نصير ميمڻ
ڪجهه ڏينهن کان باني پي ٽي آءِ عمران خان جي شيخ مجيب ۽ حمود الرحمان ڪميشن بابت ڪيل ٽوئيٽس تي ملڪ ۾ وٺ وٺان هلندڙ آهي. اڄڪلهه عمران خان لاءِ شيخ مجيب ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو هيروز بڻيل آهن، جڏهن ته حڪمرانن کان شيخ مجيب ۽ حمود الرحمان ڪميشن واري رپورٽ جو حوالو هضم نٿو ٿئي، ڇو ته اهي حوالا وڏي اسٽيبلشمنٽ کي پسند ناهن. عمران خان جڏهن پاڻ وڏي اسٽيبلشمنٽ سان ساڳئي صفحي تي هوندو هو، تڏهن به حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ ته ساڳي هئي، پر کيس ان جو حوالو ڏيڻ جي ضرورت پيش نه آئي. جنرل مشرف جي حڪومت دوران اها رپورٽ ڀارت ۾ لِيڪ ٿي هئي، جنهن کي ‘ڊان’ اخبار به ڇاپيندي رهي. 2002ع ۾ لاهور جي مشهور پبلشنگ هائوس ‘وين گارڊز’ اها رپورٽ ڪتابي شڪل ۾ ڇاپي هئي. مشهور صحافي نجم سيٺي ان اداري جو چيف ايگزيڪيوٽوِ رهيو آهي. A-4 سائيز جي 545 صفحن جو اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ هجڻ ڪري ٿورن ماڻهن تائين پهتل آهي. سرڪاري طور پاڪستاني حڪومت اها رپورٽ پڌري نه ڪئي پر بهرحال اها هاڻي ڪو ڳجهو دستاويز نه آهي. ان رپورٽ ۾ بنگلاديش سانحي ۾ سياسي توڙي عسڪري ادارن جي ڪردار بابت تمام تفصيل سان لکيو ويو آهي. بنگلاديش سانحي بابت انگريزيءَ ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي. پاڪستان توڙي ملڪ کان ٻاهر ان موضوع تي انيڪ ڪتاب لکيا ويا آهن. ان دور ۾ پاڪستاني فوج جي اهم عهدن تي رهندڙ فوجي آفيسرن جا به ڪتاب پاڪستان ۾ ڇپيل آهن، جن مان ڪجهه اردوءَ ۾ به ترجمو ٿيا آهن. انهن ڪتابن مان هيٺ ڄاڻايل ڪجهه ڪتاب پڙهڻ جوڳا آهن:
(1) برگيڊيئر اي آر صديقي جو ڪتاب EAST PAKISTAN THE ENDGAME
(2) رائو فرمان علي جو ڪتاب HOW PAKISTAN GOT DIVIDED
(3) ميجر جنرل (ر) خادم حسين راجا جو ڪتاب A STRANGER IN MY OWN COUNTRY
(4) صديق سالڪ جو ڪتاب WITNESS TO SURRENDER
(5) ليفٽيننٽ (ر) اي اي ڪي نيازي جو ڪتاب THE BETRAYAL OF EAST PAKISTAN
حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ ۾ به بنگلاديش سانحي جو نهايت تفصيل سان جائزو ورتو ويو آهي. 1947ع کان وٺي 1971ع تائين بنگالين سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو، ان جا تمام گهڻا حوالا ڏنل آهن. ان رپورٽ جو اهم حصو عسڪري قيادت ۾ شامل اهم ماڻهن جي اوڀر پاڪستان آپريشن دوران اخلاقي زوال ۽ پروفيشنل نااهليءَ تي تمام تفصيل سان لکيو ويو آهي. تڏهوڪي ملڪي ۽ عسڪري سربراهه جنرل يحييٰ خان جي سيڪس اسڪينڊلز تي صفا چٽا حوالا نالن سان ڄاڻايا ويا آهن. رپورٽ ۾ ڪجهه اهم آفيسرن جي ڪورٽ مارشل جي به سفارش ڪيل آهي. جن اهم فوجي آفيسرن جي ڪتابن جا مٿي حوالا ڏنل آهن، انهن پاڻ به وڏا انڪشاف ڪيا آهن. انهن هڪ ٻئي جي اهليت ۽ اخلاقيات کي به وائکو ڪيو آهي. ميجر جنرل (ر) خادم حسين راجا ته جنرل نيازيءَ جي زبان ۽ ڪردار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو تڏهوڪي عسڪري قيادت جي اخلاقي ڏيوالپڻي جي چارج شيٽ آهي. ساڳي طرح اهي ڪتاب پڙهي اهو اندازو به ٿئي ٿو ته اهي فيصلا ڪرڻ ۾ تڏهوڪي عسڪري قيادت ڪيتري قدر صلاحيت کان محروم هئي. آخر ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري فيصلي ۾ ڪيئن مختلف سطحن تي مختلف فيصلا ٿي رهيا هئا ۽ ڪيئن ملڪ واسين کي آخر تائين اصل حقيقت کان اڻ ڄاڻ رکيو ٿي ويو.
