درياءَ جي دانهن ۽ سنڌ جي ميڊيا جو ڪردار

درياءَ جي دانهن ۽ سنڌ جي ميڊيا جو ڪردار

ليکڪ: طارق راڄپر
جھڙيءَ طرح سنڌ جي جوڌن جوانن سنڌ جي عوام کي نڪرندڙ ڇھن ڪئنالن بابت سجاڳ ڪيو، اھڙيءَ طرح سنڌي ميڊيا بہ پنھنجو اھم تاريخي ڪردار ادا ڪيو آھي. اردو ميڊيا سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي جڏھن جھلڪ بہ نہ ڏيکاري رھي ھئي، تڏھن سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن، ريلين ۽ ھڙتالن کي رپورٽ ڪري رھي ھئي.
اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏوگڏ پرنٽ ميڊيا جو پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. جيئن ئي ڪئنالن وارو معامري جي شروعات ٿي آھي، تنھن وقت کان سنڌي ميڊيا سنڌي عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي. پنھنجي آواز، ڪئميرا ۽ قلم ذريعي عوام کي نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن بابت نه صرف سجاڳ ڪيو، پر ان معاملي کي هر گهر تائين پهچايو. چولستان ڪئنال جي رپورٽ ڪرڻ لاءِ بہ سنڌي ميڊيا اتي وڏين تڪليفن کي منھن ڏيندي اتي پھتي. سنڌ ٽي وي نيوز، ڪي ٽي اين نيوز، ٽائيم نيوز، مھراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ توڙي ٻين ويب ٽي وي چئنلن سنڌين جو آواز دنيا تائين پهچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌي اخبارون ڪاوش، ڪوشش، جيجل، پنھنجي اخبار، عوامي آواز، عبرت، سوڀ، ھلال پاڪستان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اخبارون آھن، جن جون مين سرخيون، سامھون وارو خاص پنو پاڻيءَ جي کوٽ بابت سجاڳي ۽ ان جي سبب پيش ايندڙ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ خطرن جي باري ۾ سنڌي عوام کي آگاھي ڏئي رھيو آھي. اخبارن جو ايڊيٽوريل پنو بہ درياءَ، پاڻي، ڪئنال ۽ انھن جي ڄاڻ سان ڀرپور ڀريل نظر اچي ٿو. سنڌي ميڊيا پنھنجي محنتن ڪوششن سان اردو ميڊيا ۾ ھُر کُر پيدا ڪئي ۽ ھاڻي انھن چئنلن جون ھيڊلائنز پڻ ڪئنالن بابت معاملي کان شروع ٿين پيون. پر اردو ميڊيا صرف معاملي جي گھڻي ھائيلائيٽ ٿيڻ، سنڌي ميڊيا جي مڪمل ڪوريجن بعد مجبوريءَ ۾ خبرون ڏئي رھي آھي. سماءَ ٽي وي تي صحافي افتخار احمد کي اياز لطيف پليجي جو ڏنل انٽرويو اردو ميڊيا بابت گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿو.
سنڌ ميڊيا ٻوليءَ، پاڻيءَ، ثقافتي ۽ قومي معاملن تي آواز اٿاريو آھي. سنڌ جا صحافي حقيقت سان ڀريل رپورٽ ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏين ٿا، ايستائين جو کين ڌمڪيون بہ ملن ٿيون ۽ ڪيترائي صحافي پنھنجيون جانيون قربان ڪيو ويٺا آھن. ميڊيا جي لاءِ بہ بارڊر لائينون آھن، مطلب جيڪا ٿوري گهڻي آزاديءَ آھي اھا بہ حدن جي اندر آھي. پوءِ بہ سنڌي ميڊيا ٻٻرلوءِ ھجي يا ڄامشورو ھجي يا سڪرنڊ ھجي يا ٽنڊو محمد خان ھجي يا ٺٽو يا سنڌ جي ڪھڙي ڪھڙي شھر جي ڳالھ ڪجي، ڪھڙي علائقي جي ڳالھ ڪجي، ھر ھنڌ رپورٽ ڪندي نظر آئي آھي. ميڊيا جي خبر صرف خبر ناھي، پر ٻڌندڙن ۽ پڙھندڙن جي سوچ تي وڏو گھرو اثر ڇڏي ٿي. اها ھڪ اثرائتي طاقت آهي، جيڪا انقلاب آڻڻ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. ھينئر سندن کي وڌيڪ بھتر ڪوريج ڏيڻ گھرجي، تہ جيئن ڪئنال خلاف هلندڙ تحريڪن کي واھڻ واستيءَ توڙي پٺ تي پيل علائقن ۽ عالمي ميڊيا آڏو سنڌ جي دانھن کي وڌيڪ مضبوطيءَ سان پھچائي سگھجي.
هي رڳو هارين، وڪيلن يا قومپرستن جو مسئلو ناهي، هي سنڌ جو مسئلو آهي. پاڻيءَ کانسواءِ نه فصل، نه جهنگلي جيوت ۽ نه ئي حياتيءَ جي بقا ممڪن آهي. اچو ته ميڊيا، صحافين، جوڌن ۽ سنڌ لاءِ وڙهندڙن جي ساٿ ۾ بيهي، هن جدوجهد کي ڪامياب بڻايون. سنڌي ميڊيا جون قربانيون ۽ ڪوششون فقط ساراهه جوڳيون نه آهن، پر اميدن جو هڪ نئون چراغ به آهن. ڪوششن تي کين سلامي پيش ڪجي ٿي. عامر نواز وڙائچ (سندس وڪيل برادري) ۽ سنڌوءَ خاطر جدوجهد ڪندڙن جوڌن تي فخر ڪجي ٿو. keepshine555@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو