اياز خاصخيلي
ڪميونٽي فارميـسي (علائقائي دواخانو)، بهتر صحت جي فراهميءَ ۾ هڪ اهم جائي رکي ٿي. پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، جتي بنيادي علاج تائين رسائي محدود هجي ۽ ڊاڪٽرن تائين پهچ هر ڪنهن لاءِ ممڪن نه هجي، اتي فارماسسٽ (دواساز) هڪ اهڙو طبي ماهر آهي جيڪو ماڻهن جي آسان پهچ ۾ هوندو آهي. مريض جڏهن ڪنهن پريشاني ۾ دوائن لاءِ دڪان تي وڃي ٿو، ته پهريون ماڻهو جنهن سان سندس ملاقات ٿئي ٿي، اهو فارماسسٽ هوندو آهي. هو نه رڳو دوا مهيا ڪري ٿو پر مريض کي صلاحون ڏئي ٿو، ساڻس ڳالهائي ٿو، ۽ کيس سمجهائي ٿو ته دوا ڪيئن استعمال ڪرڻي آهي. افسوس، جيتوڻيڪ فارماسسٽ جو اهو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر پاڪستان ۾ ڪميونٽي فارميـسي اڃا تائين پنهنجي مڪمل حيثيت ۾ استعمال نه ٿي سگهي آهي. جنهن جو سبب فارماسسٽن جو يا ته گهٽ هجڻ آهي يا وري فارماسسٽ جي ڪميونٽي فارميـسي ۾ عدم توجهي آهي.
فارميـسيءَ جو سفر پاڪستان ۾ ڊگهو ۽ ڏکيو رهيو آهي. 1948ع ۾ ٽي ساله پروگرام تعليمي پروگرام بي- ايس سي ان فارميـسي پروگرام سان شروعات ٿي، جيڪو بعد بيچلر ۾ فارميسي کان ٿيندي ڊاڪٽر آف فارميـسي (PharmD) جي ڊگري تائين پهتو. 1967ع ۾ فارميـسي ايڪٽ آيو، جنهن فارماسسٽ جي قانوني حيثيت طئي ڪئي، پر عملي طور تي ان جي سگهه اڃا به اڻڄاتل رهي آهي. جڏهن ته دنيا جا ترقي يافته ملڪ پنهنجي فارماسسٽن کي دوا لکت ڪرڻ تائين اختيار ڏئي رهيا آهن، پاڪستان ۾ اهو خواب اڃا پورو ٿيڻ جو منتظر آهي.
عالمي منظرنامي تي نظر وجهجي ته فارماسسٽن جي اهميت صاف نظر اچي ٿي. انٽرنيشنل فارماسيوٽيڪل فيڊريشن (ايف آئي پي) جي هڪ رپورٽ2025 جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پڌري ٿي ، ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ لڳ ڀڳ پنج ڏهائي ست ملين فارماسسٽ رجسٽرڊ آهن، پر انهن جي ورڇ ۾ وڏو فرق آهي. امير ملڪن ۾ هر 10 هزار ماڻهن تي اوسط ٻارهن فارماسسٽ آهن، جڏهن ته غريب ملڪن ۾ هي انگ فقط ٽن کان به گهٽ آهي. اهو تفاوت واضح ڪري ٿو ته پاڪستان جهڙن ملڪن کي پنهنجي فارميـسي ۽ فارماسسٽ واري قوت کي وڌائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۾ صورتحال پيچيده آهي. اڪثر ڪميونٽي فارميـسيون رڳو دوا وڪڻڻ تائين محدود آهن. فارماسسٽ وٽ جديد تربيت ۽ وسيلا گهٽ آهن، ۽ دوائن جي مھانگين قيمتن سبب ماڻهو پنهنجو پاڻ علاج ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. اڪثر فارميـسيون خانگي مالڪي ۾ هلن ٿيون ۽ انهن تي ڪو موثر ڪنٽرول ناهي، جنهن ڪري سروس جو معيار جاءِ جاءِ تي مختلف ملي ٿو. مريض کي ڪڏهن مناسب رهنمائي ملي ٿي ته ڪڏهن هو غير يقيني ۾ ڇڏي ڏنو وڃي ٿو.
