تنقيد جي آڙ ۾ تذليل کان پاسو ڪيو وڃي،عامر مهيسر

تنقيد جي آڙ ۾ تذليل کان پاسو ڪيو وڃي،عامر مهيسر

لفظن جو غلط استعمال وڏي ۾ وڏو گناھ آھي. لفظن جا گهاو بندوق جي زخمن کان وڌيڪ گهرا ٿيندا آھن. دنيا جي اندر جيتري تباهي لفظن جي نامناسب استعمال سان آئي آھي ايتري تباهي بارود ۽ خطرناڪ هٿيارن به نه آندي آھي. لفظن جو ته پنهنجو احترام ۽ تقدس هوندو آھي. لفظن جو مناسب ۽ ڏاهپ وارو استعمال بنيادي گُڻُ ليکيو وڃي ٿو. سياست اندر لفظن جي مناسب استعمال جي ويتر اهميت وڌي وڃي ٿي. تاريخ جي ورقن تي نظر وجهجي ته معلوم ٿيندو دنيا جي اندر ڪو به سياسي يا انقلابي اڳواڻ تنقيد کان مٿانهون رهي نه سگهيو آھي. ان کي هر وقت، هر جڳھ ڪنهن نه ڪنهن شديد تنقيد جو نشانو ضرور بڻايو آھي ۽ اها به پڻ حقيقت آھي ته جيڪي شخص اڄ جي تاريخ جا متنازعه هوندا آھن انهن کي مستقبل ۾ قومن جي هيروز ۽ اڳواڻن طور ياد رکيو ويندو آھي ۽ سندن ڪيل جدوجهد تي کين هر وقت خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آھي.

سياست سماج جي آڪسيجن هوندي آھي پر اسان جي سماج جو الميو اهو آھي ته اسين سياست کي هميشه نفرت، بغض ۽ الزام تراشي جي ور چاڙھي سماج ۽ تحريڪن کي اونداهين ڏانهن ڌڪي ڇڏيندا آھيون. جيئن گذريل مهيني سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام دؤران سنڌ جي ارڏي ۽ بهادر پٽ بشير خان قريشيء تي را ايجنسي جو ايجنٽ  هئڻ جا الزام هڻندين نظر آيو. ٿيندو ته ائين آھي ته جيڪڏهن ڪير ڪنهن جي خلاف زهر اوڳاڙي ته گهٽ ۾ گهٽ ان وٽ ثبوتن سان گڏ واضح دليل هئڻ لازمي هوندا آھن پر سنڌ اندر حادثاتي اڳواڻ رڳو هوا ۾ ڳالهھ ڪري سماج ۾ انتشار، نفرت ۽ بغض کي هٿي وٺرائيندا آھن جهڙي ريت ڊاڪٽر قادر مگسي بغض ۽  انتشار جو مظاهرو ڪيو . جڏهن ته سنڌ جو سورهيه پٽ بشير خان قريشي مختلف جلسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن اندر  واضح ۽ چٽن لفظن ۾  وڏي واڪي چوندو هو ته اسان ڪنهن جا ايجنٽ ناهيون، اسان سنڌ جا ايجنٽ آھيون ۽ تاريخ جو هڪ تسلسل آھيون. ڊاڪٽر قادر مگسي پاران لڳايل الزامن سبب سنڌ اندر نفرت ۽  غصي جي لهر ۾ اڃا ماٺار ئي مس ٿي آھي ته ٻي طرف هڪ دفعو ٻيهر جيئي سنڌ محاذ جي سربراه خالق جوڻيجو پڻ نجي ٽي وي جي پروگرام دؤران ابوجهاد بشير خان قريشي جي ڪردار ڪشي ڪندي سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پيرن ۾ ڪري پوڻ جون من گهڙت ڳالهيون ٺاهي ۽ پيپلز پارٽي جي سپورٽ جا الزام هڻندين نظر آيو. بشير خان قريشي ته هڪ صوفي مزاج انسان هو، هو جڏهن ڪنهن جي درن تي ويندو هو ته سندس آجيان ۾ پير، مير، وڏيرا، جاگيردار، سرمائيدار، پڪا پوڙھا، جوان ۽ ٻار نيڻ وڇائي انتظار ۾ بيٺل هوندا هئا ۽ جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي مدد جي ڳالھه آھي ته بشير خان قريشي پاران بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد، ڌاري آبادي ڪاري، سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ۽ ٻين ڪيترن ئي پيپلز پارٽي جي غير قانوني ۽ سندس سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪيل جدوجهد واضح دليل آھن. شھيد ڪنهن پارٽي جا ناهن هوندا. اهي قومن جي ميراث هوندا آھن. ان ڪري انهن جي ڪيل جدوجهد سان اختلاف راء ٿي سگهي ٿو ڇو ته اختلاف راء صحتمند سماج جي سونهن هوندو آھي. دنيا جي هر سياسي جماعت کان وٺي انقلابي تحريڪن وچ ۾ اختلاف راء رهيا آھن ۽ توڙي جو انهن جماعتن جي نظرياتي لائين الڳ الڳ رهي آھي پر تنهن هوندي به انهن هڪ ٻئي جي احترام ۽ تقدس جو خيال ضرور رکيو آھي. سنڌ اندر چاهي ڪيتريون ئي جماعتون يا پارٽيون ڇو نه هجن توڙي جو انهن جماعتن جي نظرياتي لائين ڀلين جدا جدا هجي پر سنڌ ته سڀني جي ماء آھي ان ڪري بجاء نفرت ۽ انتشار ڦهلائڻ جي پنهنجو پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيئن شهيد وڏو هميشه چوندو هو ته: 

مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس

تون سڏ نه ڏيندين ته ڇا ٿي پيو

ماءُ ته پنهي جي ساڳي آهي 

جي ڀاءُ نه چوندين ته ڇا ٿي پيو.

هاڻي هڪ ڳالھ واضح ٿي چڪي آھي ته دنيا اندر نفرت واري سياست لاء ڪا به گنجائش ڪونهي بلڪل ائين جيئن مذھبي انتها پسندي واري سياست لاء ناهي. ان ڪري اهو هاڻي لازمي آھي ته نفرت ۽ فاصلا وڌائڻ واري سياست کان پرهيز ڪجي ته بهتر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو