پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختون خوا جي ڪابينه ۾ ردو بدل ۽ واڌ ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير اطلاعات شوڪت يوسفزئي موجب اقبال وزير ۽ شاهه محمد کي صوبائي ڪابينا ۾ بطور وزير شامل ڪيو ويو آهي. اقبال وزير کي وزير رليف ۽ شاهه محمد کي ٽرانسپورٽ جو وزير بڻايو ويو آهي اقبال وزير جو تعلق قبائلي ضلع شمالي وزيرستان آهي. خليق الرحمان کي وزيراعليٰ جو هائير ايجوڪيشن مشير جو قلمدان، عارف احمد زئي، شفيع الله، رياض خان، ظهور شاڪر کي معاون خصوصي بڻايو ويو آهي. وزير زاده، احمد خان سواتي، غزن جمال ۽ تاج محمد به خصوصي معاون هوندا. غزن جمال ايڪسائيز، شهرام ترڪئي وزير بلديات جا قلمدان تبديل ڪري عارف احمد زئي کي معدنيات ۽ صحت جو وزير بڻايو ويو. وزير صحت هشام انعام الله کي جي وزارت تبديل ڪندي ان کي سماجي بهبود جو قلمدان ڏنو ويو. شوڪت يوسفزئي مطابق اڪبر ايوب خان کان سي اينڊ ڊبليو جو کاتو واپس وٺي ان کي تعليم جڏهن ته معاون خصوصي آءِ ٽي ڪامران بنگش کي بلديات کاتو ڏنو ويو آهي.










