اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)برطانيه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران پارٽي کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. برطانيا جي مڪاني چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي سوين سيٽون وڃائي ويٺي، جڏهن ته لبرل ڊيموڪريٽس پنهنجون سيٽون وڌائي ڇڏيون. برمنگهم ۾ ليبر پارٽي کي اڪثريت حاصل آهي، ۽ بريڊفورڊ ۾ ان کي ڪاميابي ملي آهي.اسڪاٽ لينڊ ۾ انس سرور جي اڳواڻي ۾ ليبر ٽئين کان ٻئي نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته سوين پاڪستاني، جن ۾ ڪيتريون عورتون به شامل آهن، سڄي برطانيه ۾ ڪائونسلر چونڊجي ويا.










