ليکڪ محمد اسماعيل لانگاھ
مصيبت ۾ انسانن جو احساس ئي اصل انسانيت آهي پر هتي تي احساس جي نالي سان عوام سان جيڪا ڄُٺ ٿئي ٿي شايد دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي عوام سان نٿي هجي اسان جي ملڪ ۾ جڏھن به مصيبتون آيون آهن حڪمرانن بغير ڪنهن معاوضي جي ملڪ جي عوام جي ڪڏھن به مدد ناهي ڪئي اهڙو ئي هڪ مثال وٺون ٿا گذريل وفاقي حڪومت جو جنهن پ پ سرڪار طرفان ملڪ جي غريب خاندانن جي مدد لاء جاري ڪيل بينظير ڪارڊ جو نالو سياسي تعصب پرستي سبب مٽائي احساس ڪارڊ ۾ تبديل ته ڪيو پر ان ۾ ڪيل نئين سروي ۾ پوري ملڪ اندر 80 هزار خاندانن کي وظيفي کان فارغ ڪيو ويو جنهن سروي مطابق اهڙا غريب خاندان به شمار ٿين ٿا جن جو گهر جو چُلهو ان ئي ڪارڊ واري وظيفي آڌار ٻرندو هيو ۽ اڃا تائين اهي خاندان انهي ڪارڊ ۾ مستحق قرار هجڻ سبب وظيفو کڻي رهيا آهن جن جو هزارين نه پر لکين رپين جو پراپرٽيون آهن ۽ ڪيترائي خاندان سرڪار ملازم آهن پي ٽي آء سرڪار جي ان سروي هزارين ماڻھن کي نظرانداز ڪري بهتر فيصلو نه ڪيو هو ۽ ان فيصلي ۾خاص طور سنڌ کي گهڻو ڌڪيو ويو تازو عمران سرڪار جي خاتمي کان پوء چونڊيل نئين وزير اعظم شهباز شريف پهرئين فيصلي ۾ احساس ڪارڊ کي بينظير ڪارڊ ۾ تبديل ڪرڻ جو جيڪوفيصلو ڪيو ان ۾ سنڌ جي غريب خاندانن ۾ هڪ اميد پيدا ٿي آهي پر ان کان پهرين نظرانداز ڪيل سنڌ جي هزارين خاندانن کي ٻيهر شامل ڪيو وڃي.
گذريل تحريڪ انصاف حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي خاص طور ملڪ جي غريب عوام لاء غلط فيصلا ڪيا پهريون فيصلو بينظير ڪارڊ مان ڪٽجي ويل خاندانن جو هو نئين سروي شروع ڪرائيندي 1ڪروڙ ويھ لک ماڻھن جي نادرا سروي ڪرائڻ لاء موبائل ايس ايم ايس ذريعي9 ڪروڙ 32 لک خاندانن کان ميسيج وصولي جي مد ۾ ساڍا 9 ڪروڙ رپين جي رقم وصول ڪئي وئي جنهن ۾ هر خاندان قسمت آزمائي طور هڪ کان ٽي مرتبه ساڳئي نمبر تي ايس ايم ايس پئي ڪيا آهن ۽ هر ايس ايم ايس جي چارجز سوا رپيا مقرر ٿيل هئي اندازي مطابق سراسري حساب سان 27 ڪروڙ رقم ٿي ليڪن ان رجسٽريشن جي حوالي سان احساس پروگرام جي چيئرمين ثانيه نشتر پاران به اعتراف ڪيو ويو هو ته پهرين مرحلي ۾ 20 لک خاندان جي اعلان ۾ رقم جي تقيسم جي مُد ۾ هڪ ڪروڙ 32 لک ايس ايم ايس وصول ٿيا جنهن تي چارجز ٽئڪس وصول ڪيا ويا آهن, ۽ ان ميسيج دوران ملڪ جي هزارين متاثرن کي موٽ ۾ موبائل ايس ايم ايس وسيلي آگاهي ڏني پئي وئي ته توهان هن پروگرام جي رقم وصولي جي اهل ناهيو يا اوهان پنهنجي ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪيو ته جيئن هتان نظر انداز ٿيل ماڻھن کي وري پنهنجي صوبي جي ضلعي حڪومتن هٿان ڦُرايو وڃي جيڪي اُتي وڃي دربدر ٿين ان پروگرام ۾ جنهن ماڻھن کي سليڪٽ ڪيو ويو آهن انهن جي جيڪڏھن مڪمل ڊيٽا موجود هوندي به نئين سروي ۾ خاص طور غريب خاندان کي نظر انداز ڪيو ويو,اهو مسئلو ضلعي عملدارن جي ڳچي ۾ وڌو ويو جنهن کي اهي اختيار ڏنا ويا هئا ته اهي نظر انداز ٿيل غريب خاندان جي ٻيهر ڊيٽا مڪمل ڪري رپورٽ نادرا کي پيش ڪن انهن ٺھيل ضلعي ڪاميٽين به غريبن جو ڪو احساس نه ڪيو جتان انهن کي ايجنٽن معرفت رشوتون مليون انهن ماڻھن کي غريب ڄاڻايو ويو ۽ ظلم غريبن سان ٿيو ۽ رجسٽريشن غير شفاف هئڻ ڪري اڄ اهي ماڻھون مستحق آهن جنهن کي حقدار سمجهندي حڪومتي ڪارڪردگي تي حيرت ٿي اچي ان وسيلي سان پهتل درخواستن تي غور ڪيو ويو ته اهل خاندان جي مالڪي ٿي سگهي ٿي.
