ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گڊ فرائيڊي تي ويٽيڪن ۾ دعائيه عبادت منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس پڻ شرڪت ڪئي، گوڏن جي درد ۾ مبتلا هجڻ باوجود شرڪت ڪئي، پوپ فرانسس چيو ته اصل اميد اها آهي جيڪا مايوس نه ٿئي، يوڪرين جنگ ۽ ٻين سانحن جي باوجود اميد جي شمع روشن رکي پوپ فرانسس چيو ته هو سمجهن ٿا ته حڪومتون پنهنجي دفاع ۾ هٿيار ڇو خريد ڪن ٿيون پر هٿيار خريد ڪرڻ جو جواز نٿو ڏئي سگهي. پاڪستان ۾ به آچر تي ٿيندڙ ايسٽر جي ڏڻ جون تياريون جاري آهن.










