طفيل مگسي
ته ان جي جواب ۾ مذھبي عالم چيو ته“اوهان جي يونيورسٽين ڪهڙا چومسڪي پيدا ڪري ڇڏيا آھن“يعني هر قسم جي ٻن تعليمي ادارن ۾ جيڪي شاگرد تعليم ۽ تربيت کانپوء معاشري ۾ موڪليا ويا آھن.انهن منجهان هڪ به ذڪر جي قابل ۽ ڌيان جي لائق ناهن جيڪي دنيا جي سامهون ڪا بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري سگهيا هجن يعني ان ڏيوالي جي سموري ذميواري پاڪستان ۾ موجود مذھبي طبقي جي کاتي ۾ وجهي سگهجي ٿي.هن لکڻي جي شروعات ۾ مختصر عرض ڪيو ويو ته قبضي خور کان آزاد ٿيڻ واريون رياستون ۽ معاشرا انساني ترقي جي وچولي پيماني تي به مسلسل پسماندگي جا لشڪر نظر اچن ٿا.انهيء ۾ اهڙن معاشرن ۾ دانشورن جو انگ ۽ انهن جي ڍنگ جو مسئلو به سمجهڻ گهرجي.اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪنهن به معاشري ۾ دانش جي ڏاهپ جون ڪجه گهرجون هونديون آھن.جن کي اهي قبضي خور معاشرا پورو نٿا ڪري سگهن.انهن گهرجن ۾ اقتصادي آسودگي به شامل آھي.ليڪن دنيا جي وڏن فلسفين ۽ دانشورن ۾َ اوهان اهڙا به بيشمار نالا ڳڻي وٺندو ته جن جي سموري زندگي غربت ۽ بک ۾ گذري وئي.ليڪن علم و دانش جي دنيا ۾َانهن جا نالا ۽ انهن جا ڪيل ڪم اڄ به روشني جا مينار سمجهيا وڃن ٿا.ڇا معاشري ۾ موجود سماجي طبقي جو ڪردار اسان وٽ دانش ۽ علم جي ان بحران جو سبب آھي؟اسان وٽ موجود مذھبي طبقي جي ڪوشش ڪنهن به صورت اونداهي دور کان مغرب ۾ روشن خيالي جو سج نه اڀاريو؛؟جيڪڏھن مغرب ۾َجديد دور انهيء اونداهي دور جي ڪک کان برآمد ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ ڇو نه؟هن لکڻي ۾ نه اهو ممڪن آھي ۽ نه ئي هن شاگرد جي علم جو محدود مطالعو اها اجازت ڏيئي ٿو ته پاڪستان ۾ علم و دانش جو هڪ مختصر مطالعو اوهان جي سامهون رکي ڪري ان کان نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته مجموعي طور تي پاڪستاني دانشورن اڄ تائين قبضي خور جي مختلف شڪلين کي سڃاڻڻ ۾ عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي ۽ انهن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ جي طريقن کان ڪيئن خبروار ڪيو؟اهو هڪ وڏو ڪم آھي ان هوندي هڪ مختصر جائزي جي ڪوشش بهرحال ڪري سگهجي ٿي.
قيام پاڪستان کانپوء پيشيوراڻي تعليم کان علاوه عملم و دانش جا ٻه چٽا ميدان ۽ ان ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن ارباب علم جو ڪم اڄ اسان جي سامهون آھي.هڪ طبقو مذھبي عالم ۽ اسڪالرز ۾ مولانا مودودي ۽ غلام احمد پرويز هڪ مضبوط فڪر جي اثر هيٺ پنهنجو لکيل ڪم انجام ڏنو .مولانا مودودي جي سياسي نظرين جي وارث جماعت اسلامي پاڪستان آھي.ليڪن ان جي عملي ڪم جي اثرن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر اسرار احمد ۽ جاويد احمد غامدي جهڙا عالم پيدا ٿيا.جڏھن ته لبرل (جيتوڻيڪ اهو غلط آھي مگر اسان هتي سيڪيولر.لبرل.سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽن جي وچ ۾ فرق کي نظر انداز ڪندي ڳاله ٻوله ڪري رهيا آھيون) روايتن سان جڙيل ماڻھن ۾ سيد سبط حسن ۽ علي عباس جلالپوري جا ڪتاب اڄ به پڙھيا وڃن ٿا.جڏھن ته ساڄي ڌر جي مفڪرن ۾ ايم ايم شريف ۽ خليفي عبدالحڪيم جهڙن ماڻھن جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا.انهن نالن تي اعتراض ٿي سگهي ٿو ته ڪجه اهم نالا هن فهرست ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا.مگر هتي مون کي ٻه نالا ناهن ڳڻڻا بلڪ دانشورن جي گروهن ۽ طبقن جي نشاندهي ڪرڻ آھي.شاعرن .اديبن.۽ ناول نگارن ۾ به اوهان اهي ئي طبقا ڏسندو.جيڪڏھن فيض احمد فيض.احمد نديم.قاسمي ۽ سعادت حسن منٽو هڪ گروپ ۾ آھن(جيتوڻيڪ مون کي انهن جي ذاتي اختلافن جي ڄاڻ آھي.مگر هتي مقصد ان طبقي جي قبضي خور مخالف تخليقن جي نشاندهي ڪرڻ آھي) ته ٻيئي طبقي۾ قدرت الله شھاب.ممتاز مفتي ۽ اشفاق جهڙا اديب آھن جن هن قڀضي خوري جو ڌيان ٻين غير ضروري موضوعن ڏانهن راهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پاڪستان جي مذھبي تعلق رکڻ وارا چاهي اديب هجن.شاعر هجن .سياستدان هجن يا عالم انهن ڪڏھن قبضي خور جي ڪارڪردگين کي چٽو ۽ پاڪستان جي مسئلن جي سبب کي نه سمجيو.قبضي خور چاهي بين الاقوامي هجي يا مقامي.ان گروه جي سڃاڻپ ڪرڻ .ان تي تنقيد ڪرڻ کي ڪڏھن پنهنجو فرض نه بڻايو.ٻيئي پاسي اها به هڪ حقيقت آھي ته پاڪستاني اديب ورهاست کانپوء قبضي خور کان ڇوٽڪاري جي لاء هندستاني مسلمانن تي اثرن وجهڻ جهڙي موضوع تي ڪو وڏو ڪتاب تخليق نه ڪيو.منٽو جون وڏيون ڪهاڻيون.انهن حادثن جي چوڌاري گهمن ٿيون جن جو سامهون هندستان کان اچڻ وارن مهاجرن ڪيو.جڏھن ته انتظار حسين جو فوڪس لڏپلاڻ ۽ اباڻي ڳوٺ کان وڇڙڻڻ تي رهيو.فيض احمد فيض ۽ احمد فراز جهڙا وڏا شاعر ملڪ ۾ موجود قبضي خور طاقتن جي خلاف وڙھندا رهيا.جلاوطني جون تڪليفون به برداشت ڪيون .فيض صاحب ته ضياء الحق جي دور ۾ وفات ڪري ويو هو.مگر احمد فراز صاحب 2008ع تائين زنده رهيو.مگر احمدفراز پنهنجي دور ۾ عوام کي گهڻو ڪجهه نه ڏئي سگهيو.جيئن
لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے
یا
اسے معلوم نہیں تاریخ کیا سکھاتی ہے
رات جب کسی خورشید کو شہید کرے
صبح ایک نیا سورج تراش لاتی ہے
جهڙيون سٽون هر زبان تي عام ٿي ويون هيون.مرزا اظۡهر بيگ جو ناول غلام باغ 2004ع ۾ شايع ٿيو هو.جنهن جو نالو ۽ پلاٽ قبضي خوري جي منظرنامي تي ئي نروار هو.ان ناول جا اڄ تائين اٽڪل ڇه ست ايڊيشن ڇپجي چڪا آھن.اهو هڪ سنجيده موضوع تي لکيو ويو.نهايت ئي جديد ٽيڪنڪ جو ناول آھي.جيئن نسيم حجازي جا ناول رکندا هئا.










