نوشھروفيروز( رپورٽ منظور ملڪ )دريا خان مري ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري۔ ڊي ڪي مري لطيف اليون ۽ ڊي ڪي مري سلايرس ذوهيب ۾ مقابلو ٿي گذريو۔ ڊي ڪي مري لطيف اليون جي رانديگرن پھريان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو 6 اوورن ۾ مخالف ٽيم جي رانديگرن کي 84 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ۔ ڊي ڪي مري سلايرس ذوهيب 84 رنسن جو ڏنل حدف 5 اوورن ۾ آساني سان پورو ڪري ميدان ماري ورتو۔ ڊي ڪي مري سلايرس ذوهيب جي رانديگر اشفاق بھترين بيٽنگ ڪندي 40 رنسون ٺاھي نمايان رھيو ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڊي ڪي مري سلايرس ذوهيب جي رانديگر جِمي 4 وڪيٽون وٺي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو۔










