تيونس ۾ ٻيڙي اونڌي،40 لاپتا،ڳولا جاري

تيونس ۾ ٻيڙي اونڌي،40 لاپتا،ڳولا جاري

تيونس (ويب ڊيسڪ)تيونس جي سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 40 مهاجر لاپتا آهن جن جي ڳولا جاري آهي.خابرو اداري موجب اٽلي ويندڙ ٻيڙي تي سوار مهاجرن جو تعلق تيونس سان هو.تيونس جي نيشنل گارڊ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي، اهي سڀئي غير قانوني طور اٽلي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ياد رهي ته حڪومت طرفان سخت قدمن جي باوجود تيونس جي سامونڊي پٽي مان غير قانوني مهاجرن جي آمد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو