واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽسلا ۽ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ دنيا جي توانائي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ’ماسٽر پلان‘ پيش ڪيو آهي.پائيدار توانائي جي مستقبل جي حوالي سان آمريڪا جي آسٽن ٽيڪساس ۾ Tesla Investor Day تي ايلون مسڪ پنهنجو ماسٽر پلان پيش ڪيو هن چيو ته دنيا کي پائيدار توانائي تي ٻڌل معيشت ڏانهن وڌڻو آهي ۽ اهو اسان جي زندگيءَ ۾ ئي ٿيندو.ايلون مسڪ ماحول دوست توانائي، برقي گاڏيون ۽ هوائي جهازن لاءِ پائيدار ٻارڻ جهڙن ذريعن جي نشاندهي ڪئي، جيڪي هن جي مطابق دنيا جي توانائي بحران جو حل ٿي سگهن ٿا.ان موقعي تي هن ٽسلا پاران ويجهي مستقبل ۾ متعارف ڪرايل 2 گاڏين جي باري ۾ پڻ آگاهي ڏني.ايلون مسڪ پڻ تازو هڪ روبو ٽيڪسي جو خيال پيش ڪيو.










