ليکڪ ميرحسن رند
جديد ترقي يافته دئور ۾ جنگي حالتن جهڙو موجوده دکدائک ۽ درد ناڪ منظر رکندڙ ٽنڊو غلام حيدر شهر جا هاڻي ته پيادل گهمڻ لاءِ روڊ رستا به ناهن بچيا رڳو هر پاسي گندو جمح ٿيل برساتي پاڻي بيٺل نظر اچي رهيو آهي هر پاسي کان مسڪينن ماروئڙن جو آهون داهون ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن هزارين پورهيتن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ تي بيحال بڻجي رهجي ويا زرعي فصل ٻڏي تباه ٿي ويا انساني زندگيون مفلوج بڻجي ويون شهرن گهرن گهٽين مُحلن جون رونقون اجڙي ستياناس ٿي ويون هر پاسي ڀڳل ٽٽل روڊ رستا ۽ تعلقي جي ڪافي ننڍن وڏن شهرن ۾ هر پاسي کان گندو پاڻي ئي پاڻي آهي. ڪوبه ناهي، جيڪو هن مشڪل گهڙي ۾ عوام سميت هن معدني وسيلن سان مال مال ويران بڻجي ويل شهر جي ڪا حقيقي مالڪي يا وارثي ڪري پنهنجي موجوده وجود ۾ ته درحقيقت هي شهر نالي ننڍڙو هوندي به قدرتي وسيلن سان زرخيز مالا مال آهي ھي شهر مالي وسيلن جي ڪري ڪيئي تعارف رکي سگهي ٿو، هن شهر ۾ کوڙ سارا قديمي ماڳ ۽ دڙا موجود آهن پر بدقسمتي سان آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه به ڪو اهڙو بهتر ٻوٽو نه ٻاريو جنهن سان قديمي ماڳن جي حفاظت ٿي سگهي ان کان علاواه عوامي دانهن ڪوڪن ۽ انهن جي احتجاجن مان اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته واقعي به هتان جي چونڊيل سياسي نمائيندن ئي هن شهر کي ڄڻ قبرستان ڪري ڇڏيو آهي جتي جيئري انسانن جي شڪل ۾ مرده بڻيل ماڻهو گهمن پيا جن جا ضمير زنگجي ويا آهن ۽ بس رڳو احساسن کان خالي انساني بوتي مثل مرن جيئن پيا جن کي پنهنجي حال تي رحم نٿو اچي، انهن تي ترس کائڻ به اخلاقي گناه بڻجي وڃي ٿو، انهن ماڻهن تي ڇا ڳالهائجي جن جي گهٽين ۽ گهرن ٻاهران گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ هو بنا بدبوءِ اچڻ جي اتان گهمن ڦرن پيا پر هڪ لمحي لاءِ به ڪراهت محسوس نه پيا ڪن ۽ اها گندگي مهينن کان وٺي ڪري سالن تائين شهرن گهرن محلن گهٽين ۾ جمح پيل هوندي آهي پر اسان جي هن شهر جا اٻوجھ مسڪين هاري پورهيت مزدور ماڻهو ڄڻ ڪنهن ڪاٺ جا ٺهيل بي زبان بت آهن جيڪي ندامت نالي جي ڪا شيءِ محسوس ئي ناهن ڪندا هو هڪ لمحي لاءِ به اهو نٿا سوچين ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي هي رستن تي موجود غلاظتون ۽ گندو پاڻي آخر ڪيستائين اسان جو نصيب ۽ مقدر بڻيل رهندو هي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي سموري ان عوام جو مقدر ۽ نصيب آهي يا ڪنهن گندي سياست جي غليظ حڪمرانيءَ جي خراب ترين شڪل آهي جنهن هن شهر جي شاندار قدرتي وسيلن سان ڀريل جنهن جي مستقبل کي ماضيءَ جهڙي حال جيان گندي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي لوڙھي ٽوڙي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ يقين سان چئجي ٿو ته معاشرن کي سٺي حڪمرانيءَ جي صورت ۾ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. نصيب جو انساني معاشرتي ترقيءَ سان پري جو به تعلق ناهي، جتي جهنگ جو قانون هلندو هجي، اتي معاشري جي ترقي ۽ مهذب پڻو سواءِ خام خياليءَ جي ٻيو ڪجه ناهي هوندو جيتوڻيڪ 8 يوسيز تي مشتمل 3 لکن کان مٿي انساني آبادي رکندڙ شهر ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي سياست جو زوال به موجوده عوام سميت پوري سنڌ جي سياسي زوال جيترو پراڻو ئي رهيو آهي هتي سرڪاري اسپتال ۾ ايمبولينس ۽ علاج ڪونهي هتي اسڪول ڪاليج ويران آهن روڊ رستا ڀڳل ٽٽل ئي رهجي ويا تعميراتي ڪمن لاء آيل فنڊ ڪرپشن جي ڪاغذي ڪاروائي جي ور چڙهي ويا پر انهن سڀني ڳالهين کان علاواه خاص طور تي وڏو فرق اهو به آهي ته سنڌ جي ٻين شهري معاشرن جي ڀيٽ ۾ هي شهر پنهنجي قدرتي مالي زخيرن سبب هن مهذب معاشري جي سڃاڻپ برقرار به نه رکي سگهيو آهي هن شهر سان پنهنجن اقتدار ڌڻين ئي ميل ميلاپ جوڙ توڙ جو رستو به ڪٽي هميشه جيان منهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ هن معدني زخيرن سان مالا مال شهر کي اهڙن سياسي ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي ڄڻ هن شهر ۾ قبضي جي نيت سان آيا هجن ۽ پوري شهر جي گهٽين ۽ بازارن کي بي رونق بڻائي انهن کي سوڙهو ڪري انهن جي سونهن ۽ سندرتا کي ڌڪ رسائي پنهنجي سياسي شخصي مفادن کي اوليت ڏني ۽ ان ۾ خاص طور تي هتان جي مقامي سياست هن شهر کي اجاڙڻ ۾ اول نمبر تي رهي آهي. هتان جي سياست جا مزاج به پوري سنڌ جي ڀوتارڪي سياست جهڙا ئي آهن هتي ڪرپشن عام ۽ جام ڪري پوري سنڌ جيان هن تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن مثال مويا ؛ ڏندو ؛ نظرپور حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت باقي رهيل شهرن کي به ڏينڀوئن جي ماناري وانگر سوراخ ڪري ڇڏيا آهن ۽ سڄي سنڌ جيان هن شهر جون ٻهراڙيون توڙي شهر لاتعداد سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٽنڊو غلام حيدر شهر جي سياست تي ڪيترن ئي سالن کان هميشه موجوده سنڌ حڪومتي پارٽيءَ جو اقتداري قبضو رهيو آهي، جيڪا هن شهر کي پوريءَ سنڌ وانگر ڪالوني طور هلائي رهي آهي، جنهن جي حڪمرانيءَ جو انداز سنڌ اندر انتهائي فرسوده نموني جو آهي، جنهن سنڌ جي ماڻهن کي حقير بڻائي سندن راءِ يا بهتر خواهشن جا ڳلا گهٽي ڇڏيا آهن.
