اعجاز ممنائي
بنگلاديش کي پاڪستان کان الڳ ٿئي اڄ ٽيتاليهه سال مڪمل ٿيا آهن. ملڪ جي شهرين توڙي حڪمرانن تي لازم آهي ته هن ڏينهن جي تاريخي پسمنظر کي سمجهن، ۽ اهو پرکين ته هي سانحو ڪهڙي طرح پيش آيو.
عام خيال اهو آهي ته بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ 25 ۽ 26 مارچ 1971ع واري رات ملٽري آپريشن کان پوءِ شروع ٿي هئي، پر حقيقت اها آهي ته بنگلاديش جو بنياد پاڪستان ٺهڻ شرط ٻوليءَ واري مسئلي سبب پئجي چُڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان مهينو پوءِ سيپٽمبر 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ‘انجمن اردو’ جو قيام عمل ۾ اچي چُڪو هو، پير الاهي بخش ان انجمن جو صدر هو ۽ انجمن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ اردو زبان جو پرچار ڪرڻ هو. وزير اعظم لياقت علي خان ان انجمن ڏانهن موڪليل هڪ پيغام ۾ چيو ته، “اها بلڪل مناسب ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ کي پاڪستان جي انجمن اردو جو مرڪز بنايو وڃي، ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن شهر کي نئين سياسي ۽ معاشي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي وقت جي گهرج آهي ته ڪراچي اسان جي ثقافتي مرڪز جو به ڪردار ادا ڪري.” ان انجمن جي قيام جي رد عمل ۾ ڍاڪا ۾ ڪُجهه استادن ‘تمند مجلس’ قائم ڪئي، جنهن جو مقصد بنگالي زبان جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ هو. انهن استادن جو خيال هو ته پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ رڳو ست سيڪڙو آهن، جڏهن ته بنگالي ڳالهائيندڙن جو حصو 54 سيڪڙو آهي، تنهنڪري مذهب جي نالي تي مٿن اردو ٿاڦڻ جو ڪوبه جواز ناهي. پاڪستاني حڪمرانن جي اهڙن روين ۽ خيالن جي نتيجي ۾ بنگال اندر عوامي سطح تي سڃاڻپ جنم وٺڻ لڳي. آهستي آهستي حڪومت ۽ انتظاميا ۾ نمائندگي ۽ بنگالي ٻوليءَ وارا معاملا شدت اختيار ڪرڻ لڳا.بنگال اندر ثقافتي بنيادن تي شروع ٿيل اها ويڳاڻپ اسٽيبلشمينٽ جي غلط معاشي ۽ سياسي پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي وئي. اوڀر پاڪستان يعني هاڻوڪي بنگلاديش کي مکيه ڌارا کان الڳ رکڻ جي ذميوار به ملڪي اسٽيبلشمينٽ هئي، جنهن بنگالين جي رت ۽ پگهر جي ڦرلٽ ڪري معاشي ترقيءَ جي ميدان ۾ بنگالين سان ٻيائيءَ وارو ورتاءُ ڪيو.1970ع جي چونڊن ۾ عوامي ليگ شيخ مجيب جي سرواڻيءَ ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کان پوءِ اولهه پاڪستان جي اسٽيبشلمينٽ کيس اقتدار سونپڻ کان ڊڄي وئي هئي. اوڀر پاڪستان يعني بنگال ۾ عوامي ليگ قومي اسيمبليءَ جي 162 مان 160 سيٽون کٽيون، يعني پاڪستان جي ڪل 300 مان اڌ کان وڌيڪ سيٽون کٽي چُڪي هئي. ٻئين نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون 81 سيٽون هيون، يعني عوامي ليگ جي اڌ جيتريون سيٽون. ايڏي واضح گهڻائيءَ سان چونڊون کٽڻ کان پوءِ اصولي ۽ آئيني طور شيخ مجيب کي پاڪستان جو حڪمران ٿيڻ جو حق حاصل هو پر اسٽبلشمينٽ کيس پوئتي ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جنهن بعد بغاوت جو جهنڊو بلند ٿيو ۽ بنگال پاڪستان کان الڳ ٿي ويو۔ 16 هين ڊسمبر تي بنگلاديش وجود ۾ اچي ويو ۽ جمهوريت قائم ٿي ۽ ٻين سان گڏ شيخ مجيب جو خاندان به سياست تي حاوي رهيو ۽ شيخ حسينه واجد ڪيترائي ڀيرا وزير اعظم بڻجي حڪمراني ڪندي رهي۔
تازو ڪوٽا سسٽم جي خلاف بنگلاديش ۾ هڪ مهيني کان جاري مظاهرن وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي منجهائي وڌو جنهن کيس عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. شيخ حسينا واجد بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ آهي، حسينا واجد بنگلاديش جي سياست ۾ چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو رهي هئي، استعيفا کان اڳ آرمي چيف کيس 45 منٽن جي مهلت ڏني۔ هن خواهش ڏيکاري ته قوم کي خطاب ڪري پر کيس موقعو ئي نه ملي سگهيو ۽ هزارين مظاهرين سندس گهر جو گهيراء ڪرڻ لاء نڪري آيا جنهنڪري حسينه واجد ۽ سندس ڀيڻ کي سرڪاري رهائشگاهه کان محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ وزيراعظم فوري طور استعيفا ڏيئي ڀارت روانو ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي پر ڀارت کيس پناهه ڏيڻ مان معذرت ڪندي ايئرپورٽ تان ئي کيس واپس ڪيو ويو ۽ هوء مجبور ٿي لنڊن رواني ٿي ويئي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف وقارالزمان اقتدار تي قابض ٿي ويو۔جنهن بعد هن ملڪ ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي مخلوط حڪومت جي ذريعي هلايو ويندو. بنگلاديش جا سمورا فيصلا فوج ڪندي، بنگلاديشي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته عبوري حڪومت جي قيام لاءِ ڳالهيون جاري آهن. صدر سان جلد ملاقات ڪندس، ملاقات ۾ عبوري حڪومت جي قيام تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنگلاديش نيشلسٽ پارٽي(بي اين پي) سميت وڏين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون آهن. عبوري حڪومت جي قيام لاءِ عوامي ليگ کان سواءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيون آهن. بنگلاديش جي آرمي چيف عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي ۔ ٻئي پاسي ڍاڪا ۾ شاگردن جي جدوجھد جنهن ۾ مارجي ويلن جو انگ 312 تائين پهچي چڪو هو، بنگلاديش ۾ موجوده سياسي صورتحال مسلسل سخت ۽ غير مستحڪم رهي آهي خاص طور تي سرڪاري نوڪرين لاءِ حڪومت جي ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج هڪ وسيع حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو جنهن ۾ وزيراعظم حسينا واجد جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ بلآخر ان پرتشدد احتجاج رنگ لاتو ۽ وزيراعظم استعيفا ڏيئي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بنگالي عوام ڪهڙن حڪمرانن کي پسند ٿو ڪري جيڪڏهن رڳو آرمي ۽ ملان اتحاد قائم ٿيو ته يقينن ملڪ خصاري ۾ ويندو۔ ڇوته ڪنهن به خطي جي آزادي تڏهن ممڪن ٿي سگهندي آھي جڏهن اتي جي عوام ھڪ ٿي ھڪ ئي راءِ تي متفق ٿيندي آھي. عوام کي ھڪ نقطي تي آڻڻ جو ڪم ھڪ سگهارو نظريو ئي ڪري سگهندو آھي. جيڪڏھن بغير ڪنهن سگهاري نظرئي جي توهان ڪڏهن به ڪنهن قوم کي ھڪ نقطي تي متفق ڪري به وڃو ته اھو ائين آھي جيئن واريءَ جو محل.
ماضيءَ ۾ بنگلاديش جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ شيخ مجيب سان گڏ عوام جي اڪثريت ته ھئي پر شيخ صاحب وٽ قوم کي ڏيڻ جي لاءِ ڪو پختو نظريو نه ھو جيڪو سندس قوم کي ٻڌيءَ ۾ رکي ۽ سندس جدوجهد جو ڀرم رکي سگهي. ان ڳالهه ۾ لک اختلاف رکي سگهجن ٿا پر اھا ھڪڙي حقيقت آھي ته شيخ صاحب پنهنجي قوم کي سواءِ آزاديءَ جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏئي سگهيو. ڪجهه محقق ۽ دانشور ته تبصرو ڪندي ائين چوندي به ٻڌا ويا آھن ته بنگال جي آزادي محض ھڪڙو حادثو ھئي, بنگالي قومي ذھني طور آزاديءَ جي لاءِ اڃا تيار ئي نه ھئي. پر ھڪ ڳالهه جيڪا توهان ۽ اسان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي اھا ھي آھي ته آزاديءَ جي گهر ڪرڻ کان پھرين اسان کي اھو پرکڻ گهرجي ته اسان ان جي تياري ڇا ڪئي آھي. جيڪڏهن اسان پنهنجي قوم کي ڪنهن ھڪ نظريي تي متفق ناھيون ڪري سگهيا ته ڪجهه سالن جي اندر ڪنهن نه ڪنهن سازش جي ور چڙھي وينداسين. بنگالي ھڪ دفعو ٻيھر پاڪستاني رياست جي سازشن جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آھن, جتان نڪرڻ لاءِ ھنن کي ھاڻي ٽيه لک نه بلڪ ڪروڙين ماڻهو ماراڻا پوندا. شيخ مجيب بنگالي قوم جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ موٽ ۾ ھن وقت قوم جيڪو ڪجهه کيس ڏئي رھي آھي, ان کي ڏسي آريسر جا ھي لفظ ذهن تي تري ٿا اچن ته ”ماڻهو جڏهن پوڄڻ تي ايندا آهن تہ سامريءَ جي گابي کي به پوڄيندا آهن ۽ جڏهن مارڻ تي ايندا آهن ته مسيح ۽ حُسين کي به ماري ڇڏيندا آهن.“
مطلب ته شيخ حسينه واجد جي دور حڪومت ۾ بنگلاديش جي عوام عالمي منصوبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ڪري رھي ھئي. هن وقت مجموعي طور بنگالي ھڪڙي وڏي سازش جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي ئي پيرن تي پاڻ ڪھاڙي وھائي ڪڍي آھي. شيخ حسينه واجد جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ اتان جي فوج جو وڏو ھٿ رھيو آھي. ھاڻي بنگالي پنهنجو مستقبل پاڻ نه بلڪه اتان جي فوج ئي ڪندي جنهن جو اعلان اتان جو چيف آف آرمي اڳواٽ ڪري چڪو آهي۔










