لاهور (بيورو رپورٽ) بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جي وڪري جو آغاز ٿي ويو آهي. بنگلاديش خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ آن لائين 5 سئو، 1 هزار، 2 هزار ۽ 4 هزار رپين واريون محدود ٽڪيٽون دستياب آهن. هڪ شناختي ڪارڊ تي وڌ کان وڌ 5 ٽڪيٽون حاصل ڪري سگهجي ٿو. چار سالن تان ٻار والدين سان گڏ بغير ٽڪيٽ اسٽيڊيم وڃي سگهندا ۽ ان کان مٿي عمر جي ٻار کي ٽڪيٽ جو هجڻ لازمي آهي. آن لائين بڪنگ سان گڏ مختلف علائقن ۾ موجود نجي ڪوريئر سروس سينٽر تي به 21 جنوري کان ٽڪيٽ خريد ڪري سگهجي ٿي جتي شوقين پاڻ وڃي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاهور ۾ پهريون ميچ 24 جنوري جڏهن ته ٻيو ميچ 25 ۽ ٽيون ميچ 27 جنوري تي کيڏيو ويندو.