ٽنڊو غلام حيدر شهر، جيڪو مالي وسيلن سبب اڄ جي دور ۾ پتاشي جهڙو اڇو ۽ مٺو ته آهي، پر هن شهر جي حالت هاڻي ڦٽل ٽٽل سڙيل ٽائرن جي ڪاري دونهين جهڙي بڻيل آهي، جنهن ۾ هتان جي لکئين ماڻهن جون اميدون خواهشون ۽ شهر جي ترقي سڙي ڳري ڌپ ڪري وئي آهي ۽ هتان جو ماڻهو اهڙي ماحول ۾ ٻوساٽجي ته پيو پر پنهنجي شهر جي مالڪي لاءِ هڪ وک به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ هن شهر جي حالت ڪيئن سڌرندي ۽ ڪير سڌاريندو؟ جيڪڏهن هن شهر جو ماڻهو ساڳئي شهر جي حالت سڌارڻ لاءِ ڪنهن معجزي جو منتظر آهي ته پوءِ هو بس پنهنجي بيوسيءَ جا هميشه جيان خالي ڳوڙها ڳاڙيندو رهي، ڇو ته ڳوڙها ڳاڙيندڙن جي تاريخ ۾ رڳو شڪست هار ئي لکيل هوندي آهي سوڀ ڪاميابي ۽ جيت انهن جي رهي آهي، جن وقت جي ڏکين حالتن سان ٽڪر کائي تدبيرن سان تقديرن جا فيصلا ڪيا آهن. اڄ هن شهر جي هر ماڻهوءَ جي چپن تي هڪ ئي سوال رهيو آهي ته هن شهر جو هاڻي ڇا ٿيندو؟ پر ڪنهن وٽ به اها سوچ ناهي ته اچو ته هن شهر جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ملي ڪري سڀئي گڏجي هڪ مضبوط پليٽ جوڙي هر فرضي ڪم ڪار نيڪ نيتي سان ادا ڪريون ۽ ڪنهن وڏي ذميواري کڻڻ لاءِ اڳتي اچي هن برباد شهر کي دوباره آباد ڪريون اڪثر اسان وٽ اها سوچ حاوي رهي آهي ته هتي ڪو ٻيو اچي اسان جا ڪم ڪري ۽ اسان کي هن گندگي مان ڪڍي اڇو اجرو ڪري پر هن شهر جو ماڻهو اهو وساري ويٺو آهي ته ڪابه بهتري سندن سچائي ساٿ کانسواءِ ممڪن ناهي. اڄ هو جنهن گندگيءَ ۽ ابتريءَ جو شڪار آهن، انهن جا ذميوار به هو پاڻ آهن، جيڪڏهن هن شهر جي ٽي لک کان مٿي آبادي مان ڪجھ هزار پرسنٽ ماڻهو به سچائي سان چاهين ته هي شهر اڄ به مثالي ترقي ڪري سگهي ٿو. هتي چاهڻ لکڻ مان مراد صرف سوچڻ ۽ ڳڻتي ڪرڻ هرگز ناهي، انهن کي شهر جي موجوده برباديءَ جي بنيادن تي هڪ ٿي بنا ڪنهن سياسي فرق ۽ ٻين نفرتن جي ڪٺو ٿي نج شهر جي مالڪي وارثيءَ جي بنياد تي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏجي مضبوط جدوجهد عملي تحريڪ هلائڻي پوندي ۽ پوء آخر هڪ ڏينهن ان ئي مضبوط جدوجهد جا نتيجا ئي هن شهر جي مثالي ترقيءَ جا بنياد وجهندا
هتي وري سوال اهو به عام ماڻهوءَ جي ذهنن ۾ ڦرندو هوندو ته هيترين سارين سياسي ۽ شهري تنظيمن باوجود به آخر هن شهر جي حالت ڇو نه پئي سڌري؟ ۽ ان مان ثابت ٿي وڃي ٿو ته شايد اهي سموريون جماعتون ڀلي گڏ هوندي به يقينن پنهنجي ذميوارين کان پري بيٺل آهن ۽ پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به بهتر نتيجا نه ڏئي سگهيون آهن. اڃا ويتر هي شهر بدحاليءَ جي نئين تاريخ رقم پيو ڪري ۽ مشڪلاتون اڳي کان وڌيڪ ڀاري ٿينديون پيون وڃن. اهڙا اتحاد جيڪي شهرن جي ترقي جي نالي تي جڙن ٿا، انهن ۾ موجود ماڻهو پنهنجي ذاتي محرومين تي سوچڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن ۽ انهن ۾ صرف شهر جي نالي تي کوکليون دعوائون جيڪي ڪنهن سکڻي ڪنيءَ وانگر اڀامنديون پيون اچن باقي شهر انهن جي عملي ايجنڊا ۾ ناهي هوندو. هڪ اهڙو شهر، جنهن جي ميونسپل جي پنهنجي سالياني ڪمائي لڳ ڀڳ 180000000 ڪروڙ رپيا هجي، اتي ورهين گذرڻ جي عرصي ۾ به هن شهر تي ٽڪي برابر به خرچ نه ڪيو ويو هجي ۽ ٻيو ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ معدني وسيلن جا آيل فنڊ به بند ڪتاب ٿي ڪرپشن جي ور چڙهي دٻجي ڍڪجي وڃن ته اتي ان شهر جي ڇا حالت هوندي ۽ ترقي يقينن لاچاري ۽ بيوسيءَ جي تابوتن ۾ بند قيدي جيان پيل هوندي، ڇو ته جيڪڏهن سال ۾ هن شهر تي رڳو 4 کان 5 ڪروڙ روپين جو معياري ترقيءَ وٺرائڻ تي خرچ ٿين ته هي شهر ايندڙ ڪجهه سالن ۾ بهتر پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿو، پر هتان جي ڪجھ ماڻهن جي ذاتي غرضن ۽ لاتعلقي واري روش ڪرپٽ سياست کي هٿي ڏني آهي، جنهن سان اهڙين خرابين گهر ڪري ڇڏيو آهي جو وقت جو ڪانٽو تبديل ٿيڻ ڏاڍو مشڪل عمل بڻجي ويو آهي. اڪثر جماعتون يا اتحاد جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ پروگرام يا سرگرمي ڪنديون آهن ته انهن جي مک مهمانن جي لسٽ ۾ اهي ئي ڪرپٽ سياستدان ۽ ڪامورا ئي هوندا آهن، جيڪي هن تباهيءَ جا هر حوالي سان ذميوار هوندا آهن ته پوءِ هن شهر جي حالت ڪيئن سڌرندي؟ اڪثر فورمن تي هتان جي ميونسپل جا مامرا سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سياستدانن جي وس آهر هوندا آهن جنهن سبب ٻي ڪنهن عام ماڻهو يا شهري جي پوء ڪابه ڳالھ نٿي ٻڌي وڃي ته پوءِ اهڙن سياستدانن کي عوامي مئنڊيٽ رکڻ جو ڪوبه حق نٿو پڄي ۽ هو عوام سان ڪيل خدمتن جي واعدن جي تلافي ۾ معافي وٺي اخلاقي بنيادن تي استعيفائون ڏين، باقي هتان جي بي رحم سياست ڪو سرڪش گهوڙو ناهي، جنهن جي لغام سنڌ حڪومت به ڇڪي نٿي سگهي.
جيڪڏهن پاڻ سنڌ جي انهن شهرن ڏانهن نظر ڦيرايون، جتي ميونسپل شهري معاملا هلائي پئي ته اتي به ته ساڳئي نموني جيان ٿوري گهڻي ڀينگ ٿيل آهي. پوء سمجهي سگهجي ٿو ته اتي به شهرن جي حالت ساڳي هوندي، جيڪا هن شهر جي حالت آهي، ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته هن سموري برباديءَ جي ذميوار ”بهترين موجوده سڏجندڙ سنڌ حڪمراني“ آهي، جنهن جي ڪرپشن ۽ اختيارن جي حوس شهرن جون صورتون رونقون بگاڙي برباد ڪري ڇڏيون آهن، جيستائين هن شهر جو ماڻهو سنجيدگيءَ سان گڏجي هڪ ٿي ان گندي گهري سازشي سياست جي رستا روڪ نه ڪندو، جنهن هن شهر جي ماڻهن جي خوابن کي نالن جي گندي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي لوڙهي ڇڏيو آهي، تيستائين هن شهر جا مسئلا به گندي پاڻيءَ ۾ ٻڏندا ۽ غوطا پيا کائيندا. ٻي طرف هن شهر جي نڙيءَ تي چند سياسي بنگلن جي لت ڏنل آهي، جتي اليڪشني موسم ۾ ماڻهن جي ”خريد وه فروخت“ جي منڊي لڳل هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوڙا آسرا ۽ ڏٽا ڏئي ۽ ڪجهه نوٽن تي ووٽ ورتا ويندا آهن ۽ اسان جو اڪثر لالچي طبقو پنهنجي ضميرن جا سودا ڪري اٻوجه ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي انهن کان سياسي ڀوتارن کي ووٽ وٺي ڏيندو آهي ۽ بعد ۾ اهو طبقو ڀوتارن کان نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون وٺي پنهنجي قسمت چمڪايو ويٺو آهي ۽ هن شهر جي ماڻهوءَ جي حالت هارايل جواري واري ٿي چڪي آهي، جيڪو ”هتان واري سياست“ ۾ هر ڀيري اميدن ڪاميابين بجاء هار ئي پنهنجي نصيب ۾ لکيو ويٺو آهي، جيستائين هن شهر جو ماڻهو پنهنجي بد قسمتي جي پتن کي ساڙي موجوده سياست خلاف نيڪ نيتي سان سندرو ٻڌي سچائي سان سڌو ٿي نه بيهندو، تيستائين هي مجرمن واري سزا پيو ڀوڳيندو.
