بيباڪ صحافي حاجي محمود هالائي، اعجازعلي تيوڻو

وادي مهراڻ جي عظيم تاريخي ۽ ثقافتي ورثيسان مالا مالهالا جي مٽيءَ کي قدرت اهو مانُ ۽ مرتبو بخشيو آهي جو هن مان ڪيترائي بزرگ ، درويش ، اديب ، شاعر، صحافي ۽ املهه ماڻڪ هيرا پيدا ٿيندا رهيا آهن. سخي مخدوم سرور نوح رحه جي نگري مان سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت ۽ تحريڪ آزادي پاڪستان جو مردِ مجاهد حاجي محمود هالائي مرحوم تاريخ 8 مارچ 1908ع تي سنڌ جي هٿ جي هنرن ،ثقافت جي مرڪز ۽ روحانيت جي محور هــالا ۾هڪ غريب ۽ دين دار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد اسحاق ميمڻ هالائي هو. جيئن ته سندس پيدائش هالا ۾ ٿي تنهنڪري کين ”هالائي“ جي لقب سان سڏيو ويو. پاڻ شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪيائين. 1926ع ۾ حج جي سعادت نصيب ٿيڻ جي ڪري حاجي محمود هالائي جي نالي سان يـاد ڪيو وڃي ٿو.مرحوم حاجي محمود هالائي نيڪ ۽ خوش اخلاق باصلاحيت ۽ غريب پرور انسان هو. پاڻ 1926 ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ قدم رکندي 1938ع تي هالا۾ پرنٽنگ پريس جو بنياد وڌو جيڪا هڪ سال جي مختصر عرصي بعد 1939ع ۾ميرپور خاص منتقل ڪري اتان هفتيوار همدرد اخبار 1942ع ۾ جاري ڪيائين جيڪا اڄ به ساڳئي جذبي سان جاري آهي. ۽ پنهنجي وس آهر ملڪ ۽ قوم خاص طور ضلع ٿرپارڪر جي مظلوم غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي خدمت ۽ ترجماني ڪري رهي آهي. تاريخ 1 نومبر 1967 تي هفتيوار ”هـمـدرد“ اخبار 25 سال پورا ٿيڻ تي ضلع ڪائونسل هال ميرپورخاص  ۾ سلور جوبلي جي تقريب منعقد ڪئي ويئي . پاڻ صحافت سان وابسته هئڻ جي ڪري صحافين جي مختلف تنظيمن جو عهديدار ۽ باني پڻ رهيو. حاجي صاحب ٿرپارڪر ايڊيٽرس ائسوسيئيشن جو صدر، ڊسٽرڪٽ پرنٽنگ پريس ايسوسيئيشن جو صدر ، ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر، انجمن مديرانِ سنڌ جو پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. حاجي صاحب بهترين خوبين جو مالڪ هو، جڏهن ڪنهن اداري جي گڏجاڻي منعقد ٿيندي هئي ته ان جي ڪاروائي پوري ضابطي سان ۽ خوش اصلوبيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو کين صوبه سنڌ ۾ جڏهن به ادبي يا سماجي محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ته کين مهمانِ خاص جي حيثيت سان گهرايو ويندو هو.جتي صدارت جا فرائض سر انجام ڏيندا هئا. حاجي محمود هالائي ٻالڪ پڻ کان ئي حريت پسند خيالن جو ماڻهو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو 12،13 سالن جي عمر ۾ تعليم ڇڏي خلافت تحريڪ ۾ عملي حصو ورتائين ۽ وطن جي آزادي ۽ مسلمان قوم کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزد ڪرائڻ وارين تحريڪن ۾ اول خلافت تحريڪ پوءِ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.