فوجي آفيسرن جي ڪتابن ۾ ڀُٽي جي هوڏ تي به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ته ڪهڙي طرح هن جي سخت رويي معاملن کي انتها تي پهچايو. سڀ کان اهم ڳالهه ته جنرل يحييٰ خان ڀُٽي جي سخت رويي سبب اقتدار عوامي ليگ حوالي ڪرڻ بجاءِ آپريشن ڪرڻ کي اوليت ڏني. مزي جي ڳالهه ته فوجي آفيسرن جي ڪتابن ۾ اهڙا حوالا ملن ٿا، جن ۾ اعتراف ڪيل آهي ته شيخ مجيب نه غدار هو ۽ نه ئي ملڪ ٽوڙڻ ٿي گهريائين. هن آخر تائين ڇهن نڪتن جي بنياد تي آئين ٺاهڻ ۽ جمهوري بنيادن تي حڪومت جو حق حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي. جيڪڏهن يحييٰ خان ٿوري همت ڪري اسيمبلي اجلاس ڪوٺائي ها ۽ بنگالين کي حڪومت جو جائز حق ڏئي ها ته اهڙي نوبت نه اچي ها. صاف ظاهر آهي ته اولهه پاڪستان جي پنجابي اثر واري اسٽيبلشمنٽ کي بنگالين جو حڪمران ٿيڻ ڪنهن به قيمت تي قبول نه هو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀُٽي ۽ مجيب وچ ۾ جڏهن ڇهن مان چئن نڪتن تي ٺاهه ٿي ويو هو، ۽ باقي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي رهي هئي ته آپريشن بجاءِ ڳالهيون جاري رکي ان معاملي جو پُرامن حل ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي پئي سگهي.
عسڪري آپريشن هونءَ ته مهيني کن اندر اوڀر پاڪستان تي ڪنٽرول ڪري ورتو هو پر بنگالي ان دوران ٿيل بربريت سبب ايترو باغي ٿي چڪو هو، جو آپريشن دوران ٿيل بدترين رتوڇاڻ ۾ عوامي ليگ جي هٿياربند فورس مڪتي باهني به غيربنگالين جو وڏو قتل عام ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي حامي بهارين کي نشانو بڻايو ويو، ان جا تفصيل به حمود الرحمان ڪميشن ۾ ڄاڻايل آهن.
بنگلاديش سانحي ۾ جيڪو نقصان ٿيڻو هو، اهو ٿي چڪو، پر اهم سوال اهو هجڻ گهرجي ته، ان مان ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادت ڇا سکيو ۽ پنهنجن روين ۾ ڪهڙي تبديلي آندي، اهو پاسو بحث مان گم آهي. رڳو سکڻي بيان بازي ۽ جوابي بيان بازي ئي ٿي رهي آهي. تاريخ جي سچاين ۽ تلخ حقيقتن کان منهن موڙي يا ان بابت فتوائي بيان جاري ڪري عسڪري توڙي سياسي قيادت کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو. جيڪڏهن ٻنهي قيادتن کي ملڪ سان ٿورو به خلوص هجي ته ان سانحي مان ڪجهه سکي ملڪ کي ڪنهن سنئين دڳ سان لڳائين ها، پر ان جو عزم ته ڇا، امڪان به نظر نٿو اچي.
روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو










