تحقيق کانسواءِ مهارت حاصل نٿي ڪري سگهجي،مقرر

نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري) تعليم جي شعبي ۾ جديد تحقيق جا لاڙا متعارف ڪرائڻ، شاگردن ۽ استادن جو ان بابت ڌيان ڇڪائڻ ۽ تحقيق جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي پاران “سوشل سائنسز جي دنيا ۾ ايندڙ مشڪلاتون ۽ انهن جو حل” جي عنوان هيٺ انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪرائي وئي، جيڪا ٻن ڏينھن تائين جاري رهي، جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طيبه ظريف چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ريسرچ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ آهي، جيتوڻيڪ اڄ جي دنيا ۾ ريسرچ کي وڏي اهميت حاصل آهي،

تحقيق کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ مهارت حاصل نٿي ڪري سگهجي. جيڪو ماڻهو ريسرچ ڪري ٿو، ان کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇو جو ريسرچ هڪ ايڊوانس فيلڊ آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي يونيورسٽي ۾ ريسرچ جا ڪلاسز هلائي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ريسرچ بابت ڄاڻ ڏيندا آهيون، جڏهن ته انٽرنيشنل ڪانفرنس جو آرگنائيزر انگلش شعبي جو چيئرمين اياز علي هو، ڪانفرنس کي ڊاڪٽر سيد عنايت شاهه (سوهر يونيورسٽي اومان)، ڊاڪٽر اسد الله شاهه (اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي ملائيشيا)ڊاڪٽر مريم (سوهر يونيورسٽي اومان)،  ڊاڪٽر بشير، ڊاڪٽر بشريٰ  خرم ۽ ڊاڪٽر اعجاز خطاب ڪيو . ڪانفرنس ۾ ڊين ڊاڪٽر لياقت زرداري، رجسٽرار نجم الدين سوهو، آصف زرداري، رفيق لکڻ، سراج احمد چنا، شاداب فاطما، بينظير لاڙڪ، نرگس زاهد مري، فهيم شيخ ۽ سراج احمد بودلي سميت يونيورسٽي جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ تحفي طور  پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو