ڊاڪٽر مبارڪ عليطفيل مگسي
هندستان جي سياست ۾ جڏھن به مسلمانن کي گڏ ڪرڻجو مرحلو پيش آيو ته انهن جي معاشي.سماجي ۽ معاشرتي مسئلن جي بنيادن کي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون نه ٿيون ۽ نه ئي انهن مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي بلڪ مذھب جي نشاني بڻائي ڪري برصغير جي وکريل مسلمانن کي ڪٺي ڪيو ويو.ان ڪري تحريڪ پاڪستان ۾ به مسلمانن کي مذھب جي بنياد تي گڏ ڪيو ويو ۽ تحريڪ کي سگهارو بنائڻ جي لاء انهن ۾ مذھبي جوش و جذبو وڌ کان وڌ پيدا ڪيو ويو.
پاڪستان ٺھن کان پوء فورن ئي مسلمان ان مذھبي جذبن کان سرشار هئا ۽ انهيء سبب کان هنن قربانيون ڏنيون .تڪليفون ۽ مصيبتون سٺيون ۽ هن اميد تي سمورا ڏک سٺائون ته انهن سان جنهن ڌرتي جنت جو وعدو ڪيو ويو آھي.اها ستت ئي وجود ۾ اچڻ واري آھي.ليڪن هنن جا جذبا ان وقت هوريان هوريان ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي ويا.جڏھن هنن ڏٺو ته انهن جا نوان حڪمران برطانوي سامراجي حڪمرانن کان مختلف ناهن.انهن جا طور طريقا.عادتون.جبلتون ۽ رھڻي ڪهڻي به ساڳئي قسم جي آھي.جنهن جو تجربو کين کي بيٺڪيتي دورن ۾ ٿي چڪو هو ۽ پوء ٿيو به اهوئي ته جهموري ادارن جي قيام ۽ برابري جي بنيادن تي مثالي معاشري جي بجاء بيوروڪريسي.فوج ۽ سرمائيدار طبقن پاڻ ۾ گڏجي ڪري عوام جي خلاف هڪ طاقتور محاذ ٺاهيو.۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿي ويا ته اهي بنا ڪنهن مزاحمت جي هن ملڪ تي حڪومت ڪري سگهن ٿا( جيئن 70 سالن کان ڪندا پيا اچن) ان ڪري جابراڻا بيٺڪي ادارا .قانون ۽ روايتون انهيء ريت سان برقرار رکيون ويون.چاڪاڻ ته انهن جي مدد سان حڪومت ڪرڻ ۾ سهوليت ۽ سولائي هئي.
حڪمران طبقن جي ابهيء ننگي فرعونيت جي خلاف عوام ۾ سخت جذبن جنم ورتو.اها ۽ مستقبل کان مايوسي ان کان اڃا به وڌي وڻ ٿي.جڏھن اهي عوام جا معاشي۽ سماجي مسئلا(جيئن اڄ تائين ڪو به حڪمران حل ناهي ڪري سگهيو) حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ۽ جڏھن ملڪ کان جمهوري روايتن ۽ قدرن جا جنازا کنيا ويا.دستور ساز اسيمبلي ٽٽي ۽ ملڪ جو وزيراعظم برطرف ٿيو ۽ ان فيصلي جي حوصلا افزائي ملڪ جي سپريم اعلي عدالت ڪئي.سياستدانن جي وچ ۾ اقتدار ۽ ڦرلٽ جي ڊڪ ڊوڙ(جيڪا روايت 70 سالن جيئن جو تيئن جاري آھي) شروع ٿي.ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومتون بدلڻ شروع ٿيون ته ان سياسي عمل کان ملڪ ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيو ۽ پوء جڏھن ملڪ ۾ مشھور زمانه ڊڪٽيٽر ايون خان جي پهرين برڪتن ڀري مارشل لا نافذ ٿي ته هن ملڪ منجهان جهوريت.انساني عزت ۽ وقار.۽ آزادي جي سمورن قدرن کي نيست ونابود ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو ۽ ھن جي اچڻ کانپوء سمورن جابر ۽ آمر حڪومتون معاشري جي بنيادي خرابين کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون.غربت. ۽ مفلسي.جهالت و بيروزگاري ۽ بيماري ولاقانونيت ۾ گهٽتائي جي بجاء مسلسل واڌارو ( جيئن اڄڪله آھي) ٿيو.
اسان جي نئين نسل جنهن ان سياسي.معاشي ۽ سماجي ماحول ۾ اکيون کوليون.ان ۾ پنهنجي عهدي جي ناآسودگي.پريشاني .بي اطميناني ۽ بي آرامي مڪمل ريت ذھن جي پڙن تي نقش ڪري ڇڏي..ليڪن ان ذھني ۽ آزاديء هن ۾ سياسي شعور ۽ معاشي وسماجي حالتن کي سمجهڻ جي صلاحيت به ڏني. ان ڪري هن ۾ اھو احساس پڻ ٿيو ته جن بنيادن تي هن ملڪ کي حاصل ڪيو ويو هو ۽ جن نعرن جي سهاري هن کي هينئر تائين زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اهي کوکلا ۽ سکڻا آھن. ۽ انهن جو مقصد صرف هن جي ٻيو ڪجه به ناهي ته عوام تي فڪر و ڄاڻ جا دروازا بند ڪيا وڃن .ان ڪري انهن مسئلن ۾ واري ان نسل ان جي بنيادن کي چيئلينج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.جن تي هن ملڪ جو بنياد هو.هن انهن سمورين روايتن ۽ قدرن جي خلاف بغاوت ڪئي جن جي سهاري حڪمران طبقا پنهنجي قوت و طاقت ۽ اقتدار کي برقرار رکيون پيا آھن.ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاء اسان جي حڪرانن جي طرف کان جيڪو ردعمل ٿيو اهو نهايت ئي دلڇسپ ۽ سبق وارو پڻ آھي..نئين نسل جي بغاوت.جذبات ۽ بي آرامي جو ٽوڙ ڪرڻ جي لاء هن رٿ کي لڀاس پهرايو ويو ته تعليمي نظام ۾ تبديلي ڪئي وڃي. ۽ ان ۾ اسلام ۽ پاڪستان جي باري ۾ وڌ کان وڌ مواد شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان کان نوجوان نسل جي ذھنن کي ڪري انهن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.ان پسمنظر ۾ نظرياتي سرحدن“ جي تحفظ جو جوڙيو ويو. ۽ انهيء مقصد جي لاء “اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊي“جا ٻه نوان مضمون اسڪول کان وٺي يونيورسٽين جي سطح تي لازمي ڪيا ويا ته جيئن “صالح مسلمان“ ۽ “محب وطن پاڪستاني“پيدا ڪيا وڃن.ان سلسلي ۾ “يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن“جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ان ۾ چيو ويو ته.
پاڪستان جي مطالعي جو مضمون لازمي طور تي سمورين بيچلرز ڊگريون حاصل ڪرڻ وارن کي پڙھايو وڃي. ۽ ڪنهن شاگرد کي ان وقت تائين ڊگري نه ملندي جيستائين هو پاڪستان جي مطالعي ۾ ڪاميابي حاصل نٿو ڪري.ان سلسلي ۾ ائين ڪيو ويو ته پروفيشنل ڪاليجن ۾ به پاڪستان جي مطالعي(پاڪستان اسٽڊي) کي لازمي سبجيڪٽ قرار ڏنو ته جيئن انجينيئر ۽ ڊاڪٽر پنهنجي پيشيوراڻي قابليت ۾ ماهر هجن يا نه هجن.مگر اهو ته اهي“محب وطن پاڪستاني ضرور هجن.
ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڇپيندڙن ۽ ڇاپيندڙن جي عيد ٿي وئي .جن نام نهاد تجربيڪار ڪرائي جي پروفيسرن .۽ ڊانشورن کان (جنهن اڄڪله ڪافي ڊانشور يا پروفيسر حڪومت وقت کان رعايتون وٺندا رهن ٿا) کان پاڪستان جي مطالعي تي رات جي پيٽ ۾ ڪتاب لکرائي ڪري وڏي دولت ڪمائي.ظاھر آھي ته اهڙن ڪتابن جي ڇپائي جو مقصد وڌ کان وڌ منعافو ڪمائڻ ھو.ان لاء انهيء جي ڇپائي ۽ خوبصورتي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ورو ۽ ھڪ ڳاله جو پورو پورو خيال رکيو ويو ته ڪتاب ۾ ٻولي وبيان.واقعن جي وضاحت ۽ تاريخ جي تعمير وتعبير اها هجي جنهن سان حڪمران طبقن جي مفادن کي تحفظ ملي سگهي۽ پاڪستان ٺھڻ کانپوء هينئر تائين جيڪو هنن ڪم ڪيو آھي ان کي درست ثابت ڪري سگهجي. .کانسواء ان موضوع تي حڪومت جي تحقيقي ۽ تعليمي ادارن جي طرف کان به ڪجه ڪتاب ڇپيا آھن.جيڪو مواد جي اعتبار کان انهن کان تر جيترو به مختلف ناهي.
برصغير جي تحريڪ آزاديء تي ان دوران هندستاني ٻاھرين ملڪ جي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن ۾ نهايت تمام.وڏو گهڻو ڪم ٿيو آھي.برطانوي حڪومت جا سرڪاري ڪاغذ ان دور جي نامور شخصيتن جو ڊائريون.نجي خط.سوانح حيات جي روشني ۾ ڪافي نيون ڳالهيون سامهون آيون آھن.وقت گذرڻ کانپوء جن حالتن تي ٿلهو پڙدو پيل هو.جيڪي چٽيون ۽ صاف هيون.هينئر نئين تحقيق کانپوء انهن واقعن جي تھ ۾ ٿيڻ وارا چٽا نظر اچڻ لڳا آھن.ان ڪري انهن نون شين برصغير جي جديد تاريخ کي هڪدم بدلائي ڇڏيو آھي.مثلا جڪ زماني تائين هٽلر جي مشھور ڪتاب“اسان جا هندستاني مسلمان“ جي بنياد تي هندستان جي سمورن مسلمانن کي پوئتي پيل تصور ڪيو ويندو هو.ليڪن هينئر نئين تحقيق ۽ انگن اکرن کانپوء ثابت ڪيو ويو آھي ته هٽلر جا مشاھدا صرف بنگال جي حد تائين درست هئا ۽ ھندستان جي ٻين صوبن جي مسلمانن جي حالت ان قدر پوئتي نه هئي يا بنگلاديش جي ورهاڱي کي فرقيوراڻي نقط نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.جڏھن ته نئين مواد جي روشني ۾ ان جي وضاحت ٿيئي ٿي ته ان جي پسمنظر ۾ بنگال جي انقلابين جي طاقت کي ختم ڪرڻ ۽ ھندو مسلم ٻڌي کي ٽوڙڻڻ ھو ۽ اهو ته هندو مسلمان وچولي تعليم يافته طبقي جي لاء اها ورهاست مالي لحاظ کان نقصان واري هئي ۽ انهيء لاء ان جي هنن مخالفت ڪئي.1906 ع جي مسڪم وفد جي باري ۾ جيڪو چيو ويندو آھي.ان ۾ مسلمانن جي نمائندن مسلمان قوم جي نمائندگي ڪئي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿيمي ته ان وفد جي ميمبرن کي ڇا ڪنهن ڇونڊ جي ذريعي مسلمانن چونڊيو هو يا ڪنهن ٻئي جي ذريعي سان انهن کي پنهنجو نمائندو چونڻو هو يا اهو ته هنن پاڻ کي زبردستي سمورن هندستاني مسلمانن جو نمائندو فرض ڪري ورتو هو.ان ريت“قراداد پاڪستان“جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان کي متفق طور تي پاس ڪيو ويو هو.
ليڪن اهو ڪٿي نٿو ملي ته ڇا ماڻھن هٿ کڻي ڪري ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو يا بلند آواز ٿي سڀني گڏجي“ها“چئي ڪري ان جي حمايت ڪئي.يا اهو محض فرض ڪيو ويو ته ان کي قرارداد پاس جو نالو ڏنو ويو.ان ريت ٻين موضوعن جن دانشورن نئين انداز سان روشني وڌي آھي.انهن ۾ ايف رابن سن.پروفيسر محمد مجيب.تاراچند گوپال.خالد بن سعيد.مشيرالحق.بي براس.۽ اين ڪي چين ذڪر جي قابل آھن.جڏھن برصغير هندستان جي تاريخ آزادي کي نون بنيادن تي لکيو ۽ نئين سر سان ان جي جوڙجڪ ڪئي.
تاريخ جي نظرين ۾ سمورين تبديلين جي باوجود اسان جا مورخ ۽ دانشور هينئر تائين تاريخ کي مذھبي فرقيواراڻي نقط نظر سان لکي رهيا آھن. ۽ ھر تاريخي واقعي جي تشريح مذھبي تنگ نظري سان ڪن ٿا.تاريخ جو تجربو ۽ واقعن کي بيان ڪندي ان دور جي معاشي.وسماجي.۽ معاشرتي لاڙن ۽ اثرن کي بلڪل وساري ڇڏين ٿا ۽ هن حقيقت کان پردو نٿا کڻن ته مسلمان معاشري جي مختلف طبقن جا مفاد ڇا هئا.؟ ۽ پاڪستان جي تاريخ کي ڪهڙن طبقن جي مفادن کي پورو ڪرڻ جي مقصد سان هلائي وئي هئي.تاريخ جو اهو طبقاتي نقط نظر ظاھر آھي ته اسان جي حڪمران طبقن جي لاء نهايت خطرناڪ آھي.ڇوت اهو نقط نظر عوام ۾ درست تاريخي شعور پيدا ڪندو ۽ اهو ان جي روشني ۾ ماضي ۾ ٿيڻ وارن واقعن کي بهتر طريقي سان سمجهي سگهند ۽ اھوئي شعور سندن اڳواڻي ڪندو ته هن وقت جيڪي ڪجهڀ ٿي رهيو آھي.اهو ماضي وارن واقعن جو منطقي نتيجو آھي ؛؛؛










