بنگلاديش ۾ ڪشيدگيء کانپوء ڪوٽا سسٽم بحال

بنگلاديش ۾ ڪشيدگيء کانپوء ڪوٽا سسٽم بحال

اعجاز ممنائي
بنگلاديش ۾ امن و امان جي صورتحال تمام گھڻي خراب ٿي ويئي آھي.ڪجھه ڏينھن کان هلندڙ احتجاجي سلسلي ۾ ھن وقت تائين 150 کان وڌيڪ ماڻھو گولين سبب مارجي ويا آھن.اصل ۾ اھو احتجاج ڪوٽا سسٽم خلاف ھو پر حڪومت جي ھٺ ڌرمي سبب اھو تشدد ۾ بدلجي ويو ۽ صورتحال انتهائي ڳنڀير ٿي ويئي آهي.انهيء پرتشدد پاليسيء تحت يونيورسٽي جا هزارين ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگرد پنهنجي مستقبل کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن۔هونء ته اهو معاملو بنگلاديشي شاگردن جو آهي جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف ڪيترن هفتن کان احتجاج ڪري رهيا آھن.
اصل ۾ 1971 ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي سرڪاري شعبي جي نوڪرين جو ٽيون حصو آزاديءَ جي لاءِ ان وقت ٿيل جنگ ۾ فوت ٿيل اڳوڻن فوجين جي خاندانن لاءِ مخصوص ڪيل آهي. شاگرد ان سسٽم کي امتيازي سلوڪ قرار ڏيندي،ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين جي ڀرتي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. سڀ کان پهريان يونيورسٽي ڪيمپس مان اھو احتجاج ته پرامن شروع ٿيو پر جلدي ئي احتجاجي مظاھرن جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو.جنھن بعد تشدد جي واقعن ۾ لڳ ڀڳ 150 کان وڌيڪ ماڻھو فوت جو کاڄ بڻجي ويا آھن ۽ اهو سلسلو اڃا تائين رڪجڻ جو نالو نه ٿو وٺي ۽ حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ۽ شاگرد پنهنجي جائز مطالبي تان هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاء تيار ناهن۔ احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ملڪ جي حڪمران عوامي ليگ جي شاگرد ونگ (جنهن کي بنگلاديش ڇاترا ليگ پڻ سڏيو ويندو آهي) پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال ڪري عوامي ڪاوڙ کي دعوت ڏني آهي.جنھن سبب اھي واقعا منظرعام تي آيا آهن پر حڪومت پاران انهن الزامن کي رد ڪيو ويو آهي ايتري تائين جو انهن شاگردن جي مطالبي کي غير قانوني ۽ فضول چيو پيو وڃي ۽ طاقت جي زور تي انهن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ شاگرد مارجي ويا آهن صرف جمعي جي ڏينهن واري احتجاج ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته بنگلاديش حڪومت انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون سروس به بند ڪري احتجاجي مظاهرا ميڊيا تي ڏيکارڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ته جيئن ڪنهن کي ڪا خبر نه پوي پر سوشل ميڊيا بنگلاديشي حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي۔ جيتوڻيڪ پنهنجي حقن لاء احتجاج ته يونيورسٽيء جي شاگردن شروع ڪيو پر ھن وقت زندگي جي هر شعبي جا ماڻهو احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آهن جنهن حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن۔
بنگلاديش دنيا جي تيز ترين اڀرندڙ معيشتن مان هڪ ملڪ آهي، پر اها ترقي يونيورسٽي گريجوئيشن لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. ماهرن جو خيال آھي ته ھڪ ڪروڙ 80 لک بنگلاديشي نوجوان نوڪريون جي ڳولا ۾ آهن. يونيورسٽي جي گريجوئيشن ۾ بيروزگاريء جي شرح ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. بنگلاديش تيار ٿيل ڪپڙن جي برآمد لاءِ پاور هائوس بڻجي چڪو آهي. جيڪو عالمي مارڪيٽ ۾ 40 ارب ڊالر جو ڪپڙو برآمد ڪري ٿو. ان شعبي ۾ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو ملازمت ڪن ٿا، جنھن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي پر پڙهيل لکيل نوجوان نسل لاءِ اھي نوڪريون ڪافي ناهن.
بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد 15 سالن کان ملڪ جي حڪمراني ڪري رهي آھي. ڍاڪا ۾ نوان رستا، پليون، ڪارخانا ۽ ميٽرو ريل ھلن پيا، سمجھيو پيو وڃي ته ملڪ ترقي ڪري رھيو آهي. گذريل ڏھاڪي دوران ملڪ ۾ في ماڻهو آمدني ٽڻ تي وڌي چڪي آهي. ورلڊ بينڪ جو اندازو آهي،گذريل 2 سالن ۾ ٻه ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت مان نڪري چڪا آھن ۽ بهتر زندگي گذارين پيا پر ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آهي ته ان ترقيءَ مان صرف شيخ حسينه جي عوامي ليگ جي ويجهن ماڻهن کي فائدو ٿيو آهي.