ڪيترا ڀيرا قـيـد و بند جون تڪليفون برداشت ڪيائين ۽ بعد ۾ خدمتِ خلق جي جذبي تحت عملي طور صحافت سان وابستگي اختيار ڪيائين. اسان جي مــردِ قـلندر زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان دوستيءَ جي راهه ۾ سچائي سان نينهن نڀايو آهي ۽ اصول پرستيءَ کي پنهنجو شعار بڻايو آهي، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته ڏنڊي جي ڏاڍ سان ڏيهه ۾ ڏڦير ڦهلائيندڙن کيس وقت بوقت عظيم آزمائشن ۽ سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا پئي ڪيو جن کي هيءُ مردِ قلندر مڙسيءَ ، همت ۽ جوانمرديءَ سان منهن ڏيندو رهيو هروڀــرُو ڪڏهن به همت نه هـاري هُو پٿرن ۽ پهاڙن تان پير پتُون ڪندو ڏُکن جا ڏونگر ڏوريندو اڳتي وڌيو ۽ آخري دم تائين غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو حاجي صاحب جي زندگيءَ بابت ٿرپارڪر مارئي جي ملڪ جا مارُو گواهه آهن ته حاجي محمود هالائي ٿر جي ڏڪارن ، غريب ماروئڙن جي بک ، بدحالي بابت دنيا جو توجهه مسڪين جهان خان کوسو جيان ڇڪائي ٿــر ۾ موجود قدرتي نعمتن ۽ وسيلن جي نشاندهي ڪندو رهيو جنهن تي ڪجهه عرصو پهرين حڪومت نامدار توجهه ڏنو ۽ ٿــر اندر لڪل قدرت جي نعمتن کي آخر ڳولهي لڌو آهي ٿــر جو ڪارو ســونُ ڪـوئـلـي جي کاڻين مان بجليءَ جي منصوبن تي پڻ عمل شروع ٿي چڪو آهي جنهن مان سڄي ملڪ کي بجلي سپلاءِ ٿيندي ۽ اونداهيءَ  ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمويقيني بنجي سگهندو حاجي صاحب جي طرفان شروع ڪيل تحريڪ جي نتيجي ۾ هالا سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پـرائـمـري اسڪولن سان گڏ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇائڻ وارو سلسلو شروع ٿيو جنهن جي ابتدا حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي و قريشي جن هالا ۾ سروري اسلاميه ڪاليج ، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ،مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جو بنياد وجهي ڪرڻ فرمايو جنهن مان سڄي سنڌ جا نوجوان تعليم جي زيور سان آراسته ٿيڻ بعد دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن گڏ و گڏ سروري خاندان کي  پنهنجي دعائن سان نوازي رهيا آهن هي عظيم درسگاهون سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت آهن بقول حاجي محمود هالائي مرحوم شهرن ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ تعليمي سجاڳي اچڻ کانپوءِ خاموش انقلاب آيو آهي هن مختصر اقتباص مان آسانيءَ سان پتو پوي ٿو ته مرحوم حاجي محمود هالائي صاحب به انهيءَ ساڳئي گس جو پانڌيئڙو هو. جتي آزادي جي شمع جا پتنگ پــرت جي پــڙ ۾ پهچي پاڻ پچائي رهيا آهن. انهيءَ حوالي سان هي مردِ قلندر اسان جي انهن محسنن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جن اسان کي غيرن جي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڇوٽڪارو بخشي آزاديءَ جي نعمت سان نوازيو. اهــا آزادي جنهن جي بـرڪت سان اڄ خداوند قدوس جي فضل و ڪرم سان پنهنجي محبوب وطن ء۽ سٻاجهڙي ساڻيهه ۾ ســک جو ساههُ کڻي رهيا آهيون. مالڪ سائين شال سندس لغزشن کي معاف فرمائي ۽ سندس مرقد تي مهرِ مصطفيٰ صه جو مينهن وسائي آمين. مرحوم حاجي محمود هالائي 30 آڪٽوبر 1983ع تي وفات ڪئي سندس مـزار سندس اباڻي قبرستان هالا نوان شهر ۾ آهي.هن موقعي تي دُعا آهي ته رب پاڪ مرحوم سميت هيءُ فاني ڇڏي وڃڻ وارن کي پنهنجي محبوب مديني واري سائين جي صدقي ۾ جنت الفردوس اندر حضرت محمد صه ۽ آلِ محمد جي سايه ۾ رکڻ فرمائي. حاجي محمود هالائي جي هن دنيا مان وڃڻ کانپوءِ سندس فرزند شفيق حسين ميمڻ (هالائي) ان رستي تي هلندي اوهان جو مشن جاري ساري رکيو آهي سندس فرزند اڄ سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو