تحرير طفيل مگسي
ذوالفقار علي ڀٽو جي ذات سان ڪنهن کي ڪيترا به اختلاف ڇو نه هجن.ليڪن هن ڳالھ کان ڪوب انڪار نٿو ڪري سگهي ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ تمام وڏو نانء ۽ ناقابل فراموش ڪردار رهيو آھي.ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو نهايت ئي معتبر سياستدان .اعلي تعليم يافتا .نهايت ڪشادي مطالعي ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ هو.هن دنيا منجه جهڙي ريت پنهنجن خطابن ۽ ڏاھپ جو مظاھرو ڪيو.شايد ائين ڪنهن به پاڪستان جي حڪمران نه ڪيو آھي.1971ع ۾ جڏھن بنگال جو ورهاڱو ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽي اولھ پاڪستان جي اقتدار جون واڳون سنڀاليون ۽ پنهنجين بهترين ۽ ڏاھپ ڀرين صلاحيتن سان ڪارناما انجام ڏنا.ڏٺو وڃي ته جهڙي ريت پاڪستان جو قيام ووٽ جي طاقت سان ممڪن ٿيو هو.بلڪل ساڳئي ريت قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي شھيد کي اهو منفرد اعزاز حاصل آھي ته هو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان پهريون چونڊيل حڪمران هو.جيڪو ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ آيو هو.7ڊسمبر 1970ع ۾ جڏھن پهريون عام چونڊون ٿيون ته هن سڄي ملڪ جي ڇهن تڪن کان چونڊ وڙھي.جنهن منجهان پنجن تڪن تي هن کي بيمثال ڪاميابي حاصل ٿي هئي.جڏھن ته ڊيرا اسماعيل خان کان مولانا فضل الرحمن جي والد مفتي محمود هڪ سيٽ کٽي.ڀٽو صاحب لاهور.ملتان.لاڙڪاڻو .حيدرآباد ۽ ٺٽي جي چونڊن وارن تڪن کان ڪاميابي حاصل ڪئي.جنهن کان اهو پتو پوي ٿو ته جناب ڀٽو هڪ مقبول عوامي ليڊر هو.عوام جي طاقت هن جي پٺيان هئي ۽ عوامي اعتماد جيڪو هن کي حاصل هيو.اهڙو اعتماد شايد هن ملڪ جي ڪنهن ٻيئي سياسي ليڊر کي حاصل نه هو.ذولافقار علي ڀٽي جنهن 9 جنوري 1928ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.شروعاتي تعليم کانپوء ۾ برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورينا منهجان سياست ۾ گريجوئيٽ ڪئي.1952ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي کان قانون ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي۽ انهيء سال هن بريسٽري جو امتحان پاس ڪيو.ان سان گڏ ئي انگلستان جي هڪ يونيورسٽي سائوٿ ۾ بحيثيت استاد مقرر ٿيو.ڪجھ عرصي کانپوء لا ڪاليج ڪراچي ۾ دستوري قانون جي ليڪچرار جي طور تي فرض انجام ڏيندو رهيو.1953ع ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ وڪالت پڻ شروع ڪيائين.1958ع کان 1960ع دوران هو جنرل ايوب خان جي ڪابينا ۾ واپار جو وزير رهيو.1960ع کان 1962ع تائين اقليتي مامرن جو وزير 1962 ع کان 1965ع تائين صنعت ۽ قدرتي وسيلن جو وزير .جڏھن ته جون1963کان جون 1966ع تائين پرڏيهي وزير رهيو.نومبر 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيائين. چونڊن ۾ پيپلز پارٽيء اولھ پاڪستان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.ڊسمبر 1971ع کان13آگسٽ 1973ع ۾ ملڪ جو صدر ٿيو.14 آگسٽ1973ع ۾ ھن پاڪستان جي وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو.5جولاء 1977ع تي هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ 4اپريل 1979ع هن ۾ ھن مرد مجاهد کي ڦاسي ڏني وئي.ذوالفقار علي ڀٽي جو تعلق هڪ پراڻي سياسي خاندان سان هو.سندس والد کي برطانوي حڪومت ۾ ھڪ خاص اثرورسوخ حاصل هو.هو جوناڳڙھ جو گورنر هو.ذوالفقارعلي ڀٽو هڪ وڏي سياسي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سبب سياست ۾ نه آيو هو.بلڪ هن سياسي سفر جي شروعات فيلڊ مارشل ايوب خان جي ڪابينا ۾ بحيثيت وزير شامل ٿي ڪئي.۽ پوء پنهنجي جدوجهد جي بدولت وزيراعظم جي عهدي تائين پهتو.جناب ڀٽو هڪ متاثر ڪندڙ شخصيت جو مالڪ هو.هن پنهنجي سياسي ڏاھپ سان گڏ سياسي ورهاست جي اها لڪير ڪڍي ورتي ته پاڪستان جي سياست ڊگهي عرصي تائين ڀٽو ۽ اينٽي ڀٽو جي طرز تي هلندي رهي.ان سان گڏوگڏ ھي پڻ حقيقت آھي ته ڀٽو صاحب جا اڪيچار تاريخي فيصلا تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آھن.جن کي ڪنهن به ريت فراموش نٿو ڪري سگهجي.بنگال جي الڳ ٿيڻ کانپوء ذوالفقار علي ڀٽي جڏھن اقتدار سنڀاليو ته هن جي سامهون سڀ کان وڏو چيلينج ڀارتي قيد ۾ 90 هزار پاڪستاني فوجي قيد هئا.1971ع جي شڪست کانپوء قوم جو وجود زوال پذير هو.۽ فوج جي طاقت به وکري چڪي هئي.جناڀ ڀٽيء پنهنجين صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي ڀارت سان ڊگهيون ڳالهيون ڪيون.۽ شملا معاهدي جي نتيجي ۾ 90 هزار پاڪستاني فوجين جي آزادي ممڪن ٿي.ڀٽو پنهنجي ان ڪارنامي جي سبب ملڪ ۾ ھڪ ڪامياب اڳواڻ جي حيثيت سان اڃا به وڌيڪ نروار ٿيو.ذوالفقار علي ڀٽي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو پاڪستان کي هڪ متفق دستور جو تحفو ڏيڻ پڻ ھو.1971ع جي حادثي کانپوء پاڪستان ابتري جو شڪار هو.ملڪ ۾ سياسي مونجهارو هو.بنگال جي علحيدگي جي سبب قوم به فڪري انتشار جو شڪار هئي.انهن حالتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سڄي قوم کي ساڻ ڪري هڪ متفق آئين آڻڻ جو فيصلو ڪيو.ذوالفقارعلي ڀٽي قانون جي ماهرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن تي مشتمل هڪ متفق ڪميٽي قائم ڪئي.جنهن نهايت محبت ۽ ايمانداري سان پنهنجو فرض ادا ڪيو ۽ اهڙي ريت هڪ متفق دستور پارليامينٽ کان منظور ڪرايو ويو.14آگسٽ 1973ع ۾ پاڪستان ۾ ھڪ اهڙو دستور نافذ ٿيو.جنهن تي سموري قوم متفق هئي. جيڪو سڀ کان وڏو ۽ عظيم تحفو هو ۽ جنهن تي سڄي قوم ڀٽو صاحب جي شڪرگذار ٿي.ڀٽو صاحب جو هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو اسلامي ڪانفرنس جو انعقاد هو.1974ع ۾ ٿيڻ واري اسلامي ڪانفرنس ۾ اسلامي دنيا جا سمورا ليڊر شاه فيصل.قذافي.ياسرعرفات لاهور ۾ گڏ ٿيا.مسلم ٻڌي جو اهو منظر ڏسڻ جي لاء مليو.جنهن کي ڏسڻ جي لاء اکيون اوجاڳيل هيون.بادشاھي مسجد ۾ گڏ ئي نماز پڙھيائون.ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشماتي شخصيت جي بدولت پاڪستان سڄي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻجي ويو.سابق وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت جي لاء ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر عبدالقادر کي ٻاھريان گهرائي ملڪ ۾ ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي.هن هر قسم جي ٻاھرين پريشر کي نظرانداز ڪري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو.۽ پوء هڪ وقت آيو ته ميان نواز شريف ايٽمي ڌماڪو ڪري پنهنجي ايٽمي طاقت هئڻ جو اعلان ڪيو.جيڪڏھن ذوالفقار علي ڀٽو ان پروگرام جي حفاظت نه ڪري ها ته پاڪستان ڪڏھن به ايٽمي طاقت نه بڻجي ها.ذوالفقار علي ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڪارنامو قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو.1974ع ۾ قاديانين جي اسلام دشمن ۽ پاڪستان مخالف سرگرمين جي بدولت ملڪ ۾ ھن جي خلاف هڪ عوامي تحريڪ جنم ورتو.قياديانين جي وڌندڙ دھشتگرديء ملڪ جي مسلمانن ۾ ھڪ جوش پيدا ڪري ڇڏيو.ملڪ ۾ رتو ڇاڻ وارا فساد شروع ٿيا.سمورا ديني طبقا هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا ۽ انهن کي يعني قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ جي تحريڪ شروع ٿي.ذوالفقار علي ڀٽي وقت جي نبض تي هٿ رکندي ان مامري کي پارليامينٽ ۾ کنيو.پارليامينٽ ۾ قاديانين کي پنهنجا عقيدا بيان ڪرڻ جو مڪمل موقعو ميسر ٿيو.سوالن جوابن جي ڊگهي سيشن کانپوء پارليامينٽ متفق طور تي انهيء انهن کي غير مسلم قرار ڏنو.ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزيراعظم هو.جنهن پاڪستاني قوم کي هڪ باقاعدي سڃاڻپ ڏني.هن پاڪستان جي شھرين جو باقاعدي شناختي ڪارڊ جو بندوبست ڪيو.۽ ان شناختي ڪارڊ جي ذريعي سڄي ملڪ جي شھرين جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا.ان مقصد جي لاء هڪ ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو ويو.جنهن جي بدولت پهريون ڀيرو پاڪستان جي شھرين کي هڪ دستاويز ميسر ٿيو.جيڪو سندس محنت جو بي مثال تحفو هو.