رواجي ۽ سوشل ميڊيا موجب هڪ اڳوڻي آرمي چيف، اڳوڻي پوليس سربراهه، سينيئر ٽيڪس آفيسر سميت حڪمرانن جي ويجھن ماڻھن تي ڪرپشن جا الزام آھن.حسينه واجد گذريل هفتي چيو هو ته ڪرپشن ھڪ پراڻو مسئلو آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ھڪ طرف ترقي ۾ اڳڀرو آھي ته ٻئي پاسي ڪرپشن جي شڪايت به عام جام آھي،بيروزگاري، مھانگائي توڙي حڪومت جي سخت روين تي پڻ عوام کي گھڻي ڪاوڙ آھي.انساني حقن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 15 سالن دوران جيڪا ڪرپشن وڌي آھي ۽ جمهوري سرگرمين جي آزاديءَ محدود ٿي آهي.ان کان اڳ صورتحال ڪجهه بهتر هئي۔ هيومن رائيٽس واچ جي ڏکڻ ايشيا موجب گذريل ٽن چونڊن مان ھڪ چونڊ به اعتبار جوڳي آزاد ۽ منصفاڻي نه ٿي آهي.جيڪڏھن ماڻھن جا مسئلا وڌي وڃن ته انھن وٽ احتجاج واحد رستو ھوندو آھي ۽ حڪمران ڌر احتجاج کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ بدران سخت رويو اختيار ڪري ٿي ته ان جو نتيجو تشدد جي صورت ۾ سامھون اچي ٿو. حڪمران ڌر جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته اھي احتجاج جي سخت ڪاررواين باوجود ان کي انتهائي تحمل سان منھن ڏين پيا.انھن جي دعويٰ آهي ته احتجاجن جي پٺيان سندن سياسي مخالفن ۽ اسلام پسند پارٽيون عوام کي ڀڙڪائي تشدد جو رستو اختيار ڪري رھيون آھن،قانون واري وزير انيس الحق جو چوڻ آهي ته حڪومت مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي.حڪومت احتجاج ۾ شامل شاگردن سان رابطي ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو معقول دليل آهي ته اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون.صورتحال جو حل ڇا آھي؟ اهو ان تي هوندو ته شيخ حسينه واجد ھاڻوڪي خطرناڪ بدامني کي ڪيئن منهن ڏئي ٿي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هوءَ وڌندڙ عوامي ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪري ٿي.ڇوته هن وقت بنگلاديش ۾ حالات بي قابو ٿي چڪا آهن، ڪرفیو نافذ ٿي چڪو آهي، حڪومت فوج جو گشت وڌائي ڇڏيو آهي، مظاهرين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي۔ جڏهن ته مختلف يونيورسٽين ۾ ڦاٿل پاڪستاني توڙي ٻي دنيا جي شاگردن جي والدين پنهنجي پنهنجي سرڪار کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته سندن اولاد کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ کين وطن واپس ڪرايو وڃي جيستائين بنگلاديش جي صورتحال بهتر ٿي سگهي۔آخري اطلاعن تائين بنگلاديش جي ڍاڪا يونيورسٽي مان شروع ٿيل احتجاج آخرڪار رنگ لاتو آهي ۽ 1971ع واري جنگ وڙهندڙ جي خاندانن لاءِ %5 نوڪرين ۾ ڪوٽا رکڻ جو فيصلو ڪورٽ ڏئي ڇڏيو آهي.بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا تي ڀرتي بابت هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو.مقامي ميڊيا موجب، بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم بحالي خلاف ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏيندي حڪم تي عمل درآمد روڪي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد روڪيو پر ڪوٽا سسٽم مڪمل ختم ناهي ڪيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پنج سيڪڙو ملازمتون آزادي جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻن فوجين جي ٻارن لاءِ آهن، ٻه سيڪڙو ٻين ڪيٽيگريز لاءِ مختص رهنديون جڏهن ته 93 سيڪرو سرڪاري ملازمتون ڪوٽا کانسواءِ ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون.ياد رهي ته گذريل مهيني هاءِ ڪورٽ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا سسٽم کي بحال ڪيو هو. ٻئي پاسي بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن جي ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ۽ پُرتشدد مظاهرن کي روڪڻ لاءِ ڪرفيو ۾ واڌ ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ڍاڪا جي روڊن تي سيڪيورٽي اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن،حڪومت جي هدايتن تي انٽرنيٽ، ٽيڪسٽ ميسج ۽ اوررسيز سروسز 18 جولاءِ کان معطل آهن، جڏهن ته سموري ملڪ ۾ تعليم ادارا ۽ سرڪاري آفيسون به بند آهن۔ياد رهي ته بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن جو 56 سيڪڙو ڪوٽا ۾ هليو ويندو آهي جنهن ۾ 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون 1971ع جي جنگ وڙهندڙن جي ٻارن، ڏهه سيڪڙو عورتن ۽ ڏهه سيڪڙو مخصوص ضلعن جي رهواسين لاءِ مختص آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو