظهار ٿئي ٿو. حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعالي عنه جا فضائل مختلف حديثن مان ظاهر آهن. حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعالي عنه جي دور ۾ ريءَ ۽ روم جا ڪيترائي قلعا فتح ٿيا، جڏهن ته آفريڪا، اندلس، قبرص، خراسان، نيشاپور، طوس سميت ڪيترائي ملڪ فتح ڪري ڏيکاريا. مسجد حرام ڪعبه مقدسه ۽ مسجد مدينہ طيبه جي توسيع جا پڻ شاندار ڪم ۽ حاجين جي سهولتن لاءِ نمايان ڪم وساري نٿا سگهجن، حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جي شهادت به هڪ عجيب واقعو آهي ۽ شهادت وقت رت خون جا قطره تلاوت دوران قرآن پاڪ جي مٿان پون ٿا ۽ سندن جي عظيم شهادت قرآن پاڪ جي شاهديءَ سان منسوب ٿي وڃي ٿي ۽ هڪ شرپسند ٽولي جي بدبخت ماڻهن پهريان صحابي رسول حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه جو 40 ڏينهن پاڻي بند ڪري ڇڏيو جڏهن اها ڳالهه مولا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جن کي خبر ملي ته بد بخت باغين اسلام جي ٽين خليفي جي گهر جو گهيرائو ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن جي اهل وعيال پاڻي جي شدت کان بي چين آهي ته مولا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جن فورن ٽي مشڪ جي پاڻيءَ موڪلڻ جو بندوبست ڪري ورتو ۽ حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جن جي گهر ڏانهن موڪليائون. حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جي گهر جو گهيرائو تمام گهڻو ٿي ويو ۽ هي ڳالهه واضح ٿي وئي ته ڪجهه فسادي ۽ شرارتي عناصر حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جي قتل جو منصوبو بڻائي چڪا هئا. حضرت علي عليه السلام جن اهڙين حالتن ۾ پنهنجي پيارن ٻچڙن حضرت امام حسن مجتبي رضي الله تعالي عنه ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنه جن کي حڪم ڏنو ته توهان ٻئي ڄڻا تلوار کڻي وڃي حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه جي حفاظت لاءِ سندن جي دروازي تي پهرو ڏيو جيئن ڪو شخص بري ارادي سان گهر ۾ داخل نه ٿي سگهي. اها هي صحابه ڪرام ۾ پنهنجي ساٿين محبت ڪندڙن لاءِ محبت جو واضع دليل آهي پاڻ ته پاڻ پر پنهنجي اولاد کي به سرڪار عليه الصلوات والسلام جي سچن غلامن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار هوندا هئا، آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان عاليشان آهي ته “ جنت ۾ هر نبيءَ جو رفيق هوندو ۽ منهنجو رفيق عثمان بن عفان آهن، نور ڪي سرڪار سي پايا دوشاله نور ڪا، هو مبارڪ تم ڪو ذوالنورين جوڙا نور ڪا. حضرت جابر بن عبدالله رضي لله عنه بيان ڪن ٿا ته “ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن وٽ هڪ جنازو آندو ويو ۽ عرض ڪيو ويو ته انهن جي نماز جنازه پڙهايو، سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم ان شخص جي نماز جنازهه نه پڙهائڻ جو چيو، سندن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم توهان ته سڀني ماڻهن جي نماز جنازهه پڙهائيندا آهيو پر انهيءَ جي ڇو نه ٿا پڙهايو، ڪريم آقا صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته “ انه ڪان يبغص عثمان” معني! انهيءَ جي عثمان سان دشمني هئي”، معلوم ٿيو ته جيڪو الله جي پيارن جو بي ادب آهي اهو ڪيڏي خساري ۾ آهي، آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي عظيم جماعت صحابه ڪرام جي محبت لازوال مخلصانه اسلام جي ڏسيل طريقڪار مطابق ڪئي وڃي، آخر ڪار اسلام جي ٽئين خليفي حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه 18 ذوالحج سن 35 هه ۾ شهيد ڪيا ويا شهادت وقت عمر 82 سال هئي، اولاد ۾ 9 پٽ ۽ 8 نياڻيون هيون، ۽ سندن کي مديني مقدس جي عظيم الشان قبرستان جنت البقيع ۾ جڳهه ڏني وئي جيڪا عين مسجد نبوي سان گڏوگڏ جڳهه آهي.حضرت عثمان غني رضي الله عنه جو حضرت سيدنا مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم سان پيار هيو. جنهن لاءِ هڪ ڀيري مولا علي شير خدا رضي الله عنه جو جڏهن حضرت بيبي فاطمه زهريٰ رضي الله تعاليٰ عنها سان نڪاح ٿيو ته شاديءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ، حضرت سيدنا مولا علي شير خدا رضي الله عنه جن کي فرمايو ته ؛ توهان پنهنجي زره وڪرو ڪريو، حضرت علي المرتضيٰ رضي الله عنه چون ٿا ته حضرت عثمان غني رضي الله عنه منهنجي زره مونکان چار سئو درهمن ۾ خريد ڪئي ۽ مون کي ٻيا چار سئو درهم پورا ڏيئي ڇڏيا ۽ پوءِ حضرت عثمان غني رضي الله عنه مونکي چيو هاڻي هيءَ زره منهنجي طرفان هديه قبول ڪري وٺو،سيدنا علي المرتضيٰ رضي الله عنه چون ٿا ته مان اهي چار سئو درهم ۽ اها زره کڻي وڃي، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه بيڪس پناهه ۾ حاضر ٿيس ۽ سڄو واقعو بيان ڪري ٻڌايو. ته پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه جن لاءِ تمام گهڻيون دعائون گهريون. حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه وڏا مالدار ۽ سخي هوندا هيا، سندن جي مال مان اسلام جي ڪافي خدمت ٿي سگهي ۽ ڪافرن جي حوالي ٿيل پيئڻ جي پاڻيءَ جا کوهه وڏي قيمت تي به خريد ڪري مسلمانن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. هيءُ اهي جليل القدر صحابي رسول هيا جن لاءِ سرڪارمدينه صلي الله عليه وسلم عشره مبشره جي عظيم بشارت ڏني آهي ۽ قيامت تائين قرآن پاڪ پڙهندڙن اربين کربين پيدا ٿيندڙ مسلمانن لاءِ سندن جي ورقن کي سانڍڻ جي سعادت عظيم ڪار خير آهي. ڪروڙين حافظ سڳورن جي دلين ۾ آباد ٿيندڙ قرآن پاڪ جي نعمت سندن جي ڪوششين جو نتيجو آهي، جنهن ڪري سندن کي “جامع القرآن” به سڏيو ويندو آهي.الله تعاليٰ انهيءَ عظيم صحابي رسول جي صدقي ۾ اسان کي قرآن پاڪ وڌ ۾ وڌ پڙهڻ عمل ڪرڻ ۽ نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ آمين ۽ ياالله پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي صدقي طفيل ۾ اسان کي تمام ظاهري باطني بيمارين، گلا، غيبت، ساڙ، حسد، بغض، ڪينو ۽ خرافات کان محفوظ بڻاءِ آمين.صديق ڪا فاروق ڪا صدقه ملي عثمان ڪا، مولا علي ڪي واسطي مين ديکهه لون روضه تيرا.










