لنڊن: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته تمام جلد پاڪستان ايندس جڏهن ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ لنڊن کان حڪومت کي مشورا ڏئي رهيو آهيان. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته مسلم ليگ(ن) جڏهن حڪومت ڇڏي هئي ته پاڪستان جي معيشت تاريخ جي بلند ترين سطح تي هئي، تحريڪ انصاف کي مستحڪم معيشت ملي هئي پر تحريڪ انصاف پنهنجي نااهلي سان ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچايو. هن چيو ته اسان جي حڪومت مسئلن تي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اسان وٽ ڪابه جادو جي ڇڙي نه آهي جو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي. اسان جو مقصد مهانگائي روڪڻ آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن بابت اتحادين سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن.










