غلام حسين لغاري
موجوده وقت جي سياسي مزاحمت ۾ جماعت اسلامي گوء کڻي چڪي آهي جيڪا ملڪي مسئلن جهڙوڪ مهانگائي جي خاتمي بجلي گئس تيل جي اگهن ۾ ڪمي ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيارڻ ۾ ڪنهن حد تائين اڳڀرائي وارو ڪردار ادا ڪندي پي ٽي آء جو يو آء ۽ ٻين کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي۔جماعت اسلامي جا لکن جي انگ ۾ ڪارڪن ۽ حمايتي في الحال تي مري روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن پر جيڪڏهن جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪامياب نٿيون وڃن ته ڌرڻي تي ويٺل جماعت اسلامي جا مڇريل ڪارڪن ڊي چوڪ ڏانهن به پيشقدمي ڪري سگهن ٿا۔بهرحال اسلام آباد ۽ پنڊي جماعت اسلامي جي هن ڌرڻي سبب خوف ۾ ورتل آهن۔ جماعت اسلامي ڌرڻي ۽ مطالبن جي مڃتا لاء موزون وقت جي ڳولها ۾ هئي ۽ وقت هٿ ڪيو جڏهن حڪومت ۽ پي ٽي آء وچ ۾ به اختلافات چوٽ چڙهي چڪا آهن جيڪا پڻ شايد ڏينهن اڌ ۾ اسلام آباد ۾ ڀرپور احتجاج ڪري جنهن لاء تياريون مڪمل آهن۔جيڪڏهن جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آء جا جٿا هڪ ئي وقت اسلام آباد ۾ ڪٺا ٿين ٿا ته حالتون ڳنڀير به ٿي سگهن ٿيون۔ملڪي عدالتون به هن وقت ڪجهه ڪرڻ جي موڊ ۾ آهن جنهن جا اثرات به موجوده سياسي مزاحمت تي پئجي سگهن ٿا جنهن کان به حڪومت ۽ ٻيون ڌريون به شش و پنج جو شڪار آهن خاص ڪري اسلام آباد هاء ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف به شش و پنج جو شڪار آهن جن لاء پي ٽي آء سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ ويل آهن۔عدالتن ۽ بار ڪائونسلن ۾ به اختلافات پئدا ٿ جا اطلاع آهن۔عدالتون هن وقت پنهنجا ڪيس هڪ پاسي رکندي سياسي ۽ آئيني ڪيس ٻڌڻ ۾ لڳل آهن جيڪو تاثر به حق ۽ انصاف جي حصول ۾ دير بابت پئدا ٿي چڪو آهي۔جيڪڏهن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پنهنجي پسند جي مقرر ڪيل ائڊهاڪ ججن کي آئيني ڪيسن ٻڌڻ واري بئنچ ۾ ٿو ويهاري ته انتي به آڱريون کڄبيون۔ جماعت اسلامي جي ڌرڻي دوارن انجي امير هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ آء پيز بابت سنگين نوعيت جا انڪشافات ڪيا آهن جنهن موجب حڪومت جن به سون جي انگ ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي آء پي پيز سان معاهدا ڪيا آهن تن مان اڪثريت انهن جي آهي جن جا مالڪ ملڪي سياستدان ۽ حڪومتي عهديدارن جا عزيز آهن جن کي هر سال غير قانوني طور کربين رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته انهن جي بجلي پئداوار نه هجڻ جي برابر آهي يا وري مڪمل طور بند پيل آهن۔اهي آء پي پيز ن ليگ ۽ پ پ پ حڪومت جي ادوار ۾ ميدان تي آيون ۽ معاهدا ڪيا ويا جن جي ڪري ملڪ ۾ بجلي جي پئداوار وڌڻ بدران هڪ ته گهٽي جو لوڊ شيڊنگ وڌي ۽ انجو سمورو بار ملڪ جو عام ماڻهو ادا ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ هن وقت پوري قوم مهانگائي ۾ لتاڙجي رهي آهي۔