ملڪ ۾ فارماسسٽن جو انگ انتهائي گهٽ آهي. هر ڏهه هزار ماڻهن تي هڪ ئي فارماسسٽ آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي سفارش آهي ته ٻن هزار ماڻهن تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ فارماسسٽ موجود هجي. اها کوٽ نه رڳو صحت جي فراهميءَ کي متاثر ڪري ٿي پر ماڻهن کي غير تربيت يافته هٿن ۾ ڇڏي ٿي، جنهن سان دوا جي غلط استعمال ۽ خطري ۾ واڌارو ٿئي ٿو.
فارماسسٽ کي اڃا تائين صحت جي ٽيم جو مڪمل حصو نه سمجهيو وڃي ٿو. نصاب به اهڙي ريت تيار ناهي جو فارماسسٽ ڪلينڪل ۽ ڪميونٽي جي خدمتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. مريضن سان گڏ ڪيترائي ڊاڪٽر به فارماسسٽ جي صلاحيتن کي گهٽ سمجهن ٿا، جڏهن ته قانوني نظام ۾ به اهڙيون گهٽيون آهن جيڪي فارماسسٽ کي وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اهڙي صورتحال ۾، غير تربيت يافته ماڻهن کي فارماسسٽ جي جاءِ تي رکڻ، دوا جي غلط استعمال، بيمارين جي بگڙجڻ ۽ صحت تي وڌيڪ خرچ ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو.
ان باوجود، اميد جو ڏيئو اڃا به روشن آهي. ڪميونٽي فارميـسي پاڪستان ۾ بنيادي صحت جي انقلاب لاءِ دروازو کولي سگهي ٿي. جيڪڏهن فارماسسٽ کي پنهنجو ڪردار وڌائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته هو مريضن کي دوا صحيح وقت تي وٺڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا، ڊگهي بيمارين جي اڳڪٿي ۽ روڪٿام ۾ حصو وٺي سگهن ٿا، ۽ ڳوٺن ۽ پري پري علائقن ۾، جتي ڊاڪٽر موجود نه آهن، اڪيلو صحت جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.
ان لاءِ ضروري آهي ته فارماسسٽ کي صحت جي نظام ۾ مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. قانون ۽ پاليسين ۾ سڌارا آڻي کين وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن، معياري تربيت مهيا ڪئي وڃي، ۽ عوام کي آگاهي ڏني وڃي ته فارماسسٽ رڳو دوا ڏيندڙ نه پر صحت جا رهنما آهن. نوجوان فارماسسٽن کي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي ته هو ڪميونٽي فارميـسيءَ کي پنهنجو مستقبل بڻائين، ڇو ته هي هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو نه رڳو ذميواريءَ سان ڀريل آهي پر بيشمار موقعا به رکي ٿو.
پاڪستان فارماسسٽ ايسوسيئيشن، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي، فارميـسي ڪائونسل ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن ته ملڪ ۾ صحت جو نئون باب لکجي سگهي ٿو. صرف گڏيل حڪمت عملي، تعليم، تحقيق ۽ عوامي شعور سان ئي اهو ممڪن آهي ته ڪميونٽي فارميـسي پنهنجي حقيقي حيثيت ۾ اچي ۽ ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائي.
هر سال 25 سيپٽمبر تي سڄي دنيا ۾ فارماسسٽن جو عالمي ڏيهاڙو ملهائيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ 2025ع جو موضوع آهي: “صحت سوچيو، فارماسسٽ سوچيو.” هي رڳو هڪ نعرو نه آهي، پر هڪ اهڙو پيغام آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته صحت جي سفر ۾ فارماسسٽ هڪ اهڙو همسفر آهي، جيڪو انسان کي بهتر ۽ محفوظ زندگي ڏانهن وٺي ٿو وڃي.
هن آرٽيڪل جو ليکڪ صحت سان وابسته دوائن جو ماهر آهي جيڪو صحت جي مختلف مسئلن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهندو اهي. ساڻس ayaz.khaskheli@gmail.com تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.










