ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان هواوي کي مختلف پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي خاص طور ان جي 5 جي نيٽ ورڪ تي آمريڪي انتظاميه کي تحفظات آهن ايئن لڳي رهيو آهي ته هاڻي چيني ڪمپني کي ان حوالي سان هڪ وڏي ڪاميابي ملڻ واري آهي. حقيقت ۾ 28 جنوري تي آمريڪا جي ويجهي اتحادي طرفان 5 جي نيٽ ورڪ جي جوڙجڪ لاءِ هواوي کي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي جيڪا چيني ڪمپني جي وڏي ڪاميابي هوندي. رپورٽ مطابق آمريڪا طرفان سيڪيورٽي بنيادن تي مخالف باوجود برطانيا طرفان فائيو جي نيٽ ورڪ جي جوڙجڪ لاءِ محدود ڪردار ڏيڻ جو امڪان آهي. آمريڪي وزير خارجه مائيڪ پومپيو هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته برطانيا طرفان فائيو جي حوالي سان اهم فيصلو ٿيڻ وارو آهي. جڏهن ته واشنگٽن طرفان برطانوي وزيراعظم هورس جانسن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سلسلو جاري آهي ته جيئن هو هواوي کي مڪمل طور هڪ طرف ڪري سگهي پر رپورٽ مطابق هڪ اعليٰ برطانوي عهديدار گذريل هفتي هواوي کي گرين لائيٽ ڏيڻ جو اشارو ظاهر ڪيو هو جڏهن ته فنانشل ٽائمز ٻڌايو ته وزيراعظم هورس جانسن طرفان هواوي کي محدود ڪردار جي منظوري ڏيڻ جو انديشو آهي. آمريڪا پنهنجي سرزمين تي هواوي کي فائيو جي نيٽ ورڪ متعارف ڪرائڻ کان روڪيو هو ۽ ان حوالي سان سيڪيورٽي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته ڪمپن کي چيني حڪومت ڪنٽرول ڪري رهي آهي جنهن جي هواوي مسلسل ترديد ڪئي. فائيو جي ٽيڪنالاجي کي هن مهل تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو مستقبل جي ٽيڪنالاجي جهڙن خودڪار ڊرائيونگ جي صلاحيت رکندڙ گاڏين ۽ ٻين لاءِ انتهائي اهم پيشرفت قرار ڏنو پيو وڃي.