هيءَ دنيا جي اها انوکي جمهوريت آهي جيڪا ايمانداريءَ کان انتقام وٺندي آهي ۽ بي ايمانيءَ کي پنهنجي مٿي سر تي چاڙهيو ويٺي آهي، جنهن هن شهر جي قسمت ۾ شايد رڳو کنڊر، کڏا کٻا ۽ گٽرن جو گندو پاڻي ئي لکي ڇڏيو، جنهن ۾ هن شهر جي سونهري رونق قديمي آثار وقت جي تاريخ جي پنن جا حرف مٽجي مسخ ٿي رهيا آهن ۽ تاريخ ۾ اهو لکيو ويندو ته هڪ روشن شهر جي عظمت گٽرن جي گندي پاڻيءَ ۾ ميسارجي ختم ٿيندي وئي ۽ پر افسوس هتان هن شهر جا ماڻهو ڪجهه شوق ۽ ڪجهه بيوسيءَ سان اهو لقاءُ ڏسندا رهيا، هن ڍونگي سياست جا عذاب سالن کان مقامي شهري توڙي سموري عوام ڀوڳي برباد ۽ بيزار ٿي وئي آهي. هي سياستدان ڪوڙي سياست جي ڪرت ۾ پورا آهن لڳل آھن، هنن جا رسمي طور هتي گهر موجود آهن، اهي جيڪي اليڪشني ڏينهن ۾ 24 ڪلاڪ روشن رهندا ۽ اليڪشن گذرڻ کانپوءِ اهي ڀوت بنگلن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، انهن جو اولاد هن شهر جي ٽٽل ڦٽل رستن ۽ بيمار ڳلين مان ناهي گهمندو، انهن ڳلين ۾ ته اسان جي اولاد جو مقدر پيرين اگهاڙي ڌڪا ٿاٻا ٺوڪرون کائيندو رهندو آهي. هي ته اليڪشن کي به تاش جي پتن وانگر کيڏڻ جا عادي آهن، جنهن ۾ عوام غلام ۽ هي بادشاهه بڻجي ان کي ڪٽيندا سٽيندا رهن ٿا ۽ اسان جي خاموشي ۾ ئي هنن جي سياست جي حياتي شامل آهي. ياد رکو! جيڪڏهن هنن جي سياست اڃا وڌيڪ عرصو قائم رهي ته برباد ٿيل شهر جا بچيل ماڻهو به خيرات وٺڻ تي مجبور ٿي ويندا. تاريخ جي نراڙ تي جهومر بڻيل هي شهر بيرحم سياست جي بدصورت بيواهه جهڙو بڻجي ويو آهي جنهن کي سڌارڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاء تعلقي جي هر ننڍي وڏي شهري سميت سموري عوام کي پنهنجا حق وٺڻ لاء جياپي جي جنگ جو باقائده آغاز ۽ اعلان ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ڪجھ نه ڪجھ حاصل ٿيندو










