تعليمي پاليسي جديد گهرجن جي متقاضي.!!

تعليمي پاليسي جديد گهرجن جي متقاضي.!!

رحمت الله ٻرڙو
قومن جي ترقيء جو اهم سبب تعليم ۽ بهتر تعليمي پاليسي آھي جنهن سان قومي ۽ ملڪي ترقي ڪري سگهجي.اسانجي حڪمرانن ۽ پاليسي سازن جي حيران ڪن ڳالھ اها آھي ته ملڪ جي مجموعي بجيٽ مان گذريل 15سال پهريان تائين تعليم تي بجيٽ 1.4 کان ٿيندي 2.4 ۽ حيرت ٿيندي ٻڌائينيدي ته 5. به پڻ رهي آھي.!! اسان جا حڪمران ليڊرز دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ عالمي طاقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاء تيار رهيا آھن پر افسوس جو اسانجي قوم سان تعليم ڏيارڻ ۾ سندن جي دلچسپي ريڪارڊ تي رهي آھي.!! اسان کانپوء آزاد ٿيندڙ ملڪن جي تعليم تي بجيٽ ڏسندا ته اوهان حيران رهندا. گهڻو پري ڪونه ٿا وڃون بنگلاديش جو مثال وٺو. مجموعي طور ملڪ جي ۽ خصوصي طور سنڌ جو تعليمي معيار ڪو بهتر ناهي رهيو ۽ نه ئي هاڻي بهتر آھي.!! مثال جي طور تي امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر عام آھي،سينٽرن تي سالنامي وارو پيپر(Question Paper) وڪامن ٿا اڳواٽ، اينسر ڪاپي وڪامي سينٽرن کان ٻاهر حل ٿين ٿيون،ڪيترائي سينٽر ٺيڪن تي وڃن ٿا ته ڪاپي سرعام ڪرائبي.!! ان کانپوء ڇا ٿئي ٿو جو تعليمي بورڊز کان مارڪون خريد ڪيون وڃن ٿيون جنهن کي گريڊن خريد ڪرڻ جو نالو به ڏنو وڃي ٿو.!! اڳتي هلي ڇا ٿئي ٿو جو يونيورسٽيز ۾ داخلا جي لاء PRE ENTRY TAST پيپرز جو وڪرو ٿئي ٿو، داخلائون لکين روپين جي ريٽ سان خريد ڪيون ٿيون وڃن ، جنهن جو تازو ئي مثال ايم بي بي ايس جا پيپر ليڪ ٿيا جن جو وڪرو هڪ وڏي ڊيل سان ٿيو جيڪا ڪروڙن ۾ پڻ ٿي.!! ايتري قدر جو هن وقت تائين اها پري انٽري ٽيسٽ متنازعه هجڻ ڪري تعطل جو شڪار آھي. انکان به اڳتي هلي حيرت جي ڳالھ اها آھي جو اسڪولن ،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون ڊگريون وڪرو ٿي رهيون آھن .!! انهن جعلي ڊگرين تي ملازمتون ته جيڪي ٿيون پر افسوس جو ڪيترائي سياستدان پرويز مشرف دور ۾ گريجوئيٽ شرط سبب ڪوڙيون ڊگريون وٺي اليڪشن وڙهيا ڪي پڪڙجي پيا ۽ وري ڪي جعلي ڊگرين تي منسٽر ۽ چيف منسٽر به ٿيا.!!؟؟ لازمي آھي ته اهڙا چيف منسٽر هوندا ته تعليمي پاليسي ۽ تعليم تي بجيٽ ته مٿي بيان ڪيل ئي هوندي. هاڻي ڪجھ سالن کان تعليم جي بجيٽ ۾ ڪجه اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آھي جيڪو به مناسب ڪونهي جنهن سان تعليم جو بين الاقوامي سطح جو معيار ٺاهي سگهجي. ان ڪري وقت جي تقاضا آھي ته اسان جي مجموعي ملڪ جي ۽ خاص طور سنڌ جي تعليم تي حڪمرانن حلقن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان لاء سڀ کان پهريان تعليم تي سالياني بجيٽ مان گهٽ ۾ گهٽ 35 فيصد بجيٽ مختص ڪري بهتر تعليمي پاليسي ترتيب ڏني وڃي. ته جيئن تعليم واري شعبي کي بهتر ۽ معياري بڻائي سگهجي. جنهن ۾ ايجوڪيشن مينيجمنٽ تي خصوصي توجھ ڏيڻي پوندي. جڏهن اسان جي ايجوڪيشن مينيجمنٽ بهتر ٿيندي ته پوء اسان وٽ هيٺيان ڪم آسان ٿي پوندا. مثال طور ۔استادن جي ڀرتيون،استادن جون ٽريننگيون،انهن کي سبجيڪٽ ۾ اسپيشلائزيشن ڪرائڻ،اڪائونٽنگ جو خاص ڪورس ڪرائڻ،ايجوڪيشن مينيجمنٽ،آفيس ايڊمنسٽريشن کان ويندي آفيشل ريڪارڊ مينٽين ڪرڻ جهڙا اهم ڪورسز ضرري آھن ڪنهن استاد يا ايجوڪيشن مينيجمنٽ واري ملازم لاء. اڳي ٿيو ايئن آھي ته اسان وٽ وزير تعليم به ميٽرڪ پاس ٿيا آھن.!! ايئن وري سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي به ڪنهن مڊل پاس ميٽرڪ جي جعلي ڊگري رکندڙ کي ٽيچر طور ڀرتي ڪيو ويو آھي. جنهن جي ڪا به تحقيق ڪونه ڪئي وئي ته سندس جي اهليت به آھي الائي نه، سندس ڊگري جعلي اٿس يا صحي. هن وقت اسانجو تعليمي نظام انتهائي بگڙي چڪو آھي،جنهن جو وقت سر حل ڳولهڻ قومي فرض برابر هوندو. انڪري هنگامي بنيادن تي اسانجي حڪمران حلقن کي تعليم جي بهتريء لاء ۽ قومي مقصد خاطر قدم کڻڻا پوندا.تازو نگران وزير اعلي سنڌ مقبول باقر سنڌ جي تعليمي بورڊن کان ويندي اسڪولن جي زبون حالي کان ويندي اتي سائنس سبجيڪٽ جي ليبارٽرين کان ويندي ڪمپيوٽر ليب کي ايڪٽو رکڻ لاء سخت اپاء ورتا آھن جن کي عملي صورت ۾ ڏسڻ لاء تعليمي عملدارن کي لڳايو ويو آھي.هڪ ٻي اهم قدم ته سنڌ جي تعليمي بورڊز جي نااهل ۽ ڪرپٽ چيئرمينن توڙي سيڪريٽريز ۽ ڪنٽرولرز کي فارغ ڪري نوان اهل ۽ Competative عملدار رکڻ لاء حڪم جاري ڪيا آھن. جنهن لاء اڳيئن سرچ ڪاميٽي ۾ ردوبدل ڪري سينئرز اڳوڻن سول سروسز جي آفيسرز کي ڪاميٽي۾ رکيو ويو آھي.جنهن ۾ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري سيد انوار حيدر ۽ مختيار سومرو جن کي ان سرچ ڪاميٽي ۾ پڻ رکيو ويو آھي. مجموعي طور تي ڪراچي انٽرميڊيٽ بورڊ ۽ ميٽرڪ بورڊ سميت سنڌ جي مڙني بورڊن جي لاء شڪايتون عام هيون ته اتي مارڪون وڪرو ٿين ٿيون ۽ ايستائين جو اهل ۽ ميرٽ تي ٽاپ نمبر کڻندڙ شاگردن جي حق تلفي ٿئي پئي. ايتري تائين جو نااهل ۽ جاهل ماڻھن کي ڊگريون ايوارڊ ڪيون پيون وڃن. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پوليس جي 11 گريڊ جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز لاء ڪميشن جو امتحان ورتو وڃي ٿو. ته ايئن استادن جو به امتحان ڪميشن ذريعي ورتو وڃي،نه ڪي واڪ ان انٽرويو يا شفارش ۽ پئسن تي. افسوس سان ٿو چوڻو پئي ته تازو تعليمي بورڊز جي چيئرمينن لاء جيڪا ايڊورٽائيزمنٽ ٿي آھن ان ۾ سادي ماسٽر ڊگري رکي وئي آھي.!! جنهن ۾ ڪو گريڊ به ناهي رکيو ويو ڀلي ڪو ٿرڊ ڊويزن وارو اپلاء ڪري سگهي ٿو.!!ڪو به ارڙهين گريڊ وارو اسسٽنٽ پروفيسر يا ڪو ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ٽيچر به اپلاء ڪرڻ جو حق رکي ٿو،جنهن کي ڪوبه ايجوڪيشن مينيجمنٽ کان ويندي ايڊمنسٽريشن جو ڪو تجربو يا ڪورس ناهي ٿيل.!! اهڙي نموني اسان هتي پنهنجي مجموعي طور ملڪ جي ۽ خصوصي طور سنڌ صوبي جي تعليمي پاليسي جو مشاهدو ڪنداسين ته، اتي ڪرپشن ،نااهليت،تعليمي پاليسين کي نااهل انتظامي عملدارن سميت نااهل استادن ۽ زميوارن کي سامهون آندو ويندو آھي جنهن سان بجاء تعليم بهتر ٿيڻ ۽ دنيا سان مقابلو ڪرڻ واري سگھ پيدا ڪندڙ تعليمي معيار قائم ڪرڻ جي تعليمي نظام کي ئي تباھ ڪيو پيو وڃي.ان جا اهم سبب سياستدانن جي اقربا پروري کان ويندي شفارش ڪلچر ۽ رشوت خوري اهم سبب آھن.نمبر ٻيو نااهل ٽيچر ڪيڊر جا استاد انتظامي پوسٽ تي ويهاري انتظام هلائڻ ۽ غير زميوار نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورا اهم تعليمي ادارن تي مسلط ڪري انهن کان استادن تي عملداري ڪرائڻ ئي تعليمي نظام جي تباهيء جو اهم راز سمجهيا ويا آھن.اسان کي جي تعليمي معيار تي توجھ ڏيڻي آھي ۽ شفارش ڪلچر کي ختم ڪري قوم کي تعليمي شعبي ۾ اڳتي آڻڻو آھي ته ان ۾ هيٺيان قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت پڻ آھي.نمبر پهريون ته استادن جي ڀرتيون ڪميشن ذريعي ٿيڻ کپن.اهي اپلاء ڪندڙ اميدوارن جي ٽيچرز واري ٽريننگ ضروري هجڻ کپي.پي ٽي سي،بي ايڊ ،ايم ايڊ،اهي سڀ ڪورسز ريگيولر بنيادن تي پرائيويٽ نه بلڪه سرڪاري ڪاليجز مان ٿيڻ لازمي آھي.نمبر ٻيو ته ڪميشن پاس اميدوارن کي مارڪن جي حساب سان ڪاليج سائيڊ،هاء اسڪول سائيڊ ۽ پرائمري سائيڊ رکڻ گهرجي.نمبر ٽيون ته انهن جي ٽريننگ ڪورسز ۾ ايجوڪيشن مينيجمنٽ کان ويندي،اڪائونٽنگ ۽ انتظامي ڪم ڪار جي ڪورسز يا سبجيڪٽ جي به تياري ضروري هجڻ کپي.نمبر چوٿون ته تعليمي بورڊز جي اهم انتظامي پوسٽ چيئرمين 22 گريڊ جو ھجڻ کپي.ڪنهن هڪ يونيورسٽي جو وي سي 22 گريڊ جو آھي ته هي تعليمي بورڊز جو چيئرمين الائي ڪيترن تعليمي ادارن کي ڪنٽرول ڪري رهيو آھي انجو وائيس چانسلر جي برابر هجڻ وقت جي ضرورت آھي. نمبر پنجون،ڪوبه وائيس چانسلر ٿيڻ لاء ان جي ريسرچ اسٽڊي هجڻ ضروري آھي ۽ ان جا 25 ريسرچ پيپر هجڻ ضروري آھن ۽ اهي نيشنل توڙي انٽرنيشنل پيپرز ۾ پبلش ٿيڻ ضروري آھي.پر هتي اسان وٽ سمپل پروفيسر هجڻ ۽ ان جو ريسرچ پيپرز هجڻ ضروري آھي پر هن کي ميڊيڪل سائنس جي سبجيڪٽ هاسپيٽل مينيجمنٽ۽ هيلٿ اسڪيمن جي مينيجمنٽ پڙهائي ويندي آھي پر افسوس جو هتي ايئن ڪونهي پوء ان ڪري يونيورسٽيون تعليمي بورڊز جي نااهل چيئرمينن وانگر پنهنجو رزلٽ نٿيون ڏئي سگهن.!!ڇوته وائيس چانسلرز يونيورسٽيء کي سواء پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي ڪنهن انتظامي سبجيڪٽ کان ويندي ڪابه ايجوڪيشن مينيجمنٽ، ايجوڪيشن اسڪيمن کي بهتر نموني سامهون کڻي اچڻ واري صلاحيت هجڻ ضروري آھي.ايتري تائين جو ڪنهن به يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۾ اها به ڪوائلٽي هجڻ ضروري آھي ته تعليم جي آخري سال ۾ انهن شاگردن ۽ سرڪاري توڻي پرائيويٽ صنعتي ادارن سان رابطو ڪري روزگار ڏيڻ جهڙي عمل جو مظاهرو ڪرڻ ضروري آھي.افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسان وٽ ايجوڪيشن ۾ ايجوڪيشن مينيجمنٽ جو ڪيڊر آھي ئي ڪونه جيئن ھيلٿ سائينس ۾ پڻ آھي .پر اسان وٽ ايئن ڪونهي جيڪو هجڻ ضروري آھي جي نه ته هڪ استاد هيڊ ماستر ٿيندي،هڪ استاد پرنسيپال ٿيندي،هڪ استاد وائيس چانسلر هوندي بجاء ادارا بهتر ڪرڻ جي بگاڙيندا وڌيڪ.

پهنجو تبصرو موڪليو