هن وقت پوري ملڪ اندر بينظير ڪارڊ پروگرام جي رقم متاثر عورتن ملي رهي آهي پر ورڇ جو ڪوبه ڊسيپلين قائم نه ڪيو ويو آهي ,پر نئين حڪومت لاء اهو مشورو آهي ته پروگرام ۾ ڪافي اھڙا خاندان جيڪي سرندي وارا آهن انهن جا نالا درج ٿيل آهن جنهن سبب هزارين حقدار خاندانن ۾ مايوسي جي لهر پکڙيل آهي. سنڌ جي شهري علائقن کي ڇڏي ٿر ۽ ڪاڇي ۾ جتي ماڻھن جي زندگي جنهن تڪليفن ۾ گذري رهي آهي ۽ انهن علائقن جي ماڻھن کي بينظير ڪارڊ پروگرام ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي, اهڙا غريب خاندان آهن جيڪي بينظير انڪم سپورٽ جي قسط وصول ڪندڙ هڪ عورت پنهنجو سڄو گهر پاليندي هئي جنهن جي فوتگي بعد سرڪار انهن کي نااهل قرار ڏئي وظيفا بندڪري ڇڏيا , ڇا سرڪار کي اها خبر آهي ته هن جهان ڇڏي ويندڙ عورت جي پويان ڪيترن فردن جي اميدن تي پاڻي هاريو ويو آهي ڇا اهي سرڪار کي دل سان ڪهڙي دُعا ڏئي سگهن ٿا اهڙن خاندان جي رجسٽريشن لاء سرڪاري سطح تان ٻيهر ڪميشن جوڙڻ گهرجي انهن فوت ٿيل عورتن جي پونئيرن جي واهر لاء ان جي ڪنهن به فرد کي مستحق ڄاڻائي قسط جاري ڪئي وڃي, ڪيترا ئي خاندان جيڪي پرڏيهي ناڻي تي پلجن ٿا انهن جي عورتن کي ٻيهر رجسٽريشن ۾ حقدار ڄاڻايو ويو آهي هينئر به وقت ويو ناهي بي سهارا ويٺلن جي واهر لاء وفاق توڙي سنڌ سرڪار ۽ ضلعي حڪومتن کي انهن بي سهارا ماڻھن جي مالڪي لاء ڪا جامع پاليسي جوڙي خارج ٿيل خاندان کي ٻيهر وظيفي لاء مستحق ڄاڻائي وظيفو جاري ڪيو وڃي انهن مسڪينن جي نااميدين کي موٽايو وڃي سنڌ ٻھراڙين ۾ اهي ئي خاندان بينظير انڪم سپورٽ مان خارج ڪيا ويا آهن جنهن وٽ کائڻ لاء هڪ ويلي جي ماني ۽ ٻچن جي پيٽ لاء پنڻو پوي ٿو اهڙن مستحقن کي نااهل ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ بس انهن جو ڏوه اهو آهي ته انهن وٽ ڪا سياسي سفارش ناهي, الله کان سواء ڪو اوهي واهي ناهي جيڪڏھن حڪومت کي پروگرام ۾ حقيقي متاثرن جو احساس آهي ته هو فوري طور نظر انداز انهن بي سهارا عورتن ۽ مستحق ماڻھن جي شفاف نموني رجسٽريشن لاء انڪوائري ٽيمون مقرر ڪري وظيفي ۾ شامل ڪيو وڃي جيئن هو پنهنجي زندگي ٻين انسانن جيان بسر ڪري سگهن سو وزير اعظم صاحب لاء هن مشڪل گهڙي ۾ مسڪينن جي مدد لاء عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جيڪي به خاندان رهجي ويا آهن يا اهي عورتون جيڪي قسط کڻندي ئي فوت ٿي چُڪيون آهن انهن جي اولاد کي مستحق ڄاڻائي وظيفو جاري ڪري پريشانيون ختم ڪيون وڃن.