جماعت اسلامي جي امير موجب ڪجهه آء پي پيز وزيراعظم شهباز شريف جي فرزند جا به آهن جن کي به هر سال اربين رپيا ادا ٿي رهيا آهن جنهن سان ملڪي خزاني تي وڏو بار پيل آهي۔ جماعت اسلامي جي حڪومت مخالف ڌرڻي کي انهي ڪري به اهميت مليل آهي ۽ عوام جو وڏو سمنڊ شامل آهي جو پ پ پ ۽ ن ليگ جن جي وفاق ۽ ڪجهه صوبن ۾ گڏيل حڪومتون آهن تن عوام سان ڪيل وعدا ته پري جي ڳالهه آهن پر مهانگائي جو انت آڻڻ ۾ به ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ ڪارڪردگي زيرو آهي۔عام ماڻهو بک ۽ گرمي وگهي مري رهيو آهي۔پ پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي چونڊ مهم دوران مهانگائي ختم ڪرڻ تيل گئس ۽ بجلي جون قيمتون گهٽائڻ ۽ ٽي سئو يونٽ بجلي مفت فراهم ڪرڻ جا خواب ڏيکاريا هئا جن کي پورو ناهي ڪيو۔اهوئي سبب آهي جو هن وقت هنن ٻنهي سياسي جماعتن جا ڪارڪن به جماعت اسلامي سان ڌرڻي ۾ گڏ آهن ۽ اهي به رڙيون پيا ڪن۔هنن جو ووٽر هن وقت باغي ڏسڻ ۾ پيو اچي جو کين فيبروري جي عام چونڊن ۾ ووٽ نه ڏنو جنهنڪري کين فارم 47 جو سهارو وٺڻو پيو۔خدا نه ڪري جيڪڏهن ٻيهر چونڊون ٿين ٿيون ته هن جو ووٽ بئنڪ زيرو تائين پهچندو۔
حڪومت آئي ڏينهن نائين مئي جي واقعن جو ذڪر ڪندي رهي ٿي ۽ وڌيڪ دهشتگردي ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪندي رهي ٿي ۽ اهڙا واقعا ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٿي به چڪا آهن ۽ ممڪن آهن ته دشمن وري ڪو نئون ممڻ مچائي تنهن کي به نظر ۾ رکڻو ۽ هوشيار رهڻو پوندو۔ممڪن آهي ته ڏهن سياسي مزاحمت ڪندڙن جا ڌرڻا هڪ هنڌ ڪٺا ٿين ته انهن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو جن جي اڳتي هلي ذميواري لاڳاپيل مزاحمتي ڌرين تي به پئجي سگهي ٿي تنهنڪري ڌرين کي پاڻ به چئوطرف کان ڏسڻو ۽ ڌرڻن جي سڪيورٽي مضبوط ڪرڻ گهرجي ۽ هر چهري تي اک وجهڻ گهرجي۔حڪومت جو به فرض آهي ته ڌرڻن جي سڪيورٽي جا فرائض سنڀالي ۽ ڪنهن به سختي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سياسي ڌريون پنهنجو جمهوري حق ادا ڪري سگهن جنهن جي اجازت آئين ۽ قانون ڏني آهي۔خدا نه ڪندو جماعت اسلامي يا ڪنهن ٻي ڌر جو احتجاج ۽ ڌرڻو پرامن پڄاڻي تي پهچندو۔
بهرحال جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪامياب ٿيندي ڏسڻ ۾ پيو اچي تنهنڪري بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته حڪومت هٽ ڌرمي ۽ هوڏ ڇڏي ڏئي پنهنجيون غلطيون ۽ ناڪاميون تسليم ڪري فوري طور ڪو وچ وارو رستو ڪڍي جنهن سان بجلي گئس ۽ تيل جي اگهن ۾ عوام کي مناسب رليف ڏئي بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين جي پهرين فهرست ۾ نجڪاري ڪري واپڊا تان بوجهه گهٽائي ۽ جن به پنج سئو يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين تي رهتون آهن سي ختم ڪري سندن نوان کاتا کوليا وڃن ۽ بجلي جي چوري ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ واپڊا ملازمن ٻنهي کي هڪ جيترو ذميوار قرار ڏئي ڪاروائي ڪئي وڃي۔










