ليکڪ محمد اظهر رند
سنڌ امن محبت جي پرچار واريءَ ڌرتيءَ سدائين پيار ورهايو آهي هن سرزمين سدائين مهمان نوازي سان دنيا ۾ اڳ ڀيرو رهي آهي هي محبتن جي سفير ڪڏهن به ويڙهه ۾ اڳڀرو نه ٿي آهي جنهن جي تاريخ شاهد آهي ان پاڪ سرزمين سنڌ ته ان هستي پير مبارڪ رکيا جنهن کي هتان جي ماڻهن جي مٺاس رويو چاهه پسند آيو جو اهو آذربجان ملڪ جي شهر مروند کان هجرت ڪيل حضرت عثمان مروندي هتي پنهنجو رهائش اختيار ڪئي آخري ساهه جي تنڌ تائين سيوستان هاڻوڪو سيوهڻ شريف ۾ قيام پذير ٿيو حضرت لعل شهباز قلندر جو عرس مبارڪ اسلامي مهينو شعبان 18 تاريخ کان 21 تاريخ تائين لڳندو آهي هن جي ويهجو تاريخون ايندي ئي سيوهڻ شريف ۾ هر ننڊي وڏي گاڏين ۾ لعل قلندر جو ڌمالون جا پڙلاءُ ڪنن ته انهن جو آواز ٻڌڻ ايندو آهي هر طرف خوشين وارو سماءَ نظر ايندو آهي ٻن سالن کان ملڪ ۾ ڪرونا وبا جي لهر سبب حضرت لعل شهباز جو عرس مبارڪ نه لڳي سگهيو پر هن سال جڏهن ملڪ ۾ ڪرونا وبا پکڙيل جي انگ اکرن ۾ گهٽتائي آئي آهي ان ڪري سرڪار هن درگاهه جو عرس جي اجازت ڏني وئي آهي هن ميلي ۾ آڄ ٻيو ڏينهن آهي پر هر طرف جهولي لعل جون صدائون بلند ٿي رهيو آهن پاڻ ان وقت جڏهن آزبائجان ملڪ جي هنڌن کان لڳندڙ حدون موجودهه افغانستان هڪ درويش سيد ابراهيم ڪبير الدين جا پٽ هئا هن جي ڄم جي سال هجري هن ريت تاريخ ۾ ملي ٿي 73 هه بمطابق 1177 ع ۾ پيدا ٿيا پاڻ ظاهري تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي پاڻ قرآن شريف حفظ کان پوءِ پاڻ هندوستان جو سير سفر ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مختلف علماءَ ڪرامن جي صحبت ۾ رهيا جنهن ۾ حضرت شيخ فريدالدين شڪر گنج حضرت بهاءَ الدين ذڪريا ملتاني سميت ٻيا سرفهرست آهن هن مروندي کان هجرت کان پوءِ پاڻ غزنوي دور ۽ غوري سلطنتون جو مشاهدو ڪرڻ جو بهترين موقعو مليو ۽ پاڻ هن اسلامي دنيا جا لاتعداد سفر ڪيا جنهن جي ڪري پاڻ ڪيترائين ٻولين ته مهارت حاصل ڪئي جنهن ۾ عربي ترڪي سنڌهي سميت سنسڪرت زبانين ته عبور حاصل هو پاڻ سنڌ ۾ 649 هه ۾ پير رکيو .
پاڻ روحانيت جا اعلي مقام جا درجي ته فائز هو هن جي مسلمانن کان علاوهه اهل بنود به شامل هئا سنڌ جي جي علائقي سيوهڻ شريف جڏهن هن اولياءَ الله هتي پير رکيو ان وقت شهر ۾ عورتين جو بازارون لڳنديون هيون هن بزرگ جي اثر رسوخ سان اتان جا زناڪاري سميت فحاشي اڏا ٿڌا ٿي ويا هي پاڻ وڏو پرهيزگاري متقي هو هن جو هن فاني دنيا مان وڃڻ جي تاريخ 18 شعبان 673 هه 1275 ع برقعو مٽايو هن جي مزا جي عڪاسي جو اعلي نمونو شڪار 1356 هه ۾ آخري مزار وارو مقبرو تعمير ٿيو هن جو اندر وارو حصوتقريبا 100 مربه گز آهي هن جو تعمير وارو ڪم فيروز شاهه جي حڪومت جي زماني ۾ ملڪ رڪن الدين عرف اختارالدين والي سيوستان واري روضو تعمير ڪرايو ان کانپوءِ 993 هه ترخان خاندان جي آخري بادشاهه مزار جاني بيگ ترخان پاڻ هن جو مزار ڪم ڪرايو پوءِ 1009 هه ۾ مزار جاني بيگ ترخان جي پٽ مرزا غازي بيگ پنهنجي صوبي ۾ حڪومت وقت هن جي ڪم ڪرايو ويو هاڻوڪو دور ۾ هن جو ٻنهي پاسن کان ڪم ٿيو آهي ۽ ڪجهه رهيل ڪم هلندڙ آهي ٻه 5 سال پهريان 16 فيبروري 2017 ع ۾ هن درگاهه جي اندري هجري ۾ خودڪش حملو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 123 ڄڻا کان مٿي مارجي شهيد ٿيا ۽ 550 کان مٿي زخمي ٿيا ان وقت بم حملو ڪيو ويو جڏهن مغرب جي وقت دهمال ته جهومي رهيا هئا ان ڊڄاندڙ حملي هن لعل سان محبت جو سلسلي کي گهٽ ڪري نه سگهيو آڃان به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي هن جو 770 عرس مبارڪ ملهايو پيو وڃي هن جي عرس مبارڪ جي ڪري ڪيترائي خاندانن کي روزگار ملي ٿو هر طرف جهولي لعل جي صدائون بلند آهن اهڙي صوفين جا ميلا جا لڳندا رهن جئين انتهاپسندي واري سوچ کي ختم ٿي سگهي .azharrind1@admin










