بي حِس بڻيل منهنجو هي معاشرو

بي حِس بڻيل منهنجو هي معاشرو

اعجاز علي سوڍر

انسان اُنس مان اخذ ٿيل آھي۔ جنهن جو مطلب پيار، محبت، شفقت، پنهنجائپ، همدردي ۽ رحمدلي آهي. منجھس اهو مادو فطرتي طور رکيل آھي، پر اڄ جڏهن اسان پنهنجي معاشري تي نظر وجهون ٿا ته انسانن جي روپ ۾ بگهڙ ۽ وحشي درندا گهڻا نظر اچن ٿا، چالاڪ لونبڙين جو راڄ ھلي ٿو، وحشت ۽ بربريت جو ننگو ناچ ٿئي ٿو. اڄ پنهنجن جا ڪرتوت ڏسي انسانيت جو ئي ڪنڌ شرم کان جهڪي پوي ٿو. هر طرف حوس، لالچ ۽ لوڀ جو شڪار انسانن جا هجوم نظر اچن ٿا. اسان جي معاشري ۾ لالچ جا ماريل، حوس جا پوڄاري، لُٽ مار ڪرڻ وارا، ڌوڪي باز، فريبي، نقلي شين جا واپاري، انساني جانين سان کيڏڻ وارا، ملاوٽي مال وڪڻڻ وارا دولت ڪمائڻ ۽ مال ملڪيت گڏ ڪرڻ لاء ھر سودو ڪري گذرڻ وارا ڪجھ سوايا نظر اچن ٿا. مظلوم کي ظالم واري سزا ۽ ظالم سان مظلوم وارو رويو آهي، شريفن کي ڪا عزت نه ٿي ملي باقي ڪنهن جي شر کان بچڻ لئه ڀوتار ڀوتار جي رٽ لڳي پئي هوندي آهي. مثال ڏيندس ته شايد ڪن کي وڏي ڪاوڙ لڳندي پر سچ چوڻ جو حڪم ته اسان کي اسان جي خالق طرفان ٿيل آھي. ڪتو اهو جانور آھي جنهن جي وفا پوري دنيا ۾ مسلّم آھي. ڪتي جهڙي وفا شايد دنيا ۾ ٻئي ڪنهن جي مشھور هجي! اهڙي وفادار جانور کي به اسان جي دين نجس جانور قرار ڏنو آھي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته ڪتو مالڪ جو صرف هڪ ٽڪڙو کائي موت تائين ان مالڪ جو در ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو ڇڏي، ڪيترو به ماريوس، ڪيترو به ڌِڪاريوس، ماني ٽڪر نه به ڏيوس، بطور آزمائش لڪڻ کڻي ماريوس پر پوءِ به هو مالڪ جو در ڪونه ڇڏيندو. موت سندس مجبوري آھي ورنه شايد موت کان پوء به وفا ڪري ڏيکاري هان. اسلام اهڙي وفادار جانور کي نجس ڇو قرار ڏنو؟ ان سوال جي حقيقت ته خالق ڪائنات خود ڄاڻي پر اسان ايترو ضرور ڄاڻون ٿا ته جنهن جانور جي وفا جا چرچا پوري دنيا ۾ مشهور آھن ان ۾ ھڪ برائي تمام وڏي درجي جي موجود آھي، اها هيء ته هو پنهنجي جنس کي بلڪل نه سَهندو آھي. پنهنجي جنس کي ڏسندو آھي  ته ان تي ڀوڪندو ۽ ان سان وڙهندو ضرور آھي. ان ڪري ئي اسان جي ٻوليءَ ۾ پهاڪو مشهور آهي ته: “ڪتو ڪتَي کي نه سَهي.” اسان جي معاشري جا اهڙا بي حِس فرد به پنهنجن جا ئي مارا ٿين ٿا. ڪانوَ کي ڏسو! اگر ڪنهن ماڻهوء غلطي سان به ڪنهن ڪانوَ جو ڪو کنڀ کنيو ۽ ڪنهن ڪانوَ ڏٺو ته بس پوء ان ماڻھوء جي شامت اچي ويندي آھي. اهو ڪانو پنهنجي پوري برادريء کي سڏي ڪَٺي ڪندو آھي، پوء پوري برادري سراپا احتجاج بڻجي ويندي آھي، سڀ گڏجي پيا ان ماڻهوءَ مٿان لامارا ڏيندا ۽ ٺونگا هڻندا آهن، سڀ ان ماڻھوء سان وڙھڻ شروع ڪندا آھن. اسان انسان ته ان ڪانون کان به ڪِري پياسين، جيڪو به ٿئي، جنهن سان به ٿئي اسان جو ڇا وڃي؟ واري سوچ ئي هوندي آھي. اسان جا ڀائر ايترا سخت دل بڻجي دنيا جي لالچ ۾ انڌا ٿي پيا آھن جو کين هر غلط به صحيح نظر اچي ٿو. پنهنجن جي ارمانن، اميدن، آسن ۽ خواهشن جو خون ڪندي ٿورڙو به ججهڪندا ڪونه آهن، اگر ڪنهن سان ڪو حادثو ٿي پيو ته ٻيا ڀڳا ايندا، اچڻ سان ئي زخمين ۽ لاشن جا کيسا ڦٿوڙيندا آھن ته مَن ڪو مال ملي پوي، زخمين جا بٽون کڻندا، موبائيل فون لڪائيندا، پئسا ڪڍندا ۽ گھڙي وغيره چوري ڪري وٺندا، ايتري حد تائين جو زخمي عورتن ۽ عورتن جي لاشن کان به نه مڙندا آھن، انهن جا سونا زيور به لاهي رفو چڪر ٿي ويندا آھن. زخمين کي اتي ئي تڙپندو ڇڏي ڏيندا، ڇو جو سندن مطلب ته پورو ٿي ويو يا لاشن کي اتي ئي ڦٽي ڪندا ته اسان جو ڇا، خوامخواھ پرائي مصيبت ۾ پاڻ کي ڇو ڦاسايون، ڪير پوليس جي سوالن جا جواب ڏيندو؟ ايڪسيڊنٽ ڪرڻ وارو پنهنجي گاڏي ڀڄائي جان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ھوندو آھي. اگر غلطي سان به بيهي ان زخمين کي ڪنهن اسپتال ڀَيڙو ڪرڻ واري انسانيت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ مفت جي مار ۽ شايد جان وڃائڻ جي به بيوقوفي به ڪري ويهندو. مطلب ته انسانيت روڊ تي رسوا ٿيندي رهي مگر ماڻهو بي حس بڻجي تماشو ئي ڏسندا آھن. اڄ نياڻين کي سرِ بازار رسوا ڪيو وڃي ٿو، فحاشي ۽ عرياني کي فروغ ڏئي فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو، غربت ۽ مهانگائي سبب نياڻين کي پنهنجي عزتن جا سودا ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، انسانيت کي تذليل جو ننگو ناچ نچايو وڃي ٿو. عوام بي حس بڻجي ٻئي جي تڪليف جو تماشو ڏسندو ئي رهي ٿو. روز ڪو وحشي درندو ڪنهن معصوم جي عصمت دري ڪري ٿو، ڪنهن جو ڪو معصوم ذبح ڪيو وڃي ٿو، ڪو ڪامورو ڪنهن پوڙهي جو پٽڪو ڌوڙ ڪري ٿو، ڪو موڀي پٽ پيء جي سامهون ٿئي ٿو، ڪٿي ڪا جيجل جُهري پوي ٿي، ڪو ڀاء ڀورا ڀورا ٿئي ٿو، ڪٿي ڪا مونيڪا بي آبرو ٿي لاوارث لاش بڻجي وڃي ٿي، ڪٿي ڪا نائلا قتل ڪري خودڪشيء جو روپ ڏنو وڃي ٿو، ڪٿي ڪو ڪونڌر ڪُسجي وڃي ٿو، ڪٿي ڪراڙو پيء انصاف لاء در در تي دانهين آھي، ڪٿي جيجل قرآن کڻي پنهنجو موڀي ڳولهڻ لاء ٻاڏائي ٿي، ڪٿي پئسن تي ايمان وڪامي ٿو، ڪٿي لالچ ۾ هر رشتو قربان ٿئي ٿو، ڪٿي انساني جانين جا سودا سستا ٿين ٿا، ڪٿي پئسن عيوض فيصلا ٿين ٿا، پئسي جي راند کيڏي وڃي ٿي، پئسن عيوض قتل معاف ٿين ٿا، پئسي تي ناحق قبضا به قانوني قرار ڏنا وڃن ٿا، پئسي عيوض نياڻين جي عصمت ڪرڻ واري جو ڪنڌ اونچو ڪيو وڃي ٿو، پئسي عيوض فريادي کي شيخن جي پٺيان رهڻو پوي ٿو، پئسي عيوضي مظلوم جو وات سِبيو وڃي ٿو، ماڻهن جي هجوم منجھان ڪا نياڻي کنڀجي وڃي ٿي، ڪنهن امڙ جي هنج اجڙي وڃي ٿي، هٿيارن جا منهن کوليا وڃن ٿا، لاشن جا انبار لڳي وڃن ٿا، ڪٿي معصوم ٻچڙا شهادت جو جام پيئن ٿا، هتي ڏاڍو سو گابو ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هجن ٿا مگر هتي هر ڪو خاموش تماشائي رهڻ ۾ ئي پنهنجي آفيت سمجهي ٿو. اگر ڪٿي ڪنهن ميڙ ۾ ڪو ڪونڌر بي گناھ ڪُسجي وڃي ته به ٻيا ماٺ ۾ رهي تماشو پيا ڏسندا آھن ته اهو سندن ذاتي معاملو آهي، اسان جو ڇا وڃي جو پرائي باھ ۾ پاڻ کي ساڙيون؟ اهو اسان جو مسئلو ناهي. اگر اهو اسان سڀني انسانن جو مسئلو ناهي ته پوء ڪنهن جو آھي؟ ڇا بس اهو ڪنهن هڪڙي فرد جو ذاتي مسئلو آھي؟ نه نه هرگز ايئن نه آھي، هي مسئلو اسان جي سماج جو مسئلو آھي، هي انسانيت جو مسئلو آھي. ميهڙ جو مان ۽ شان بڻيل شاعر محبوب ڏيپر پنهنجي ڪلام سان پنهنجي هن معاشري جي عڪاسي هنن لفظن سان چِٽي آهي: پنهنجن جا هون ويري پاڻ، ڀاءُ کي ناهي ڀاءَ جي سڃاڻ، ڪير نه ڪڍي ٿو ڪنهن جي ڪاڻ. ياد رکو اگر اسان سڀ ايئن بي حس بڻجي خاموش تماشائي رهياسين ته انسانيت ته ذليل ٿيندي رهندي پر ان سان گڏ اسان کي به هڪ ڏينهن ان جو انجام ڀڳتڻو پوندو، اگر اها باھ پاڙي واري جي گهر ۾ لڳل آھي ۽ ان کي وسائڻ ۾ اسان ان جو ساٿ نه ڏنو ته سڀاڻي اها باھ اسان جي گهر تائين ضرور پهچي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو