برطانوي پارليامينٽ ماهره خان کي اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

برطانوي پارليامينٽ ماهره خان کي اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان وابسته مشهور اداڪارا ماهره خان کي برطانوي پارليامينٽ ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا هڪ انسٽا ڪهاڻي شيئر ڪندي پنهنجي ڪاميابين کي مداحن سان شيئر ڪيو آهي.ماهره خان کي سينما انڊسٽري لاءِ سندس خدمتن ۽ عالمي ثقافتي سفير جي حيثيت ۾ ڪردار جي اعتراف ۾ اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.ايوارڊ ملڻ تي اداڪارا پنهنجي ڪاميابي تي پنهنجي خاندان، مائٽن، دوستن ۽ مداحن جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو