جيمز ويب جي تڪميل، 7 مان 6 ڏاڪا مڪمل ٿي ويا

جيمز ويب جي تڪميل، 7 مان 6 ڏاڪا مڪمل ٿي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪائنات جا راز ڳولڻ لاءِ خلا ۾ موڪليل 21 هين صدي جي طاقتور ترين دوربين جيمز ويب ٽيلسڪوپ کي مڪمل طور تي فنڪشنل ڪرڻ وارن 7 قدمن مان 6 مڪمل ٿي ويا آهن. آمريڪي خلائي اداري ناسا، يورپين خلائي اداري ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي تعاون سان 21 هين صدي جي هن مهانگي پروجيڪٽ تي 25 ارب ڊالر کان مٿي لاڳت آئي آهي. فرانس جي شهر مان گذريل سال جي آخري ٽه ماهي ۾ خلا ۾ موڪليل هن عجوبي کي مڪمل فنڪشنل ٿيڻ لاءِ اڃا 3 مهينا گهربل آهن ۽ سائنسدانن موجب جون 2022 ۾ هي ٽيلسڪوپ مڪمل طور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندي.هي دوربين ڪائنات جي وجود ۽ اجنبي مخلوق سميت گهڻا راز فاش ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو